سنڌ جي ترقي ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ، ڀوتار بازي ۽ وڏيرا شاهي!

ليکڪ سيد زوار حسين شاهه
پاڪستان سميت ٻين صوبن جيان سنڌ م نرالا فيصلا ڏسي رهيا آهيون جتي غريب ماڻهن کي چٿيو ويندو آهي ،.غري ئي جيلن ۾ به ويندو ته ڪوڙا ڪيس به داخل ٿيندا ، پبرحال مان سمجهان ٿو ته پاڪستان مان هاڻ وڏيرڪي شاهي ختم ٿيڻ جا ڏينهن اچي ويا آهن جهڙي طرح هڪ ئي صوبي ۾ ٽي ٽي قانون آئين حاڪمن جي حڪمران ٿي رهي آهي جهڙي طرح غريب پريشان آهي ڪنهن کان لڪيل ناهي ، جيڪڏهن سنڌ جي اڪٿر سرڪاري ادارن م خاص رتائرڊ ٿيندڙ ملازمن جي بقاياجات مرعاتن جي ڳالهه ڪيان ته ڪيترائي بزرگ رت روئين پيا ، جڏهن ته سنڌ حڪومت به اهڙو اعلان ڪري ڇڏيو اهي ته اسان وٽ ڪجهه ڪونهي ، اسان رتائرڊ ملازمن کي ڪٿان پيسا ڏيون ، اهڙي اعلان بعد اڪثر سنڌ جي ڪيترن ئي ادارن جي انهن ملازمن جيڪي رٽائرڊ ٿي رهيا آهن انهن جي گهرن ۾ فاقه ڪشي جهڙي صورت هال آهي ، معصوم باررا ، بزرگ بيماري سبب بک مري رهيا آهن پر انتهائي افسوس جي ڳالهه اها به آهي ته سياستدان جن غريب اٻوجهن سنڌ جي ماروئڙن کان نعره هڻائي بار بار ووت حاصل ڪيو آهي پر جڏهن سنڌ اندر خاص طور بارش پئي ، جنهن طرح سان لکين گهر ڪري پٽ ٿي ويا اهي به هن وقت به وڏي امتحان مان گذري رهيا آهن ، جڏهن ته سنڌ م وزيراعلي سديد مراد علي شاه به نادر ڪم ڪري رهيو اهي ، جڏهن ته سرڪاري ملازم جن جي پڻ پگهارون انتهائي گهٽ آهن اهي ته پوء به گذارو ڪن ٿا پر جيڪي ننڊن گريڊ جا ملازم رٽائرڊ ٿي چڪا آهن جيڪڏهن انهن کي پنهنجي پيشن سان گڏ رهيل پيسا به نه ملندا ته پوء هو ڇا ڪري پڇا هو پوء جمهوريت جا گيت ڳائيندو ، مان سمجهان ٿو ته پوء هو باغي ٿي ويندو ، پوء ان کي پوليس پڪڙي لاڪپ ڪندي ، هي سنڌڙي آهي هتي هڪ ئي صوبي ۾ ٽن قسمن جا قانون آهن ، امير ماڻهون آرام ڪن غريب ۽ مڊل ڪلاس ماڻهون پريشان هوندا ، جڏهن انهن جي پگهار بند ڪئي وڃي ته ڪٽوتي ڪئي وڃي جصيئن سنڌ جي ٻين ٽائون ڪاميٽيز ، يونين ڪائونسلز ۾ ٿي رهيو آهي ، برحال رٽائرڊ ملازم وڏي امتحان مان گذري رهيو آهي پوء هو باغي ڇو نه ٿين ، ، جڏهن ته سنڌ جي واحد پارٽي پ پ پ آهي جن کي سدائين سنڌ مان ئي ووٽ ملندو رهيو آهي ، پر پوء به سنڌ سرڪار تڪليفون به ان غريب کي ئي ڏينديون اٽو لٽو ۽ اجھي جو نعرو ھڻندڙ شھيدن جي پارٽي پ پ جي دور ۾ ھڪ طرف بک بي روزگاري تيزيءَ سان وڌي رھي آھي ته ٻئي طرف سرڪاري کاتي ۾ ڪرپشن جي عروج جو پڙاڏو گونجي رھيو آھي. ظلم جي انتھا اھا آھي ته سنڌ ۾ ٽن سالن کان رٽائرڊ ٿيندڙ غريب ملازم وڏي آزار ۾ آھن. فناس کاتو جنھن جو قلمدان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ وٽ آھي، ھن کاتي پاران سنڌ جي سڀني ضلعن جي ٽريزريءَ کي سنڌ سرڪار جي خزاني ۾ پئسن جي کوٽ ڄاڻائي فند نه پيا ڏنا وڃن، جنھن ڪري رٽائرڊ ٿيندڙ ملازمن کي رٽائر ٿيڻ بعد جيڪا کين 12مھينن جي پگھار ملندي آھي، اھا به نه پئي ڏني وڃي. جڏھن ته کين ڪميونيشن توڙي گريجوئٽي فند به نه پيا ڏنا وڃن. سنڌ جي 23 ضلعن ۾ سال اندر مختلف وقتن تي مختصر رقم رليز ڪئي ويندي آھي، اھا به ايتري جو ھر ضلعي ۾ ٻٽن رٽائر ٿيندڙ سرڪاري ملازمن کي ئي ايل پي آر ڪميونيشن گريجوئٽي ملي سگھي ٿي. ھن وقت سنڌ ۾ جيڪي ھزارين ملازم رٽائرڊ ٿيا آھن، اھي سخت پريشانيءَ واري حالت ۾ ٽريزري جي آفيسن جا چڪر ڪاٽيندا رھن ٿا، جيڪي آفيسر ڪريڊر جا ملازم رٽائر ٿين ٿا، انھن کي ته پرواهه نه آھي پر جيڪي ننڍا ملازم رٽائر ٿين ٿا، اھي سخت پريشان آھن، انھن مان ڪافي اھڙا ملازم آھن، جيڪي سڄي خاندان جي ڪفاليت ڪندڙ آھن. اھڙا ملازم پنھنجي خاندان جي اٽي لٽي لاءِ وياج تي پئسا کڻن ٿا، جيڪي مقرر وقت تي پئسا واپس نه ڪرڻ ڪري مٿن وياج مٿان وياج چڙھي رھيو آھي ۽ ھاڻ ته ھو وياجين کان لڪي رھيا آھن. اھڙا غريب ملازم خودڪشي ڪرڻ جھڙا ٿي ويا آھن. افسوس ان ڳالھ تي آھي ته سنڌ حڪومت وٽ سنڌ حڪومت جي وزيرن مشيرن جي شاھي خرچن، انھن جي پروٽوڪول لاءِ ته پئسا آھن پر رٽائر ٿيندڙ غريب ملازمن جي رٽائرمنٽ لاءِ پئسا نه آھن. افسوس ۽ حيرت ان ڳالھ تي به آھي ته شاھوڪار سنڌ جو عوام، جيڪو ھن وقت بک ۽ بي روزگاريءَ جو شڪار آھي، اھڙي صورتحال ملڪ جي ڪنھن به ٻئي صوبي جي عوام سان نه آھي. سنڌ جيڪا زرعي خطو آھي، جتي سنڌو درياهه، جبل، سمنڊ، باغات، ڪوئلو، تيل گئس، بھترين پٿر ۽ ٻئي معدنيات جا وڏا ذخيرا آھن، ان صوبي جو عوام انتھائي غربت واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھي، جنھن جو سبب پاڪستان ٺھڻ کان وٺي اڻ سڌيءَ طرح پنجاب جي حاڪميت هيٺ رکڻ آهي. غريب ڏينھون ڏينھن غريب، اقتداري شاھوڪار ڏينھون ڏينھن وڌيڪ دولتمند ٿي رھيا آھن. جڏھن ته شاھوڪار سنڌ جا ڳوٺ ۽ ننڍا شھر بنيادي سھولتن کان محروم آھن. سنڌ جي زراعت ترقي ڪرڻ بجاءِ وڌيڪ پوئتي ٿي وڃڻ، ھنرمنديءَ کي سرڪاري سطح تي ھٿي نه وٺرائڻ ۽ ٻيا کوٽ وارا اشو آھن، جنھن جي ڪري شاھوڪار سنڌ جو عوام ڏينھون ڏينھن غريب ٿيندو وڃي. رٽائر ٿيندڙ ملازمن جا تڪڙا ڪيس نه ٿيڻ جون دانھون چونڊيل نمائندن کي ڏئي رھيا آھن، پر افسوس جو سنڌ جي چونڊيل نمائندن ان خلاف ايوانن ۾ آواز نه اٿاريو آھي. سنڌ جا ساڃاھ وند سنڌ جي اقتداري پارٽي، توڙي مخالف ڌر جي چونڊيل نمائندن جي اھڙي خاموشيءَ کي مجرمانه خاموشي قرار ڏئي رھيا آھن. ھي عام مسئلو نه آھي، جنھن کي سنڌ حڪومت عام مسئلو سمجھي ھلائي رھي آھي. ھي انساني حقن جو مسئلو آھي. ھي رٽائرڊ ملازمن جي جياپي جو مسئلو آھي، ان مسئلي کي پ پ جي واڳ ڌڻين، پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير کي بنا دير اوليت جي بنيادن تي حل ڪندي سڀني ضلعن جي ٽريزري آفيسن کي رٽائر ٿيندڙ ملازمن جي حساب سان فند مھيا ڪيا وڃن، جهڙي طرح سنڌ م هاڻ به فيصلا ٿي رهيا آهن انهن يت تعجب ٿي رهيو آهي ، ۽ تعجب ڪرڻ به گهرجي ، صورت هال انتهائي خراب ٿي چڪي آهي ، جڏهن ته هي به اسان سمجهون ٿا ته عوام جي تذليل بعد خاموش رهڻ به ان ظالم يج حمايت برابر آهي ان ڪري مان گذارش ڪندس ته ظالم ڪير به هجي ، ان خلاف آواز اٿارڻ گهرجي ، مان سمجهان ٿو ته رب پاڪ به انهن سان راضي رهي ٿو ، جيڪڏهن اسان توهان ظالم جو ساٿ ڏنو ته ائين سمجهو ته ڄڻ ظالم جي حمايت ڪئي ، ان ڪري مولا علي عليه سلام يج فرمان تي عمل ڪندي جيڪو ظالم ڪير به هجي ان کي سچ چوڻ گهرجي ء۽ هر مظلوم سان ساٿ ڏيڻ گهرجي ، جيڪڏهن اسان ڪوتاهيون ڪرڻ بعد به خاموش رهياسين ڪو سبق حاصل نه ڪيو ته پوء هي زندگي هونء به رب پاڪ جي امانت آهي پوء آخري لمحو سمجهي انهن مظلومن جي حمايت ڪرڻ گهرجي ، جڏهن ته رب پاڪ جي عذاب کان خوڦ کائيندي ، غريبن جي مدد ڪرڻ گهرجي ، جيئن بس رب پاڪ راضي ٿئي بس جڏهن ته وڏيرڪي ختم ٿي انسان سک جو ساهه کڻندو جڏهن ته عام ماڻهون هاڻ سوچي ٿو ۽ چوي ٿو ته سنڌ مان وڏيرڪي ڪڏهن ختم ٿيندي. zawarsaeen110@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو