ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار ٽائيگر شروف جي گاڏي تي فائرنگ ڪندڙ جوابدارن پاران اداڪار رنبير ڪپور جي باندره واري رهائشگاهه جي به ريڪي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ممبئي پوليس فائرنگ واري واقعي جي جاچ جو دائرو وڌائي ڇڏيو آهي. پوليس ان ڳالهه جي جاچ ڪري رهي آهي ته ڇا ٻيا اداڪار به جوابدارن جي نشاني تي هئا، جڏهن ته لارنس بشنوئي گينگ سان مبينا طور لاڳاپيل هٿيارن جي فراهميءَ واري نيٽ ورڪ جي به جاچ ڪئي پئي وڃي. ڀارتي ميڊيا موجب، ممبئي پوليس عدالت کي ٻڌايو آهي ته ٽائيگر شروف تي حملو مبينا طور بشنوئي گينگ جي ساٿي انيل پنڊت جي چوڻ تي ڪيو ويو. واقعي ۾ هن وقت تائين 8 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس ذريعن موجب، جوابدارن شروعات ۾ سلمان خان کي نشانو بڻائڻ جو منصوبو ٺاهيو هو ۽ سندس ممبئي واري رهائشگاهه جي به ريڪي ڪئي هئي، پر گهر ٻاهران پوليس اهلڪارن جي موجودگي ڏسي مبينا طور اهو منصوبو ختم ڪيو ويو. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب، جوابدارن سوشل ميڊيا تي مداحن جي پوسٽن ذريعي ڄاڻ حاصل ڪئي ته ٽائيگر شروف هر آچر تي جوهو جي هڪ فٽبال گرائونڊ ۾ ويندو آهي، جتي سندس سيڪيورٽي نسبتاً گهٽ هوندي آهي. ان کانپوءِ کيس نشانو بڻائڻ جو منصوبو ٺاهيو ويو. ٻئي طرف ممبئي ڪرائم برانچ فائرنگ ۾ ملوث ٽن اهم جوابدارن ريحان عرف سڪا، رِتڪ ڪرمي عرف روشن ۽ ڦول سنگهه کي راجسٿان جي شهر ڪوٽا مان ممبئي منتقل ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت ٽنهي جوابدارن کي 31 آڪٽوبر تائين پوليس جي تحويل ۾ ڏئي ڇڏيو. هوڏانهن ممبئي پوليس جي ڊپٽي ڪمشنر راج تلڪ روشن ٻڌايو ته هٿيارن جي خريداري ۽ فراهميءَ جي مبينا نيٽ ورڪ بابت وڌيڪ 5 ڄڻن کي هرياڻا ۽ اتر پرديش مان حراست ۾ ورتو ويو آهي. پوليس موجب، ٻن جوابدارن هٿيار حاصل ڪرڻ لاءِ امرتسر جو سفر ڪيو هو، جڏهن ته ٻن عورتن مبينا طور ٽرين ذريعي هٿيار ممبئي پهچائي حملي ڪندڙن حوالي ڪيا. پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته هڪ ٻئي جوابدار ممبئي ۾ رهي حملي ڪندڙن کي مقامي سهولتون ۽ ٻيون مددون فراهم ڪيون هيون. نوٽ: فائرنگ، ريڪي ۽ هٿيارن جي فراهميءَ بابت ڄاڻ پوليس ۽ ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن تي ٻڌل آهي؛ جوابدارن خلاف الزام اڃا جاچ هيٺ آهن.










