آرٽس ڪائونسل ۾ جاري عالمي اردو ڪانفرنس جو ٻيو ڏينهن ، اهم سيشن جاري

آرٽس ڪائونسل ۾ جاري عالمي اردو ڪانفرنس جو ٻيو ڏينهن ، اهم سيشن جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اردو ٻولي جي شروعاتي روحاني شاعري سان ٿي، حمد، نعت، مرثيو، شاعري جي صفت آهن رهنديون پر هي شاعري ادب جي جماليات سان لکڻ ضروري آهي ۽ نعت صرف اردو ٻولي ۾ ئي قائم رهي سگهي جڏهن ته فارسي ۽ عربي ۾ به نعت شريف لکيا ويا هئا حضرت ابو طالب پهرين نعت لکي هئي ۽ پاڻ سڳورن پاڻ نعتون ٻڌيون هيون اهڙن خيالن جو اظهار نالي واري شاعر ۽ دانشور افتخار عارف آرٽس ڪائونسل آف پاسڪتان پاران ڪوٺايل عالمي اردو ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن جي ٽئين سيشن ۾ خطاب ڪندي ڪيو سيشن جي صدارت ۾ ڊاڪٽر عاليه امام به شريڪ ٿي ٻين مقررن ۾ رضوان حسين، محمد طاهر قريشي، عقيل عباس جعفري ۽ ڊاڪٽر عزيز احسن شامل هئا جڏهن ته سيشن جي ميزباني جا فرض عزيزالدين خاڪي نڀايا افتخار عارف چيو ته 20هين صدي ۾ حمد، نعت ۽ مرسيو شاعري جا هزارين شاعر پيدا ٿيا ۽ انهن اولهه جي ان تنقيد کي ختم ڪري ڇڏيو ته مذهبي شاعري، شاعري نه آهي شاعري کي پهريان ته ادب جي معيار تي لهڻ ضروري آهي جيڪو شعر لکندو ۽ جماليات تي پورو نه لهندو مان ته ان کي شاعر نٿو مڃان هن چيو ته صرف 50 سالن ۾ هزارين مرسيا لکيا ويا آهن اها ڪهڙي صنف آهي جنهن ۾ ايتري تخليق ڪئي وئي هجي ان لاءِ حمد نعت ۽ مرثيي جي شاعري هميشه رهندي سيشن کي خطاب ڪندي رضوان حسين چيو ته الله ۽ الله جي رسول صلعم معاشي معاملن ۾ مسلمانن جي گهڻي رهنمائي ڪئي آهي حلال رزق تي زور ڏنو ويو هو قرض کي ناجائز قرار ڏنو هو زڪوات کي انساني خدمت جو شرعاتي نقطو قرار ڏنو هو اسلام جي فلاحي رياست جو اهو اصول جنهن سان اڄ اولهه رونق ۾ آهي اسان وٽ هي اصول 1400 سال اڳ موجود هو اسلام جو هي اصول رياست مديني ۾ لاڳو ڪيو ويو هو پاڪستان ۾ هي سوال ته اٿيو ته بئڪنگ نظام جائز آهي يا نه پر پاڪستان ۾ فلاحي نظام قائم نه ٿي سگهيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو