ڪراچي(اسپورٽس نيوز)قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي اڳوڻي اسپنر دانش ڪنيريا جي الزامن تي ردعمل ڏنو آهي. اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ سزا مليل اڳوڻي ليگ اسپنر دانش ڪنيريا الزام لڳايو آهي ته هندو هجڻ جي ڪري اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جو مون سان رويو ٺيڪ نه هو ۽ هو مون تي اسلام آڻڻ لاءِ دٻاءُ وجهندو رهيو. جيو جي درخواست تي عالمي شهرت يافته ڪرڪيٽر شاهد آفريدي دانش ڪنيريا پاران لڳايل الزامن جي ترديد ڪندي چيو ته هو جنهن وقت ڳالهائي رهيو هو ان وقت مذهب کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ۽ هو پنهنجي ڳالهه ڪري رهيو هو ته ان جو ڪردار ڪهڙو آهي؟ شاهد آفريدي چيو ته دانش ڪنيريا اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ ملڪ کي بدنام ڪيو ۽ پنهنجي ڪرڪيٽ ختم ڪئي، مٿس سستي شهرت ۽ پئسا ڪمائڻ جا الزام لڳايا ويا. هن چيو ته دانش ڪنيريا منهنجي ننڍن ڀائرن وانگر هو ۽ مان ڪيترن ئي سالن تائين ڊپارٽمينٽ ۾ ساڻس گڏ کيڏندو رهيس، هاڻي پندرهن يا ويهه سالن کان پوءِ دانش ڪنيريا کي اهي الزام ڇو ياد آيا؟اڳوڻي ڪپتان چيو ته دانش ڪنيريا سان منهنجو رويو خراب هو ته پوءِ هن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ يا حبيب بئنڪ ۾ منهنجي شڪايت ڇو نه ڪئي.
مشهور خبرون










