دادو(رپورٽ عزيزالله خاصخيلي)سماجي تنظيم ٿرديب ڳوٺاڻو ترقياتي پروگرام(سڪسيس) پاران ھنري سکيا حاصل ڪندڙ غريب گھراڻن جي عورتن ۽ مردن ۾ ھنري سامان جون ڪٽون ورھائڻ جي تقريب دادو جي يونٽ خداآباد جي آفيس ۾ ڪوٺائي وئي تقريب ۾ لائيو اسٽاڪ جي ڊپٽي ڊاريڪٽر ڊاڪٽر عبدالعزيز مستوئي، حميرا نور، حارث ڀرڳڙي، مومل ملاح، الھبچايو سمون، اسماعيل ٻگھيو، احمد شاھاڻي، ۽ ٻين شرڪت ڪئي تقريب ۾ آيل خاص مھمانن کي سنڌ جي سوکڙي ٽوپي ۽ اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا جڏھن تہ يونين ڪائونسل پپري ۽ مراد آباد چنہ جي رھواسي سکيا حاصل ڪندڙ 80 کان وڌيڪ عورتن ۽ مردن ۾ ھنري سامان تقسيم ڪيو ويو ان موقعي تي ھنري سکيا حاصل ڪندڙ عورتن سائرہ، فھميدہ، شاھدہ ۽ ٻين تقريب ۾ خطاب ڪندي چيو تہ ھو ٿرديپ ڳوٺاڻو پروگرام (سڪسيس) جي مينجمنٽ جا ٿورائتا آھن جو پٺ پيل علائقن ۾ سندن کي بيوٽي پارلر، ۽ ٽيلر ماسٽر، ڀرت ڀرڻ، رليون ٺاھڻ سميت مختلف ھٿ جي ھنر جي مفت ۾ سکيا ڏني جنھن بعد ھو گھر اندر ئي ھٿ جي ھنر جو ڪم ڪري سٺي آمدني حاصل ڪري گھر جو گذر سفر ڪن ٿيون تقريب ۾ سماجي تنظيم جي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ ٿرديپ ڳوٺاڻو ترقياتي پروگرام(سڪسيس) ھن وقت دادو ضلع جي مختلف 66 يونين ڪائونسل ۾ سروي تحت غريب گھراڻن جي مالي توڙي سماجي مدد ڪري ٿي ھنن چيو تہ ٿرديپ سماجي تنظيم جي مئنيجمينٽ ھميشہ غريبن جي مدد ڪندي رھندي تہ جئين ھر غريب گھراڻو پنھنجي مدد پاڻ تحت گھر جو سٺو گذر سفر ڪري سگھن.
ايوب جو لاش ڪڍي ڦاسي ڏني وڃي،خواجه آصف
ڊي جي آءِ ايس پي آر جي سياسي پريس ڪانفرنس رد،9 مئي بهانو هيو
وطن خاطر جان قربان ڪرڻ کان وڌيڪ ڪا عظيم شئي ناهي: آرمي چيف
ايڪشن ڪميٽي جا مطالبا منظور، بجلي ۽ اٽي جي قيمتن ۾ لاٿ،احتجاج جاري
آرمي چيف کي خط لکڻ جو فيصلو،مروت سعودي وفد خلاف ڳالهايو
77 اضافي مخصوص سيٽون معطل، نوٽيفڪيشن جاري
نان فائلرز جي موبائل بيلنس مان 100 مان 90 روپيه ٽيڪس ڪٽوتي جو فيصلو
وزيراعظم شهباز شريف پارٽي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي
ايس ايڇ اوز ٻاهر نڪرن ۽ علائقن کي محفوظ بڻائين: لنجار
منظور ويٽو خاندان سميت پيپلز پارٽي ۾ شامل
لڪي مروت ۾ آپريشن، پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جا 2 دهشتگرد مارجي ويا
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي،انڊيڪس 74 هزار جي حد پار
ڳالهيون ڪامياب ٿينديون، پاڪستان جي مدد جاري رهندي: مشن چيف
پي ٽي آءِ جو آزاد ڪشمير ۾ احتجاج ڪندڙن جي حمايت جو اعلان
آزاد ڪشمير جي مسئلن جي حل لاءِ 3 ارب رپين جي منظوري
ڪڻڪ اسڪينڊل، ايم ڊي ۽ جي ايم پاسڪو معطل،ايپ تيار ڪريو
حساس ۽ ڳجهي معلومات ظاهر ڪندڙن خلاف ڪاراوئي جو فيصلو
سنڌ جي عوام لاءِ انقلابي قدم کڻي رهيا آهيون، شرجيل ميمڻ
هٿيارن جي نمائش ڪندڙ 5 سيڪيورٽي گارڊ گرفتار
امتحانن دوران لوڊشيڊنگ جو نوٽيس،بنا وقفي بجلي ڏيڻ جو حڪم