سيڪيورٽي فورسز جي آپريشنز ۾ 11 دهشتگرد مارجي ويا

سيڪيورٽي فورسز جي آپريشنز ۾ 11 دهشتگرد مارجي ويا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخواه ۽ بلوچستان ۾ انٽيليجنس بنياد تي ڪيل ڌار ڌار آپريشنز ۾ 11 دهشتگرد مارجي ويا.
مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويو آهي. ريڊيو پاڪستان سيڪيورٽي ذريعن جي حوالي سان خبر ڏني آهي ته بنون ۾ 2 ۽ وزيرستان جي علائقي لڌا ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا.
جڏهن ته بلوچستان جي خضدار واري علائقي ساسول ۾ ڊرون حملي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو