ليکڪ توفيق لنڊ
پاڪستان جي سياست هاڻي سياستدان لا۽ تجارت بڻجي وئي آهي، هر ملڪ آئيني اصولن جو پيروڪار آهي پر هت سياسي درجه حرارت تيز آهي. سياستدان عوام لا۽ ڇا سوچيندا؟ جٿ ملڪ جا ٻه اعلي سپريم ادارا سياسي لڙائي ۾ ڪنهن سگهاري قوتن جي ڊڪٽيشن مطابق هلن هڪڙي پاسي وفاقي حڪومت اقتدار ۾ رهڻ لا۽ ۽ اپوزيشن جي هر سياسي چالن کان پاڻ بچائڻ لا۽ هر انهي قدم خلاف قانون ٺاهيندا آهن پر اپوزيشن پاران حڪومتي ڌر پاران پاس ڪيل هر قانوني پوزيشن کيي عداليه ۾ وڃي چئلينج ڪيو وڃي ٿو جنهن سبب ڪٿي به آئين جي پاسداري نظر نه پيو اچي ملڪ جي معشيت تباه مهانگائي جي طوفان ۾ عوام جون دانهون آهن پر سياسدان نئون پاڪستان ۽ پراڻي پاڪستان جو نعرو هڻي ملڪ ۾ آئيني بحران پيدا ڪرڻ جو ٺيڪو کنيو آهي آئيني ادارن جو تقدس پائمال ڪيو پيو وڃي ٻن مقدس ادارن کي پاڻ ۾ ٽڪرايو ٿو وڃي هڪ پاسي پي ڊي ايم پارليمانٽ جي ڳالھ ڪري پئي ٻئي پاسي عدليه سڳوري آئين جي بالادستي قائم ڪرڻ لا۽ سياسي ڌرين کي قائل ڪري رهي آهي عوام جو سوچيو ملڪ جو سوچيو ملڪ ۾ هي سڀ ڪجھ فساد صرف اليڪشن جي ڪري ٿي رهيو آهي پر اقتدار ۾ ويٺل ڌر نٿي چاهي ته اليڪشن ٿئي سياسي ڌريون جيڪڏهن آئين جي بالادستي حقيقي جمهوريت ڪرڻ چاهين ٿا ته عوامي طاقت ذريعي اقتدار ۾ ايندڙ حڪومت آئين مطابق پنج سال پورا ڏنا وڃن ته هي آئيني مسئلو پيدا ٿيندو جيڪڏهن حڪومت ناڪام پاليسن مطابق اقتدار هلائي رهي آهي ته ان جو اهيو آئيني اصول ناهي ته حڪومت کي گهر بيڙو ڪرڻ لا۽ سازشون جوڙي جيڪي آئين جي خلاف عوامي مفادن جي خلاف معشيت جي خلاف هجن اتي اپوزيشن سرڪار غير زميوارنه سياسي راند نه کيڏي هن وقت جيڪا عوام ۽ ملڪي اثرات ۾ معشيت جو ٻيڙو غرق بک بدحالي بيروزگاري، مهانگائي، آئين جي خلاف ورزي آهي سڀ ڪجھ سياسي حڪمرانن جا پنهنجا عمل آهن مغربي ملڪ ڏينهون ڏينهن ملڪ جي معشيت ۽ عوام جي ڀلائي لا۽ سوچن پيا ۽ ترقي طرف گامزن ٿي رهيا آهن اسان جي ملڪ ۾ سياسي ڌرين کي نه عوام جو فخر نه ملڪ جو فخر بس اقتدار واري ڪرسي تي قبضو ڪرڻو آه ملڪ جو بس ٻيڙو غرق ڪرڻو آه هن وقت ملڪ جي موجوده صورتحال انتهائي گهمڀير آهي هڪ پاسي عدليه هڪ پاسي پارليامينٽ ۽ٻئي حڪومت ۾ ويٺل اهي سياسي ڌريون جيڪي طويل مدت تائين ملڪ ۾ حڪومت ڪرڻ چاهين ٿا 2018۾ اقتدار ۾ ايندڙ پي ٽي آئي سرڪار کي عوام چونڊيو يا آندو ويو اهو هن وقت ظاهر آه سياسي طاقت جو سرچشمو عوام آهي ۽ عوام هن وقت اڪثريت مطابق عمران خان سان گڏ آهي 2018۾ پهريون دفعو اقتدار ۾ ايندڙ عمران حڪومت 3سال سندس گورنمينٽ رهي پر پنج سال آئين مطابق رهي پيو سگهيو پر آئين ۾ اهيو به واضع آه ته پارليامينٽ ان حڪومت کي گهر بهيڙو به ڪري سگهي ٿو پر ان ڳالھ جي ذڪر مٿي ڪري آيا آهيون ته سياستدان اقتدار واري ڪرسي کانسوا۽ شايد گهڻو عرصو ٻاهر رهي نٿا سگهن اپوزيشن ۾ رهڻ سياستدانن کي نٿو اچي ان جو سبب اهيو آه ته ڪجھ سياسي ڌرين کي عوام جو احساس ناهي پر پنهنجي اقتدار جي حاصلات لا۽ اقتدار جو بک اندر ۾ هوندو آهي ملڪ ۾ مهانگائي جو بيانو ٺاهي نمبر گيم پلانگ ڪري اپوزيشن ۾ ويٺل سموريون پارٽي اتحاد ڪري عمران سرڪار کي گهر بيڙوڪرڻ لا۽ سندس پنهنجي حڪمراني قائم ڪرڻ لا۽ پي ڊي ايم سرڪار وزير اعظم خلاف پارليامينٽ ۾ بي اعتمادي رٿ آڻي عمران سرڪار کي گهر بيهڙو ڪيو ان بعد ملڪ ۾ ڪٿي به آئين جي پاسداري ۽ معشيت جي بهتري نظر نه آيو بيوروڪريٽ حڪومت مٿان اعتماد ختم ڪري ڇڏيو قانون جي پاسداري ختم پنجاب صوبي ۾ عمران خان جي گورنميٽ برقرار رهيو پر اتي به اپوزيشن سرڪار وزيراعلي خلاف بي اعتمادي رٿ آندو اتي به ڪامياب ٿي ويا پر هي سسٽم ملڪ کي تمام غير فعال بڻائي ڇڏيو خيبرپختونخواه ۾ عمران سرڪار جي حڪومت هئي گلگت بلستان ۾ سندس حڪومت هئي عمران سرڪار ان عمل جي خلاف پنهنجي عوام کي روڊن تي ڪڍي آيو جنهن سبب ملڪي حالتون وڌيڪ خراب ٿي ويون ڪجھ قوتن وري عمران سرڪار کي شايد پنجاب ۾ حڪومت ڪرڻ جو موقعيو ڏنو ق ليگ جيڪا پنجاب صوبي ۾ عمران خان سان اتحاد ڪيو ۽ عمران سرڪار پي ڊي ايم سرڪار جي اميدوار حمزه شهباز جيڪو عثمان بزدار کانپو۽ وزير اعلي پنجاب ٿيو ان خلاف وري عمران سرڪار بي اعتمادي رٿ آندو جٿ عمران سرڪار ڪامياب ٿي ويو اتحاد ڪندڙ جماعت ق ليگ جي اڳواڻ پرويز اللي کي وزير اعلي منتخب ڪيو حالتون خراب ٿيندا ويا ڪٿي به قانون جي بالادستي قائم نظر نه پيو اچي فيڊرل ڪابينه پي ڊي ايم سرڪار جو صوبائي ڪابينه عمران سرڪار جو ڪٿي به آئيني اصول نظر نه ايندا هئا جنهن سبب ڪجھ قوتن ان سسٽم کي ختم ڪرڻ لا۽ عمران سرڪار کي پنجاب اسيملبي ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلي ٽوڙي ملڪ ۾ ٻيهر اليڪشن ڪرائڻ جو وچن ڪيو عمران سرڪار ان عمل کي پنهنجي مفاد ۾ سوچيو ڪئين به سوچيو بر حال ٻنهي صوبن ۾ اسيملبيون ٽوڙي ڇڏيون نگران سيٽ اپ ٺاهيو ويو ان ۾ به پنهنجي پلان روٽ مطابق پي ڊي ايم سرڪار ٻنهي صوبن ۾ گورنر ۽ وزير اعلي پنهنجا ماڻهون وڃي نامزد ڪيا جئين ئي ننگران سيٽ اپ ٺهيو ته عمران سرڪار خلاف انتقامي ڪاروايون تيز ٿي ويون ملڪ جي اڳوڻي وزير اعظم خلاف 100کان مٿي ڪيس داخل ڪيا ويا عمران سرڪار جي پاپولرٽي وڌي ويو عمران سرڪار پوري مرڪز ۾ حڪومت کي پريشان ڪيو آه ملڪ ۾ اليڪشن ڪرائڻ لا۽ ملڪ ۾ آئين مطابق اليڪشن ڪرائڻ لا۽ عدالت سرڪار به ميدان ۾ اچي وئي سوموٽو وٺي حڪومت کي ملڪ ۾ اليڪشن ڪرائڻ جو پاپند ڪري ڇڏيو پر اها گورنمينٽ عمران سرڪار جي پاپولرٽي ڏسي اليڪشن کان پڄي رهي آهي ۽ سپريم اداري جي حڪمن کي به هوا۽ ۾ اڏاري ڇڏيو جيڪا توھين عدالت آه اهڙا بل اسيمبلي ۾ پاس ڪرايا ويا جنهن ۾ سپريم اداري جا اختيارات گهٽائڻ چيف جسٽس پاران سوموٽو واري وٺڻ واري بيان کي به ختم ڪرڻ لا۽ قانوني بل پاس ڪرايا ويا آهن پر عدالت سڳوري به قانون جي بالادستي قائم ڪرڻ لا۽ حڪومت کي هر آئيني طريقي سان اليڪشن ڪرائڻ لا۽ چٽو موقف ڏئي ڇڏيو ته هر صورت ۾ آئيني حيثيت مطابق اليڪشن وقت تي ٿيندا پر پي ڊي ايم سرڪار هر اداري کي پنهنجي قبضي هيٺ ڪري ڇڏيو اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جنهن کي آئين جو پاسداري ڪرڻ گهرجي ملڪ ۾ آئيني طريقي سان صاف شفاف اليڪشن ڪرائڻ سندس زميواري آه پر اليڪشن ڪميشن به حڪومت جي ڏنل ڊڪٽيڪشن مطابق ۾ ملڪ ۾ اليڪشن ڪرائڻ لا۽ حامي نٿي ڀري ڪنهن وقت سيڪيورٽي جو مسئلو ڪنهن وقت پئسن جو جواز ڄاڻائي سپريم اداري کي به گمراھ ڪري رهي آه ته ملڪ ۾ اليڪشن تڏهن ممڪن آه جڏهن خزاني ۾ رقم سيڪيورٽي جو مسئلو بهتر هجي ته اليڪشن ٿي سگهي ٿو سپريم ادارو پنهنجي قانوني رٽ قائم ڪرڻ لا۽ صوبا پنجاب ۾ اليڪشن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو پر پي ڊي ايم سرڪار هن بيان ۾ قائم آهي ته اليڪشن پنجاب نه پوري ملڪ ۾ هڪ ئي وقت ٿيڻ گهرجي پر ڇا اهيو ممڪن آه ؟ جيڪا حڪومت ٻن صوبن ۾ ننگران حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ بعد به اليڪشن نٿي ڪرائي سگهي ڇا حڪومت آڪٽومبر ۾ اليڪشن ڪرائي سگهي ٿي هن بيان ۾ پي ٽي آئي سرڪار پنهنجي ضد ۾ قائم آهي ته اليڪشن وقت مطابق ٿئي حڪومت سياسي ڊائلاگ لا۽ اپوزيشن کي دعوت ڏني آهي ته بجا۽ خوار ڪرڻ کان ويهي ڳالهيون ڪجن متفق طور هڪ وقت مقرر ڪيون جئين سڄي ملڪ ۾ فئير اليڪشن ٿئي اهڙي درخواست ڪورٽ سڳوري ۾ داخل ٿيو آه جنهن ۾ عدليه سڳوري سياسي پارٽين جي سربراهن کي نوٽيس جاري ڪري عدالت ۾ بيان ريڪارڊ ڪرڻ جو چيو آهي ڪورٽ سڳوري پنهنجي بيان ۾ اهيو به چيو آهي ته جيڪڏهن سياسي ڌريون پاڻ ۾ نٿيون ٺهن ته اسان آئين کي برقرار رکنداسين ۽ شيڊول مطابق پنجاب صوبي ۾ 14مئي ته اليڪشن ڪرائينداسن حڪومتي ڌر آڪٽومبر ۽ پي ٽي آئي سرڪار 14مئي ته اليڪشن ڪرائڻ لا۽ پنهنجي بيان ۾ بضد بڻيل آهن جيڪڏهن ڪورٽ سڳوري سياسي ڌرين جي متفق را۽ سان ٽائيم پيرڊ آگسٽ جو مهينو مقرر ڪري ٿي ته ڇا پو۽ پوري ملڪ ۾ گڏيل جنرل اليڪشن ٿيندو ڇا پو۽ پيپلزپارٽي ۽ بي اين پي هن اپريل جي آخر ۾ سنڌ اسيمبلي ،بلوچستان اسيملبي ٽوڙي ٽن مهينن لا۽ ننگران حڪومت ٺاهي گڏيل طور آگسٽ ۾ ملڪ ۾ اليڪشن ڪرائڻ جي حام ڀريندي يا سياسي ڌريون ٽيبل ٽاڪ ۾ متفق نه ٿيون ته ڇا عدليه سڳوري قانون جي پاسداري قائم ڪرڻ لا۽ 14مئي ته پنجاب صوبي ۾ اليڪشن ڪرائيندي.#










