سعودي عرب جي انا پرستي واري تاريخ جو مختصر جائزو

سعودي عرب جي انا پرستي واري تاريخ جو مختصر جائزو

طفيل مگسي
اڄ ڪلھ جو سعودي عرب صرف هن وقت ئي نادان ناهي بلڪ اهو 1922ء کان بغض معاويه جي پيروي تي عمل ڪندو رهيو هو۔چاڪاڻ ته عرب شريف ۾ 1922ء تائين ترڪي جي حڪومت هئي.جنهن کي خلافت عٽمانيه جي نالي سان سڃاتو ويندو هو۔1922ء کان اڳ سعودي عرب جو نالو سعودي عرب نه بلڪ حجاز مقدس هو۔خلاف عٽمانيه دنيا جي ٽن براعظمن تي 623سال (1299-1922)تائين قائم رهيو۔جڏهن به دنيا ۾ مسلمانن تي ظلم وستم ٿيندو هو ته ترڪي حڪومت ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏيندي هئي۔امريڪا،برطانيه،نصرابي۽ يهودين کي جيڪڏهن سڀ کان وڌيڪ خوف هئو ته اهو خلافت عٽمانيه جي حڪومت کان هو۔امريڪا،يورپ جهڙن کي پتو هو ته جيستائين خلافت عٽمانيه آهي،اسان مسلمانن جو ڪجھ نٿا بگاڙي سگهون۔امريڪا ۽ يورپ خلافت عٽمانيه کي ختم ڪرڻ جي سازش شروع ڪئي۔19صدي ۾ سلطنت عثمانيه ۽ روس جي وچ ۾ ڪافي جنگيون به ٿيون۔چاڪاڻ ته مڪو ۽ مدينو مسلمانن جي ويجهو احترام جي لائق آهن۔ان ڪري سڀ کان پهرين فتنو اتان کان ئي شروع ڪرايون۔امريڪا يورپ سڀ کان پهرين هڪ شخص کي تيارڏڪيو جيڪو ڪرسچيئن هو،اهڙي عربي ٻولي ڳالهائيندو هو ته ڪنهن کي انهيء تي ڪو شڪ نه ٿيو۔هن عرب جي ماڻهن کي خلافت عثمانيه جي خلاف اهو چئي ڪري گهراھ ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ته توهان عربي آهيو ۽ اهي ترڪي عجمي(غير عربي ) آهن۔توهان عجما حڪومت کي ڪيئن برداشت ڪري رهيا آهيو۔پر ماڻهن هن جي هڪ نه مڃي۔اهو شخص ”لارنس آف عريبيا“ جي نالي سان مشهور ٿيو۔پوء وري امريڪا هڪ شخص کي پڻ عثمانيه سلطنت جي خلاف بيهاريو جنهن جو نالو عبدالوهاب نجدي هو۔عبدالوهاب نجدي جي ملاقات عرب جي هڪ سوداگر سان ٿي جنهن جو نالو ابن سعود هو۔هن ابن سعود کي عرب جو حڪمران بنائڻ جي لالچ ڏني۔پوء ابن سعود مڪي،مديني ۽ طائف ۾ ترڪي جي خلاف جنگ شروع ڪري چڏي۔مڪي،مديني شريف ۽ طائف جا لکين مسلمان سعود جي ڌاڙيل فوج جي هٿان شهيد ٿيا۔جڏهن ترڪيء ڏٺو ته ابن سعود اسان کي عرب کان ڪڍڻ ۽ پاڻ عرب تي حڪومت ڪرڻ جي لاء مڪي،مديني ۽ طائف جي بي ڏوهي مسلمانن کي شهيد ڪري رهيو آهي تڏهن ترڪيء عالمي طور تي اهو اعلان ڪري چڏيو ته ”اسان هن پاڪ سرزمين تي قتل وغارت پسند نٿا ڪريون“انهيء سبب کان خلافت عثمانيه کي ختم ڪيو ويو۔جنهن جي سبب کان 40 نوان ملڪ وجود ۾ آيا۔پوء عرب جي مسلمانن جو۽زوال شروع ٿيو۔حجاز مقدس جو نالو 1400 سال جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بدلجي ويو ۽ ڀاڻي ابن سعود حجاز مقدس جو نالو پنهنجي نالي تي سعوديه رکي چڏيو۔‏۽ ان فتني جو ذڪر حديثن۔۾ به ملي ٿو ۽ انهيء سبب کان حضور اڪرم ﷺ سعودي عرب جي شهر نجد جي باري ۾ دعا نه گهري هئي۔انهيء نجد ۾ ا عبدالوهاب نجدي جنم ورتو جنهن سان انگريزن هڪ نئين مذهب جو بنياد وڌو ۽ اهوئي شهر مسيلمه ڪذاب جي جنم جو پڻ هنڌ آهي۔ليڪن۔سڄي دنيا جي مسلمانن جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي لاء انگريزن ان”نجد“ شهر جو نالو به تبديل ڪري ”رياض“ رکي چڏيو جيڪو اڄ ڪلھ سعوديه جي گادي جو هنڌ آهي۔جنت البقيع ۽ جنت المعلي ۾ اصحابي سڳورن ۽ اهل بيت عليهمالسلام جي مزارن تي بلڊوز هلايو ويو ۽ سمورن قبرن جي بيحرمتي ڪندي انهن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو۔ (بدقسمتي سان اڄ به ڪيترائي مسلمان هن قبرن کي سنت جي مطابق سمجهن ٿا حالانڪ 1922 کان اڳ۽اهي اهڙيون نه هيون)حرم شريف جي جن دروازن جا نالا اصحابن ۽ اهل بيت جي نالي تي هئا انهن جو نالو آل سعود جي نالي تي رکيو ويو۔انگريزن پنهنجي انهيء سازش جي ڪاميابي تي 1962ء ۾ بالي ووڊ ”لارنس آف عربيا“ جي نالي تي فلم به ٺاهي ۔جيڪا ڪافي ڀيرا ڏٺي وئي آهي۔يهودي و نصاري کي عرب ۾ اچڻ جي اجازت ملي وئي۔جنهن ڏينهن ابن سعود عرب جو بادشاھ بڻجي ويو۔ان ڏينهن هڪ جشن ٿيو جنهن ۾ امريڪا،برطانيه ۽ ٻين ملڪن جا وزيراعظم ابن سعود کي مبارڪ باد ڏيڻ اچي ويا۔جنهن عرب جي نالي کان يهود و نصاري ڏڪندا هئا اهو سعوديه امريڪا جي اشاري تي نچڻ لڳو ۽ اڄ به رندن سان گڏ نچي رهيو آهي۔يهود و نصاري جي انهيء ناپاڪ سازش جو ذڪر ڪندي۔
”اقبال پنهنجي ڪلام ۾ لکيو آهي۔
“‏وہ فاقہ کش جو موت سے ڈرتا نہیں ذرا
‏روح محمدﷺ اسکے دل سے نکال دو
‏فکر_عرب کو دے کر فرنگی تخیلات
‏اسلام کو حجاز اور یمن سے نکال دو
اڄ به سعودي صرف ايران دشمني جي سبب کان معاهدا ڪندو رهي ٿو باقي هن جا اصل دوست ۽ ڀرجهلا امريڪا و اسرائيل جا آهن۔جنهن جو هو بار بار اظهار پڻ ڪندو رهيو آهي ته منهنجي پسنديده قوم يهودي آهي۔چاڪاڻ ته منهنجي امڙ ايٿوپيا جي يهودي نسل منجهان هئي۔

پهنجو تبصرو موڪليو