ليکڪ اي اي عباسي
هلندڙ مهيني مارچ ۾ ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين پاران سخت وفاقي حڪومت خلاف رد عمل ۽ سخت احتجاج بعد ملڪ جي عوام لاءِ واقعي احتجاجي مارچ ڪرڻ بعد حڪومت کي هاڻي پنهنجي ساٿين سان صلاح ڪرڻ بنا ئي پنهنجي عزت محفوظ ڪرائيندي فوري طور تي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هر طرف کان حڪومت وائڙائپ جو شڪار بڻجي وئي آهي ۽ پنهنجن توڙي پراون جي نشاني تي آهي، اهڙي حڪومت ڪهڙي ڪم جي جيڪا ذليل و خوار ڪري ٻه واٽي تي بيهاري ڇڏي، عمران خان ته پاڻ چيو هو ته پنج ماڻهن به احتجاج ڪيو ته هو مستعفي ٿي ويندو، هاڻي ته پوري قوم مهانگائي سبب سندس خلاف بيٺي آهي، جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي. حالتن جي ستم ظريفي اها آهي ته جيڪي وفاقي حڪومت جا خاص ٻانهن ٻيلي ڏکي وقت جا ساٿي ۽ خاص همدرد چوڌري برادران هيا اهي به رسي وڃي بي ٽيم زرداري ۾ شامل ٿيڻ لاءِ اجلاسن ۾ وزيراعليٰ وٺڻ جو مطالبو ڪري راهه ۾ ساٿي بڻجي ويا آهن، متحدهه ۽ ق ليگ اهي گهوڙا آهن جيڪي جتي جهجهو داڻو پاڻي ڏسندا آهن اتي نئين حڪومتن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پاڻ ڀڄندا ايندا آهن، انهن جي اها خاصيت آهي ته ويندڙ حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪندي ڌار ٿيندا آهن ۽ ايندڙ حڪومت کان وڏيون وڏين ڊمانڊون مطالبا مڃرائي ملڪ جي ٻيڙي سير ڪندا آهن، جهڙي طرح هن وقت متحدهه پنهنجي دهشتگردي جا آماجگاهه سيڪٽر، زون، يونٽ جون آفيسون دفتر کولڻ لاءِ وزير اعظم عمران خان جي ڪراچي واري هڪ ڏينهن واري دوري دوران سامهون ڳالهيون رکيون آهن پر لک شاباس آهي حرن جي روحاني پيشوا پير سائين پاڳاري کي جنهن ملڪ ۾ غريب عوام مٿان مهانگائيءَ جا پهاڙ ڪيرائيندڙ تحريڪ انصاف جي سربراهه ۽ وزير اعظم عمران خان سان ڪراچي ۾ ملاقات ڪرڻ کان ٺپ جواب ڏيئي ڇڏيو، وزير اعظم وس ڪيا پر پير سائين پاڳاري يوٽرن سرڪار کي عوام سان مخلص نه هجڻ تي ملاقات لائق نه سمجهندي ناڪاريءَ ۾ جواب ڏيئي حڪمرانن کي لاجواب ڪري ڇڏيو، هڪ طرف پير سائين پاڳارو، ٻئي طرف چوڌري پرويز الاهي، چوڌري شجاعت حسين، ٽئين پاسي متحدهه ، چوٿين پاسي بلوچستان جي قومپرست اڳواڻ سردار ختر جان مينگل ، جڏهن ته عمران خان لاءِ پنهنجي ئي گهر ۾ جهانگير ترين، عبدالعليم خان، سان گڏوگڏ ئي پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار هٽائڻ وارو معاملو ۽ سامهون ن ليگ نواز، شهباز ۽ مريم نواز شريف، سان گڏ پيپلز پارٽي جي پوري پلٽون سياسي کلاڙي آصف علي زرداري ۽ سندس ان جي اولاد بلاول ڀٽو زرداري، آصفه ڀٽو زرداري، ملڪ جو ناليوارو مشهور وڪيل چوڌري اعتزاز احسن، قمر زمان ڪائرهه ، خورشيد شاهه ، فرحت الله بابر، نويد قمر زمان شاهه، قائم علي شاهه معنيٰ ته وڏا وڏا آڙي ڪاپ سياسي دماغ پ پ پ سان گڏ بيٺل آهن جيڪي هن وقت ميدان عمل ۾ احتجاجي مارچ ڪري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي واقعي سياسي وراثت واري سياست ڪري رهيا آهن، سامهون وري ملن جي هڪ وڏي کيپ مولانا فضل الرحمان جي هٿ ۾ آهي جيڪو پنهنجي ايم اين ايز ۽ سينيٽرز جي پارليامينٽ لاجز مان گرفتارين تشدد، تذليل ڪرڻ واري ايشو تي همت ڪندي عملي طور تي 23 مارچ کان اڳ ئي ميدان ملهائڻ لاءِ شيخ رشيد توڙي فواد چوڌري کي پنهنجي سياسي بيهڪ جا سمورا پتا ڏيکارڻ لاءِ ملڪ ۾ ڦيٿو جام ڪرڻ سميت پنهنجي بذات خود گرفتاري ڏيڻ جو اعلان ڪري سياست ۾ جدت آڻي ڇڏي آهي ته پهريان سربراهه ميدان ملهائڻ لاءِ ڪنهن به جيل قيد و بند کان ڊڄڻ وارو ناهي، هيءَ حڪومت عمران خان جي هٿن مان نڪرندي نظر اچي رهي آهي ڇاڪاڻ ته هن نه رڳو جيو ۽ جنگ واري گروپ سان پر هرهڪ آزاديءَ صحافت قلم کڻندڙ سان نادر شاهي حڪم نامي تحت جيڪا جٺ تادي ۽ حرام خوري ڪئي آهي شايد اها ڪنهن وڏي ۾ وڏا آمر ڊڪٽيٽر به نه ڪئي هوندي، جيڪڏهن اهي ڪنهن سياسي پارٽي جماعت کي تنگ ڪندا هيا ته وري عوام کي ته راضي ڪندا رهيا ۽ ائين ڀينگ ڪري ملڪ جو خانو خراب نه ڪيو ويو هيو جهڙي طرح هن هر سطح تي هر پاسي کان معاشي تباهي ڪري ملڪ جو ستيا ناس ڪري ڇڏيو آهي، هن جي ڪوڙن دلفريب نعرن تي چريا پاگل ماڻهو لڳا پر اهي ته پٽون ۽ پاراتا ڏيندي ٿڪجن نه ٿا، هاڻي هن جي حڪومت ڪرڻ جو باقي جواز ڪهڙو آهي جڏهن هيءُ 90 ڏينهن ۾ اصلاحات آڻڻ جو اعلان ڪيو هيو ۽ هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ، هڪ ارب غريب ماڻهن ۾ گهر ٺاهڻ ڏيڻ، بجلي جي لوڊشيڊنگ مڪمل طرح ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندو رهيو هيو اڃان جون جولاءِ جا سخت گرميءَ جا مهينا نه آيا آهن پر اڄ به لاڙڪاڻي شهر ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ بجلي جي غير اعلانيل لوڊ شيڊنگ 18 کان 20 ڪلاڪ بجلي بند پيل آهي، جنهن ڪري شهري زندگي مفلوج لڳي پئي آهي، تاجر حضرات، بزنس مين، ڪاروباري ماڻهو هن اهڙي حڪومت کان شديد نفرت ۽ بيزاريءَ جو اعلان ڪري رهيا آهن. تنهن ڪري جيترو جلد ٿي سگهي پي ٽي آءِ جي حڪومت عوام جي جند ڇڏي ڇاڪاڻ ته غريب عوام مفلسي، تنگدستي، افلاس ۽ غربت مان تنگ ٿي چڪو آهي، مهانگائي ماڻهن جون متيون منجهائي ڇڏيون آهن، ملڪ ۾ جڏهن کان پاڪستان تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت اقتدار ۾ آئي آهي تڏهن کان ڄڻ ته پوري ملڪ اندر مهانگائيءَ جو راڪاس اچي ويو آهي، روز مرهه جي استعمال وارين شين جا اگهه قيمتون ائين وڌي رهيا آهن جيئن هيٺائين تي مينهن جو پاڻي ڪاهي پيو هجي، ڪير به مهانگائي ڪندڙ مافيائون وارن ٽولن گروپن کي مات ڏيڻ لاءِ ڪو قدم نٿو کڻي پر رڳو حوال حڪومتي ڌرين کان ٻڌڻ ۾ ايندا رهن ٿا باقي عملي طرح انهن مافيائون خلاف ڪو به ايڪشن ڪاروائي ڪرڻ وارو قدم نظر نٿو اچي جيڪڏهن ائين ئي اهڙي افعالين واري حڪومت رهي ته پوءِ يقينن نه رڳو هيءُ مخالف ڌر جي جلسن وارا ميڙاڪا حڪومت لاءِ جاري و ساري رهندا پر انهي سان گڏ ئي پنهنجي ملڪ جو اڪثر عوام به انهن مخالف ڌر پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ سان گڏجي ميدان عمل ۾ نڪري پوندو، ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾ اڪثر عوام غريب روزمرهه ڪمائيندڙ ۽ کائيندڙ آهي، عوام کي حڪمرانن جا خواب ڏيکاريندڙ وڏا وڏا محل نه کپن پر عوام کي روزمرهه جي استعمال ۾ ايندڙ شين سبزيون، اٽو، گيهه، تيل، کاڌ خوراڪ جي قيمتن ۾ ڪمي سبسڊي گهرجي، ملڪ جو اڪثر عوام انهي ڳالهه ۾ دلچسپي نٿو رکي ته ڪهڙي حڪومت اچي ٿي يا ڪهڙي وڃي ٿي، پر عوام انهي ڳالهه ۾ ضروري دلچسپي رکي ٿو ته ڪهڙي حڪمران ڪهڙين شيون ۾ سبسڊي ڏني آهي ڪهڙيون روزمره جي استعمال وارين شين ۾ ڪيتريون سستيون ٿيون آهن ۽ اڳ ۾ ريل، بس، ڪوچ، ويگن، چنگچي رڪشا وغيرهه جو ڪرايو ڇا هيو ۽ هاڻي ڇا آهي، اڳ ۾ ڪڻڪ جو اٽو 35 رپيا هيا هاڻي اهو اٽو 65 کان 70 رپيا ٿي ويو آهي، اڳ ۾ ٽماٽا 50 رپيا ڪلو هيا هاڻي 200 کان مٿي وڪرو ٿي رهيا آهن، اهڙي طرح مرچ مصالحا، کنڊ، کير، گيهه ، تيل سميت سمورين شين جا اگهه وڃي آسمان سان لڳا آهن ۽ سنڌ جا ادارا پي آءِ اي، اسٽيل مل، بندر گاهه جي ڪمائي سميت سموريون سنڌ جي ناڻي جي ڪمائي جا ذريعا وفاق حوالي ڪرڻ سراسر سنڌ سان ويساهه گهاتي آهي، جڏهن اهڙي صورتحال رهي ۽ وري وڏي بدقسمتي سان سنڌ جي پڙهيل لکيل تعليم يافته نوجوانن جي روزگار جا وسيلا بند ڪرڻ ۽ پرڏيهي ملڪن ۾ به سنڌ جي ڪوٽا تي ڌاڙو لڳي ته پوءِ سنڌ جي نوجوانن جو مستقبل داءَ تي لڳل آهي، هاڻي پي ڊي ايم جيڪا حڪومت خلاف احتجاجي جلسن جلوسن ۽ پوءِ لانگ مارچ واري جدوجهد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي اهو عمل يقينن تڏهن ئي ڪامياب ٿي سگهي ٿو جڏهن مڪمل مخالف ڌر وارا مڙسي ڪري موجودهه حالتن ۾ عدم اعتماد ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري ڏيکارين، ڇاڪاڻ ته جڏهن هن انڌي، ٻوڙي ۽ گونگي حڪومت کي هڪ ڌڪو ڏيڻ لاءِ جمهوريت جي قائد شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي انهي نعري “ گرتي هوئي ديوار ڪو ايڪ ڌڪا اور دو” واري فلسفي تي عمل نه ٿيندو تيستائين هن سيکڙاٽ حڪومتي ڍانچي جو خاتمو ممڪن ناهي، پي ٽي آءِ وٽ وڻ وڻ جي ڪاٺي حڪومت اچي جوڙي آهي، جيڪا روز نوان تجربا حڪومتي سطح تي ڪري پوري ملڪ جي عوام جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي، ٻڌايو وڃي ته هن حڪومت ڪهڙي شعبي ۾ ترقي ڪري عوام ۾ عزت ڪمائي آهي؟ ، هتي روز روز وڏا حڪومتي ليول تي عوام دشمن منصوبن تي اعلان ٿيندا رهن ٿا، هن حڪومت ۾ ڪو به ٻڌائي ته ساڍن ٽن سالن جي عرصي دوران ڪهڙا عوام جي خير خواهي جا بهترين قدم کنيا ويا آهن؟، بيروزگار نوڪرين لاءِ شديد پريشان آهن وفاقي حڪومت ۾ روزگار ڏيڻ بجاءِ ويتر ريڊيو پاڪستان مان ڪانٽريڪٽ ڊيلي ويجز سميت ٻين ملازمن، پي آءِ اي، اسٽيل مل ۽ ٻين وفاقي ادارن مان سنڌ جا ماڻهو لاٿا ويا آهن جنهن ڪري سنڌ جي اندر بيرزگاري جي باهه ڀڙڪي رهي پئي آهي، اهي وفاقي ادارن مان لاٿل نوجوان ڪنهن در دانهن ڏين ؟، انهن جي لاءِ صوابي حڪومت به ڪو آواز نٿي اٿاري ۽ پنهنجن صوبائي کاتن ۾ به انهن کي نٿي رکي انهن جي بيروزگاري ختم ڪري روزگار سان لڳائي پريشاني دور ڪري سگهي، موجودهه حالتن ۾ ملڪ جو عوام ويتر انتهائي شديد مسئلن ۽ مشڪلاتن جو شڪار ٿي ويو آهي وفاقي حڪومت ته سواءِ مڪاري، فريب ۽ ٺڳي کان سواءِ ڪجهه ناهي ڪيو. هاڻي هتي آسرن، ڏٽن، دلاسن بجاءِ عملي عوامي خدمت جي ضرورت آهي جنهن لاءِ حڪمران عوام جي ڏکن، سورن ۽ مجموعي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن. نه ته پوءِ لڳي ٿو ته هن ملڪ ۾ واقعي دما دم مست قلندر ٿيڻو وارو آهي. جنهن جا مڪمل ذميوار وفاقي حڪومت جا سليڪٽيڊ گڏا پتليون رهندا، جيڪي پنهنجي حڪومت جي زيرو رڪارڊ ۽ ڪارڪردگيءَ تي پنهنجو پاڻ هن اهڙي حڪومت مان هٿ ڪڍن ته بهتر رهندو باقي رڳو مين نه مانو وارو چڪر رهيو ته هن ملڪ کي ويتر گهڻو ڪجهه اڃان وڌيڪ ڀوڳڻو پوندو. جنهن جا سمورا برا اثرات غريب عوام مڊل مٿان پوندا، انهي لاءِ ساڍا ٽي سال حڪومت پي ٽي آءِ ڪئي جنهن جي رپورٽ ڪارڪردگي زيرو برابر زيرو آهي ته پوءِ سيٽ خالي ڪري ڪنهن تجربه ڪار حڪمران کي اها ڏيئي ملڪ کي وڌيڪ ڏيوالپڻ ٿيڻ کان بچايو وڃي.










