ڳوٺاڻي عورتن جي هنري سکيا ۽ ڪِٽس ورهائڻ جي تقريب

دادو(رپورٽ عزيزالله خاصخيلي)سماجي تنظيم ٿرديب ڳوٺاڻو ترقياتي پروگرام(سڪسيس) پاران ھنري سکيا حاصل ڪندڙ غريب گھراڻن جي عورتن ۽ مردن ۾ ھنري سامان جون ڪٽون ورھائڻ جي تقريب دادو جي يونٽ خداآباد جي آفيس ۾ ڪوٺائي وئي تقريب ۾ لائيو اسٽاڪ جي ڊپٽي ڊاريڪٽر ڊاڪٽر عبدالعزيز مستوئي، حميرا نور، حارث ڀرڳڙي، مومل ملاح،  الھبچايو سمون، اسماعيل ٻگھيو،  احمد شاھاڻي، ۽ ٻين شرڪت ڪئي تقريب ۾ آيل خاص مھمانن کي سنڌ جي سوکڙي ٽوپي ۽ اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا جڏھن تہ يونين ڪائونسل پپري ۽ مراد آباد چنہ  جي رھواسي سکيا حاصل ڪندڙ 80 کان وڌيڪ عورتن ۽ مردن ۾ ھنري سامان تقسيم ڪيو ويو ان موقعي تي ھنري سکيا حاصل ڪندڙ عورتن سائرہ، فھميدہ، شاھدہ ۽ ٻين  تقريب ۾ خطاب ڪندي چيو تہ ھو ٿرديپ ڳوٺاڻو پروگرام (سڪسيس) جي مينجمنٽ جا ٿورائتا آھن جو پٺ پيل علائقن ۾  سندن کي بيوٽي پارلر، ۽ ٽيلر ماسٽر، ڀرت ڀرڻ، رليون ٺاھڻ سميت مختلف ھٿ جي ھنر جي مفت ۾ سکيا ڏني جنھن بعد ھو گھر اندر ئي  ھٿ جي ھنر جو ڪم ڪري سٺي آمدني حاصل ڪري گھر جو گذر سفر ڪن ٿيون تقريب ۾ سماجي تنظيم جي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ ٿرديپ ڳوٺاڻو ترقياتي پروگرام(سڪسيس) ھن وقت دادو ضلع جي مختلف 66 يونين ڪائونسل ۾ سروي تحت غريب گھراڻن جي مالي توڙي سماجي مدد ڪري ٿي ھنن چيو تہ ٿرديپ سماجي تنظيم جي مئنيجمينٽ ھميشہ غريبن جي مدد ڪندي رھندي تہ جئين ھر غريب گھراڻو پنھنجي مدد پاڻ تحت گھر جو سٺو گذر سفر ڪري سگھن.

پهنجو تبصرو موڪليو