موٽر سائيڪل سوار برساتن ۾ احتياط ڪن

موٽر سائيڪل سوار برساتن ۾ احتياط ڪن

مير ذوالفقار چانڊيو
برساتن جي موسم ۾ موٽرسائيڪل سوار سڀ کان وڌيڪ حادثن جو شڪار ٿيندا جنهن جو ڪارڻ هو منزل تي پهچڻ جي تڪڙ ۽ لاپرواهي هوندي آهي اڄ ڪلھ پوري ملڪ ۾ چوماسي جي برساتن جي شروعات ٿي چڪي آهي ۽ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سوڌو پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان جي ڪيترن شهرن ۾ گجگوڙ سان برساتن جو سلسلو جاري آهي خاص ڪري بلوچستان ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي رهي آهي اڄ اسان توهان کي ڪجهه اهڙا احتياطي اپاءُ ٻڌائينداسين جنهن کي اختيار ڪرڻ سان ڪافي حادثن کان بچي سگھجي ٿو موٽرسائيڪل سوار ماڻهن جي ڪوشش هوندي آهي ته هو جلد کان جلد منزل تائين پهچن پر ائين ڪرڻ سان حادثن جو خطرو وڌي وڃي ٿو توهان برسات ۾ ڪيڏانهن به وڃي رهيا آهيو، ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته توهان تڪڙ نه ڪريو ٽريفڪ ۾ اڪثر ۽ گھڻو ڪري ائين ٿيندو آهي ته اڳيان واري گاڏي کان توهان جو فاصلو بلڪل ختم ٿي ويندو آهي، ائين هرگز نه ڪريو اڳيان واري گاڏي کان ڪجھ مفاصلو رکو جيئن هو بريڪ لڳائي ته توهان به آرام سان بريڪ لڳائي سگهو، برسات ۾ روڊ رستا آلا خراب هجڻ ڪري فوري بريڪ لڳائڻ موٽرسائيڪل وارن لاءِ خطري کان خالي ناهي برسات ۾ تقريبن 85 سيڪڙو موٽرسائيڪل سوار حادثي جو شڪار سلپ ٿيڻ ڪري ٿيندا آهن ڇاڪاڻ ته تڪڙ ۾ بريڪ لڳائيندا آهن جنهن ڪري ڪنٽرول وڃائي ويهندا آهن ۽ ائين موٽرسائيڪل ڪري پوندي آهي تنهن ڪري سدائين بريڪ آهستي لڳايو ونءَ ته موٽرسائيڪل سوارن کي سدائين هيلمٽ جو استعمال ڪرڻ گھرجي پر برسات ۾ ان کي ضرور استعمال ڪيو جيڪڏهن توهان جي موٽرسائيڪل سلپ ٿي وڃي ته توهان ڪنهن وڏي نقصان کان محفوظ رهو طوفاني برسات ۽ آنڌاري جي ڪري بجلي ٿنڀن جون تارون ٽٽي پاڻي ۾ ڪري پونديون آهن جيڪي اوندھ ٿيڻ تي نظر ناهن اينديون تنهن ڪري ٿنڀن کان پري رهو جيئن توهان جي جان محفوظ رهي سگھي. ڪجهه رستا ۾ پاڻي ۾ ايترا ٻڏل هوندا آهن جو ڏسڻ ۾ ئي ناهن ايندا، توهان کي ان ڳالهه جو اندازو به ناهي هوندو ته ان رستن اندر کڏا يا بنا ڍڪڻ جي گٽر به ٿي سگھن ٿا، انهي ڪري اهڙن رستن تي نه وڃيو نه ته معمولي غفلت توهان لاءِ وڏي پريشاني پيدا ڪري سگھي ٿي موٽر سائيڪل سوارن کي گھرجي ته اھي ڪوشش ڪن ته ھلندڙ برساتن دوران موٽر سائيڪلن تي غير ضروري سفر نه ڪن جيڪڏهن ڪنھن مجبوري ۾ سفر ڪرڻو آهي ته انھن احتياطي تدبيرن کي مد نظر رکندي سفر ڪن جيئن حادثن کان بچي سگھن يا وري ڪنھن وڏي واقعي کان محفوظ بڻجي وڃن بلڪل حقيقت آهي ته ٿورو احتياط ڪرڻ سان انسان ڪنھن وڏي حادثي يا واقعي کان محفوظ بڻجي ويندو آهي اسان سڀني کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته ھر وقت احتياط کان ڪم وٺي پنھنجي زندگي گذارڻ گھرجي جيئن ڪو نقصان سامھون نه اچي سگهي جيئن ھڪ سنڌي چوڻي آهي ته احتياط افسوس کان بھتر آھي جيڪڏھن احتياط قائم ھوندو ته افسوس جو اظهار نه ڪرڻو پوندو

پهنجو تبصرو موڪليو