مير ذوالفقار چانڊيو سڪرنڊ
حقيقت آهي جيڪا شيءِ انسان جي سھولت لاءِ ھوندي آھي اھا شيءِ ڪڏهن ڪڏهن انسان جي لاء عذاب بڻجي ويندي آهي جيئن سفري سھولت لاءِ مختلف روڊس نيشنل ھاءِ وي موٽر وي مھراڻ ھاء وي لنڪ روڊ عوام جي لاءِ ڪنھن نعمت کان گهٽ نه آھن پر انھن جي مقابلي ۾ اھي ساڳيا روڊ سفري سھولتون عوام لاءِ ڪنھن عذاب کان گھٽ به نه آھن خاص ڪري ڄام شورو کان سيوھڻ نيشنل ھاءِ وي تي روڊ حادثا معمول بڻيل آهن جنهن ۾ غريب مسافرن جي مرڻ جو سلسلو اڄ تائين رڪجي نه سگهيو آهي خاص ڪري ان روڊ تي سفر ڪرڻ وارا مسافر پنھنجي پاڻ کي غير محفوظ سمجهي پنھنجي زندگي موت جي منهن ۾ رکي پوءِ سفر ڪندا آهن ھلندڙ ھفتي پڻ ساڳي خوني روڊ تي ھڪ افسوسناڪ حادثو پيش آيو آهي جنهن ۾ وين ۽ ٽرڪ جي آمھون سامھون ٽڪر ۾ 15 مزدور مسافر فوت ٿي ويا آهن جنهن جو تعلق ڪنڊيارو شھر سان سولنگي ڪلھوڙو برادريءَ سان ٻڌايو پيو وڃي ائين کڻي چئجي ته ھي بدنصيب مسافر پنهنجن ڪکن ۾ ٻچڙن سان عيد ڪرڻ بعد منهنجي غلام وطن جا هي پورهيت، لطيف جي سُر سامونڊيءَ جا هي سامُونڊِي روزگار سانگي ڪراچي وڃي رهيا هئا تہ هن فرعون رياست جي نااهلي سبب ان ئي روڊ تي اڳ به سوين مسافر پنهنجون جانيون وڃائي ويٺا آهن ان روڊ تي مسلسل حادثن جي خاص وجھ سنگل روڊ ھجڻ آهي جنهن جي ڪري حادثا معمول بڻيل آهن وڏي افسوس جي ڳالھ آهي ته ھي روڊ وزيراعلي سنڌ جي تڪ ۾ ھجڻ ڪري گذريل 10 سالن تائين ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو آهي مسلسل ھن روڊ جو ڪم رولڙي جو شڪار ھجڻ ڪري بيگناھ مسافرن جي مرڻ جو سلسلو جاري آهي جنھن سبب ھي ڄامشورو سيھوڻ روڊ سنڌ ۾ ھڪ خوني روڊ بڻجي چڪو آهي جتي ٿوري عرصي ۾ هزارين جانيون اڳ بہ ضايع ٿي چڪيون آهن موجوده حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ مزدور سامُونڊين جون امڙيون ونيون ڀيڻيون ڌيئرون ان آس ۾ هونديون تہ اجهو سندن سامونڊي ڪمائي سُکَ کڻي موٽيا پر هن مظلوم ڌرتيءَ جي بدنصيب ڄاين کي اها ڪهڙي خبر تہ اڄ سندن سينڌ ۾ سِنڌُور بجاءِ مٽي هوندي اھڙي المناڪ حادثي کان پوءِ مون سميت ھر ذي شعور انسان جي ذھن ۾ اھو سوال ضرور گردش ڪندو ھوندو ته آخر روڊن تي ٿيندڙ حادثن جو ذميوار ڪير آهي اھڙا حادثا معمول ڇو بڻيل آهن ؟؟ اھڙي سوال جو سادو جواب زميني حالتن کي ڏسڻ کان پوءِ اھو ٿو نڪري ته روڊ حادثن جو ذميوار حڪومت سان گڏ اھي ڊرائيور حضرات آهن جيڪي جلد بازي تڪڙ ڪري پنھنجي منزل تي پھچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا ھوندا آھن يا وري اھڙا سيکڙاٽ ڊرائيور جيڪي ٻين ڊرائيورن سان مقابلو ڪندي اھڙا حادثا ڪري ٿا ويھن اھڙن واقعن حادثن سميت ھر مسئلي جي ذميواري سنڌ حڪومت تي مڙھڻ کان بھتر آھي تہ زميني حالتن جو جائزو وٺي پوءِ پنهنجي راءِ قائم ڪجي ته بھتر ٿيندو ڇو ته ھر مسئلي جي ذميوار سنڌ حڪومت نه پر ڪجھ پنھنجي گريبان ۾ ڏسڻ وقت جي ضرورت آھي باقي رھي ڳالھ روڊ حادثن جي ذميواري صرف سنڌ حڪومت کي قرار ڏيڻ گھٽ عقل ۽ بغض پ پ پ ٿي سگهي ٿو باقي حقيقت ڪجھ به نه آهي ڇو ته ٻين تي تنقيد ڪرڻ کان بھتر آھي تہ پنھنجي گريبان ۾ ڏسڻ ضروري آهي باقي اھڙو ظلم ان وقت تائين جاري رهندو جيستائين انھن سيکڙاٽ ڊرائيورن کي مالڪ پنهنجي پيارن جا خون بخشيندا رهندا جيڪڏهن اھو قصو ھلندو رھندو ته اھڙا واقعا جنم وٺندا رھندا اھڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ ھر پاسي کان سوچڻو پوندو جيئن بيگناھ مسافرن جي مرڻ جو سلسلو بند ٿي سگھي










