فيلڊ مارشل جون ايراني قيادت سان مثبت ملاقاتون

فيلڊ مارشل جون ايراني قيادت سان مثبت ملاقاتون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي ايران سان آمريڪا واري جنگ بابت اڳواٽ طئي ٿيل ياداشت (MoU) جي بحاليءَ لاءِ ڳالهيون جاري آهن، جنهن جو مقصد جاري تڪرار جي حل لاءِ راهه هموار ڪرڻ آهي.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس (X) تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته هن فيلڊ مارشل عاصم منير سان گڏجي ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان انتهائي مثبت ۽ نتيجه خيز ملاقات ڪئي آهي.هن ٻڌايو ته ملاقات دوران ايران-آمريڪا تڪرار، وچ اوڀر ۾ ڪشيدگي، آئيندي جي لائحہ عمل ۽ ‘اسلام آباد ايم او يو’ جي بحاليءَ لاءِ ضروري قدم تي تفصيلي گفتگو ٿي. گهرو وزير موجب ايراني صدر پنهنجي حڪومت جو موقف ۽ تحفظات کلي بيان ڪيا، جڏهن ته ڌرين وچ ۾ لاڳاپيل معاملن تي تعميري تبادلو ٿيو. محسن نقوي ٻڌايو ته اجلاس انتهائي خوشگوار ماحول ۾ اختتام پذير ٿيو ۽ اميد آهي ته اها اڳڀرائي خطي ۾ پائيدار امن جي راهه هموار ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو