اسلام آباد(بيورو رپورٽ)انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي (آءِ سي ٽي) جي برآمدات هلندڙ سال جي پهرين 10 مهينن دوران 29.29 سيڪڙو وڌي 2.198 بلين ڊالرن تائين پهتيون آهن، جيڪا گذريل سال جي ساڳئي عرصي دوران 1.7 بلين ڊالر هئي. انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب، ٽيليڪميونيڪيشن، ڪمپيوٽر ۽ انفارميشن سروسز سميت آءِ سي ٽي جي برآمدات ۾ ايندڙ مهينن ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي. هن سال اپريل ۾، آئي سي ٽي جي برآمد واري آمدني 249 ملين ڊالر هئي، جيڪا گذريل سال جي ساڳئي مهيني دوران 193 ملين ڊالر جي مقابلي ۾ 29.02 سيڪڙو جي واڌ آهي.










