شاداب خان اچوڪي ون ڊي به نه کيڏندو

شاداب خان اچوڪي ون ڊي به نه کيڏندو

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي جي گوڏي َ جو درد گهٽجي ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهين آفريدي جي ٻي ميچ ۾ کيڏڻ جو فيصلو گرائونڊ پهچڻ کانپوءِ ڪيو ويندو جڏهن ته شاهين آفريدي جو ميچ کان اڳ فٽنس ٽيسٽ به ڪرايو ويندو. بيٽنگ ٽريننگ دوران شاهين آفريدي جي گوڏي تي بال لڳو هو. جنهن سبب کيس پهرين ون ڊي ۾ آرام ڏنو ويو. ٻئي طرف شاداب خان ٻيو ميچ به نه کيڏندو، سندس صحتيابي جو عمل جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو