بيجنگ (م ڊ) افغان مسئلي تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو اربع ڏينهن چيني ميڊيا مطابق اجلاس ۾ چيني نمائندي عالمي برادري تي زور ڀريو ته اها افغانستان جي اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ لاءِ افغان عبوري حڪومت سان عملي طور تي ڳالهه ٻولهه ڪري گڏيل قومن ۾ چين جي نائب مستقل نمائندي گنگ شوال پنهنجي تقرير ۾ چيو ته چين روس پاڪستان ايران ۽ خطي جي ٻين ملڪن سان گڏجي افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ لاءِ منفرد ڪردار ادا ڪرڻ جو منتظر آهي گذريل آگسٽ ۾ پرڏيهي فوج جي اجلت ۾ انخلا سان 20 سالن جي افغان جنگ جي پڄاڻي ٿي ۽ افغانستان پرامن نئين سر تعمير جي نئين مرحلي ۾ داخل ٿي ويو گذريل 20 سالن جي تاريخ هڪ دفعو ٻيهر ثابت ڪيو آهي ته فوجي مداخلت ۽ پرڏيهي ماڊل ڪنهن صورت ڪم نه ايندا افغانستان جي مستقبل ۽ قسمت جو تعين افغان عوام ئي ڪري سگهي ٿو ونگ شوان چيو ته بين الاقومي برادري کي افغان عبوري حڪومت سان عملي طور تي رابطو برقرار رکڻ گهرجي فعال طور تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي تحمل سان رهنمائي ڪرڻ گهرجي اعتماد وڌائڻ گهرجي.










