پاڪستان جي نئين فلم جو پهريون پوسٽر جاري

پاڪستان جي نئين فلم جو پهريون پوسٽر جاري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)نئين پاڪستاني فلم ’آر پار‘ پهرين فلمن مان هڪ آهي جيڪا عام ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ پريشانين ۽ مسئلن جي ڪهاڻي ٻڌائي ٿي. فلم، جنهن جي شوٽنگ لاهور، ڪراچي ۽ ننڪانه صاحب ۾ ڪئي ويندي، پروڊيوسر ۽ اسڪرين رائٽر مسعود قادري واعدو ڪيو آهي ته ان کان به گهڻو ڪجهه وڌيڪ ڏيکاريو ويندو. مسعودي قادري هڪ گردن جو ماهر آهي جيڪو آمريڪي رياست ايريزونا ۾ رهي ٿو ۽ ان کان اڳ فلم ساون لکي ۽ پروڊيوس ڪري چڪو آهي. هي اها فلم آهي جنهن کي پاڪستان طرفان 89 هين آسڪر ايوارڊز لاءِ بهترين پرڏيهي ٻولي جي فلم جي ڪيٽيگري لاءِ موڪليو ويو هو. فلم آرپار جو پهريون پوسٽر ڊان اميجز طرفان لانچ ڪيو ويو جنهن ۾ ارم اختر، شميل خان ۽ معمر رانا ليڊ ڪردارن ۾ شامل آهن. هن فلم جي هدايتڪاري پاڪستان جي مشهور فلمي ۽ ڪمرشل سينيما فوٽوگرافر سليم داد ڪئي آهي، جنهن جواني ڦر نهين آني،  ’عبدالله دي فائنل وٽنس‘، ’بلو ماهي‘ ۽ ’مهرالنساءِ‘ ۽ ’لب يو‘ جهڙن فلمن جي فوٽوگرافي ڪري چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو