ون پلس پاران نئون فليگ شپ فون متعارف

ون پلس پاران نئون فليگ شپ فون متعارف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ون پلس نئون فليگ شپ فون، ون پلس 10 پرو چين ۾ جنوري 2022 ۾ متعارف ڪرايو هو. هاڻي هي فون عالمي سطح تي متعارف ڪرايو پيو وڃي جنهن کي پنهنجي فليگ شپ فيچرز سبب 2022 جو بهترين فون قرار ڏنو پيو وڃي. فون ۾ ڪوالڪوم جي نئين Snapdragon 8 Generation 1 اسنيپ ڊريگون 8 جنريشن جو پروسيسر آهي، جڏهن ته اينڊرائڊ 12آپريٽنگ سسٽم ڪمپني جي آڪسيجن او ايس 12 سان ڳنڍيل آهي. هي پهريون ڀيرو آهي جڏهن اوپو ۽ ون پلس جي هن گڏيل يوزر انٽرفيس کي فون جو حصو بڻايو ويو آهي. فون ۾ 5G جي سپورٽ لاءِ سنيپ ڊريگون ايڪس 65 موڊيم آهي ۽ ڪمپني موجب ان سان ڊائون لوڊ جي رفتار 10 جي بي پي ايس تائين پهچي سگهي ٿي (پر ان جو دارومدار نيٽ ورڪ جي اسپيڊ تي هوندو)، جڏهن ته تيز ترين 5 جي اسپيڊ پڻ موجود هوندي.ون پلس 10 پرو  هڪ 6.7 انچ ايل اي ڊي ڊسپلي سان ليس آهي 120 هرٽز ريفريش ريٽ واري هن فون جي بيٽري جي زندگي بچائڻ لاءِ اها شرح 1 هرٽز تائين گهٽائي سگهجي ٿي. فون 8 کان 12 جي بي ريم ۽ 128 کان 256 GB اسٽوريج سان گڏ اچي ٿو.ون پلس 10 پرو ۾ 48 ميگا پڪسل مين ڪيمرا، 50 ميگا پڪسل الٽرا وائڊ ۽ 8 ميگا پڪسل هيزل بالڊ ڪيمرا آهي، جيڪو فوٽو گرافي کي بهتر بنائي ٿو، فون ۾ پويان 3 ڪيمرائن جو سيٽ اپ آھي. فون جي سامهون هڪ 32 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا آهي.ڪمپني جو چوڻ آهي ته 32 منٽن ۾ فون مڪمل چارج ٿئي ٿو، هن جي قيمت 899 ڊالر يعني هڪ لک 65 هزار روپيا آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو