تحريڪ عدم اعتماد ۽ نئين وزير اعظم جا چيلينج

تحريڪ عدم اعتماد ۽ نئين وزير اعظم جا چيلينج

ليکڪ  اي اي عباسي

پاڪستان جي سياست ڏاڍي بي رحم ۽ انتهائي پريشان ڪن رهي آهي، جيڪي هتي وقت جا حاڪم اچن ٿا اهي پهريان وڏا وڏا عوام کي دلاسا، آسرا، اميدون ڏيکارين ٿا پر جڏهن انهن کي اقتدار ملي ٿو ته اهي سڀئي ڳالهيون وساري عوام کي نپوڙين ٿا ۽ رت چوسين ٿا، انهن بي رحم حڪران کي عوام پٽون ۽ پاراتا ڏيندو رهي ٿو پر وقت جا فرعون نمرود عوام کي پنهنجو ذاتي غلام سمجهندي اقتدار تان لهڻ بجاءِ ويتر خون خرابو ڪندا رهن ٿا ۽ انهن جي ڪيل ڪرپشن جي پڇا ڳاڇا جانچ ٿيڻ جي ڊپ ۽ خوف کان لنوائيندي اهي وري ملڪ ۾ رهڻ بجاءِ ملڪ بدر پرڏيهه ۾ عياشيون ڪرڻ لاءِ بيمارين جو بهانو بڻائي ڊرامي بازي ڪندا رهن ٿا، هاڻي نيازي سرڪار کان به پوري ملڪ جو عوام شديد بيزار ٿي چڪو آهي عوام انهي کي بد دعائون ڏيئي ٿو پر شيخ رشيد ۽ فواد چوڌري جهڙا ماڻهو هن کي سمنڊ جي ور چاڙهڻ چاهين ٿا، اقتدار جو اهڙو ته گندو ۽ ڀوائتو نشو آهي جو جيڪو به انهي جو مزو وڄي ٿو ته پوءِ اهو انهي ڪرسي تان لهڻ بجاءِ نت نوان ناٽڪ ۽ مسخري ڪندو رهي ٿو، جڏهن ته ڪراچيءَ کان اسلام آباد طرف پيپلز پارٽي جي احتجاجي مارچ کي سنڌ پنجاب ۾ ڀرپور موٽ ملي چڪي آهي ڇاڪاڻ ته ملڪ جو 22 ڪروڙ عوام انهي حڪومت کان بيزار ۽ تنگ ٿي چڪو آهي، جيڪي پهريان حڪمران هئا اهي پنهنجن يس مين، او ڪي سر جي چوٻول ۾ اهڙا ته گم ٿي ويا هيا جو انهن کي پنهنجن ووٽرن سان ملاقات، انهن ووٽرن جي ڏک، تڪليفن، اهنجن ۽ دردن جو احساس ئي نه رهيو اهي پنهنجي هٺ ڌرمي ۾ ڦاٿل حڪمران هاڻي هٿ پير هڻڻ لڳا آهن ته اسان سان ته ويڌن ۽ تادي ٿي آهي اسان کي پنج سال جو پورو مدو ڪرڻ ڏنو وڃي پر عوام ته هاڻي هڪ ڏينهن به انهن حڪمرانن کي برداشت نٿو ڪري سگهي، وفاقي حڪمران چون ٿا اسان هتان کان هيستائين ڦاڙها ماريا، اهي عوام انهن جون ڪوڙيون دعوائون ڪيئن ٿو وساري سگهي،   ملڪ جي ماڻهن جي ووٽ جو ڇا ٿيو ۽ ڪيڏانهن ويو اهو هڪ ڏکائيندڙ ۽ ڀيانڪ سوال هرهڪ ماڻهوءَ جي زبان تي واضع نموني چٽيل آهي ته اسانجي ووٽ سان نسورو ناحق ٿيو آهي ۽ اسان سان به زبردست ڌانڌلي ڪئي وئي آهي پر اسان جمهوريت جي استحڪام لاءِ عوام خاموش رهيو. عمران نيازي جون ڳالهيون سئو سيڪڙو ڪوڙ تي مبني ڳالهيون هيون، انهي هڪ به پنهنجو واعدو نه پاڙيو ۽ ويتر وک وک تي اذيت تڪليف ۽ ڪڪڙ جي آنن، مينهن جي کير سان ترقي ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري بيوقوفي جو مظاهرو ڪندو رهيو، موجودهه حڪمرانن سڀني کان ڪرپشن ۾ گوءِ کٽي آهي ۽ ملڪ کي لٽيو ڦريو ويو آهي جهڙي طرح ملڪ جي سابقه حڪمرانن ملڪ جي ڀينگ ڪري ڇڏي هئي. ڪرپشن جي آڙ ۾ انهن ملڪ کي لٽيو ڦريو ۽ مال هڙپ ڪري ڇڏيو آهي ڪو حڪمران به هجي ۽ وري اهو ڪاروبار ڪندڙ واپاري به هجي ته پوءِ ان حڪمران وزيرن جي حڪومت ۾ اچڻ ۽ بعد جي اثاثن کي ڏسندا ته ڏينهن رات جو واضع فرق هوندو. جيڪڏهن ڪو واپاري ڪاروباري تاجر ۽ بزنس مين حڪمران آهي ته اهو پوءِ سياست نه ڪري ۽ جيڪڏهن ڪو سياست ڪري ٿو ته پوءِ اهو واپاري بزنس مين نه بڻجي. ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ آواز جو پڙاڏو ۽ گونج محسوس ڪري سگهجي ٿي.سالن کان سنڌ ڌرتي پنهنجي ملڪ ۾ سنڌ اهو واحد صوبو آهي جيڪو سڀني صوبن کان وڌيڪ معدني وسيلن سان مالا مال صوبو آهي.جنهن ۾ سنڌ جي دانشورن ڏاهن ۽ تجزيه نگارن موجب سنڌ هن ملڪ کي 73 سيڪڙو گئس ڏي ٿي،70 سيڪڙو پئٽرول، 50 سيڪڙو بجلي، 75 سيڪڙو روينيو، 99 سيڪڙو ڪوئلو، هن ملڪ جو 95 سيڪڙو ڪاروبار سنڌ جي رستي ٿئي ٿو سنڌ جا روڊ رستا استعمال ٿين ٿا، هن ملڪ جي سمنڊ جهڙي نعمت سنڌ صوبي ۾ آهي ۽ سنڌ هن ملڪ کي پورٽ رستي سڄي دنيا سان ملائي ٿي.ڇا پاڪستان هڪ غريب ملڪ آهي ؟ هيءُ سوال هڪ سوئس بئنڪ جي ڊائريڪٽر جو آهي.انهيءَ جو چوڻ آهي ته پاڪستان 97 ارب ڊالر جي رقم سوئس بئنڪن ۾ پئي آهي.جيڪا پاڪستان جي 30 سالن تائين ٽيڪس فري بجيٽ جي لاءِ ڪافي آهي ۽ انهيءَ ايتري ساري وڏي رقم مان ملڪ جي 6 ڪروڙ نوجوان بيروزگارن کي نوڪريون ڏيئي سگهجن ٿيون، ملڪ جي ڪهڙي به حصي کان ويندي ملڪ جي گاديءَ واري شهر اسلام آباد تائين 4 پاسن کان روڊ ٺهي سگهن ٿا، 500 کان وڌيڪ بجليءَ جا پاور  پراجيڪيٽس بڻجي سگهن ٿا ۽ جنهن ذريعي هميشه جي لاءِ پنهنجي پوري ملڪ کي فري بجلي ملي سگهي ٿي، سوئس بئنڪن ۾ پاڪستان جي شهرين جو پئسو ۽ ڪرپشن ڪندڙ حڪمرانن پاران لٽيل ڦريل ڊالرن جي صورت ۾ پئسا جيڪڏهن 60 سالن تائين بيروزگارن يا وري ضعيف العمر پيرسن ماڻهن کي هر مهيني گهٽ ۾ گهٽ رڳو 20 هزار رپيا معاوضو ڏنو وڃي تڏهن به ڪا ڪمي نه ايندي ۽ اسانجي پئسن جي واپسي ٿئي ته ڪنهن به ورلڊ بئنڪ، آءِ ايم ايف کان ڪنهن به قسم جو قرض وٺڻ جي ڪا به باقي ضرورت ناهي. پر بدقسمتيءَ سان هتي ملڪ جي حڪمرانن جون روايتون ئي کائو پيئو ۽ عيش عياشيون ڪريو وارو فارمولو رهيو آهي. جيئن موٽر وي، قرض اتارو ملڪ سنوارو، ايل ڊي اي، ميٽرو بس سروس، نندي پور، نيلم جهلم، دانش اسڪول انهن سڀني جو حڪمران چون ٿا ته رڪارڊ سڙي ويو آهي. پر پاناما پنهنجي ملڪ پاڪستان ۾ ناهي، 2013ع ۾ ملڪ تي 15 هزار ارب قرض هيو جيڪو ن ليگ جي حڪومت ۾ وڃي 2017ع ۾ 27 هزار ارب وڃي ٿيو.پبلڪ سيڪٽر ۾ سابقه حڪمرانن  ڪيترو نقصان ڏنو جنهن ۾ اڳ ۾ 495 ارب هيو ته پوءِ 1100 ٿيو ۽ ايڪسپورٽرس 24 ارب ڊالر هيو اهو 20 ارب ڊالر تي پهتو، بيروزگاري 6.24 هئي پوءِ وڃي پهتي 9 سيڪڙو تي، شرح خواندگي 60 سيڪڙو مان 58 تي پهتي، صحت جهڙي شعبي ۾ 56 هئي ته اها وڃي 46 سيڪڙو تي وڃي پهتي.هن ملڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ پگهار 12 هزار رپيا پر حقيقت ۾ سڀ فيڪٽريون 8 کان 9 هزار رپيا ڏين ٿيون، روزانو جو خرچ؛ زال مڙس ۽ 2 ٻار سبزي اڌ ڪلو پٽاٽا، پالڪ 60 رپيا، گيهه مرچ مصالحه 30 رپيا،، گيس يا سلينڊر 30 رپيا، اٽو چانور اڌ ڪلو 50 رپيا، بجلي بل 1600 رپيا، مسواڙ جڳهه ڪرايو 70000، ڪل ٽوٽل 13700 رپيا ٿيا،اٽو 10 ڪلو 400 رپيا، تيل اڍائي ڪلو 455 رپيا، دال هڪ ڪلو واري 5 داليون 800 رپيا، چانور اڍائي ڪلو 250 رپيا، کنڊ اڍائي ڪلو 160 رپيا، ٽوٽل 2065 ٿيا،گوشت عيد يا شادي وغيره تي ٻارن کي دلاسا ڏيڻ، ظالم حڪمران ٻڌائين ته انهن پئسن ۾ ڇا غريب جو ٻار کير پي سگهي ٿو ۽ انهيءَ پگهار مان ڇا  غريب جو ٻار اسڪول وڃي سگهي ٿو، ڇا هاسٽل وڃي سگهي ٿو، ڪپڙا وٺي سگهي ٿو، فروٽ وٺي سگهي ٿو، اهڙي راڪاس بڻيل مهانگائي جي ڪري عام ماڻهو ٻن ويلن جي ماني کائڻ لاءِ پريشان آهي، ۽ ٻئي پاسي وري پاڪستان ۾ هڪ اهڙي جاءِ به آهي جتي روزمرهه جون کاڌي پيتي جون شيون نهايت گهٽ قيمت تي ملن ٿيون.چانهه صرف هڪ رپيو، سوپ ساڍا پنج رپيا، دال ڏيڍ رپيو، گوشت 21 رپيا، ماني صرف هڪ رپيو، چڪن ساڍا 24 رپيا، سبزي 4 رپيا، مڇي 13 رپيا، برياني 8 رپيا ڇا توهان کي خبر آهي ته اها جڳهه ڪهڙي آهي ۽ ڪهڙن غريبن ۽ مستحق ماڻهن لاءِ آهي؟، هيءَ جاءِ پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ جي ڪينٽين آهي. جتي پاڪستان جا امير عوام جا غريب ۽ مستحق نمائندا پاڪستان جي امير عوام تي نت نوان ٽيڪس لڳائڻ تي غور ڪندا آهن ۽ انهن غريب نمائندن جي مهيني جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار تقريبن ٻه لک 80 هزار رپيا آهي، ملڪ ۾ بجليءَ جو بحران ته آهي ئي آهي پر اهو سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڀيانڪ شڪل اختيار ڪري چڪو آهي هتي واپڊا سيپڪو انتظاميه پوليس جي ظلمن جا به سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. واپڊا کي جيستائين پرائيويٽ نجي اداري ۾ نٿو آندو وڃي تيستائين بجلي صارفين سان اهڙو ظلم زيادتيون ۽ ناجائزيون ٿينديون رهنديون. واپڊا جا کاٽو پٽ پنهنجين سمورين غلطين ۽ ڪرپشن کي لڪائڻ لاءِ عام عوام بجلي صارفين مٿان سڄو بار وڌو وڃي ٿو. بجلي ڪيتري مهانگي ڪري اسان توهان صارفين کي ڏني وڃي ٿي ۽ مٿان وري ڊڊڪشن بلن جو وڏو پهاڙ ڪيرايو ٿو وڃي. جڏهن ته ٻين سڌريل ملڪن ۾ جيئن ته جاپان ۾ شاگردن جي لاءِ بجلي فري آهي، اٽليءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ بجلي پيدا ٿيندي آهي، آمريڪا ۾ ماڻهو بجلي ٺاهي گورنمينٽ کي وڪرو ڪندا آهن، سنگاپور ۾ 12 مهينا برسات ٿيڻ باوجود هڪ منٽ به بجلي نه ويندي آهي، انڊيا ۾ ڪوئلي مان 70 سيڪڙو بجلي پيدا ٿيندي آهي، انگلينڊ ۾ ماڻهو پنهنجي ضرورت جي بجلي پيدا ڪري سگهندا آهن، چين ۾ سڀني گورن جي لاءِ بجلي فري اهي، ترڪي پنهنجي ملڪ سميت ٻين 3 ملڪن کي به بجلي ڏي ٿو، سعودي عرب صرورت جي 90 سيڪڙو بجلي پئٽرول مان ٺاهيندو آهي ۽ اسانجي پياري پاڪستان ۾ بجلي ميڊيسن ( دوا ) وانگر ڏني ويندي آهي، هڪ ڪلاڪ صبح……، هڪ ڪلاڪ منجهند ……۽ هڪ ڪلاڪ شام ……! اهڙي حالت ۾ اهڙي اداري واپڊا جي ڪهڙي ضرورت آهي جي جتي بجليءَ جو ٽرانسفارمر سڙي وڃي ته اتي اتان جا علائقي واسي بجلي صارفين پنهنجو چندو گڏ ڪري اهو ٽرانسفارمر ٺهرائن ٿا ۽ پوءِ مهينن کان بجلي ملي ٿي نه ته علائقا ڪاري اونڌاهه ۾ ڦاٿل آهن. جڏهن ته اهو واضع ٿيل آهي ته جنهن به واپڊا جي ڪرپٽ ملازم جي ڪرپشن هجي انهي کي 3 سال قيد ڪيو وڃي ۽ انهن جون نوڪريون ختم ڪيون وڃن پر هتي الٽي گنگا وهي رهي آهي.هن ملڪ ۾ ٻٽا معيار جڏهن پنهنجي مظلوم عوام سان وک وک تي رهندا ته پوءِٰ ماڻهو احساس محروميءَ ۾ مبتلا ٿيڻ بعد پنهنجي حڪمرانن کي ڪيئن سچو ۽ کرو چئي سگهن ٿا هاڻي ڏسجي ته پيپلز پارٽي جو نڪتل احتجاجي مارچ ۽ عدم اعتماد تحريڪ ڪٿي دنگ ڪري ٿي، ايندڙ نئين حڪومت بيروزگارن کي روزگار ڏي ٿي،  عمران نيازي  لاءِ هاڻي ٻه رستا بچيا آهن يا ته هو بنا ڪنهن دير جي فوري طور تي استعيفا ڏيئي ڇڏي يا وري پنهنجي حڪومت کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري نه ته هيءُ عوامي سمنڊ جيڪو اسلام آباد ڏانهن هلان ڪرڻ وڃي پيو اهو ضرور “ گرتي هوئي ديوار ڪو ايڪ ڌڪا اور دو ” جي ننعري جي گونج سان لٻاڙي ڪٻاڙِي اقتدار جي نشي ۾ ڪروڙين عوام جي جانين سان روز کيڏندڙ هاڻي پنهنجي منطقي انجام تي پهچڻ گهرجن. سياستدانن جي ڳالهه ۾ وزن هيو ۽ آهي جيئن ملڪ جو سينيئر سياستدان نظام مصطفيٰ پارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وفاقي وزير پيٽروليم حاجي محمد حنيف طيب چيو ته ملڪ ٻه واٽي تي بيٺل آهي ۽ مهانگائيءَ جي خوفناڪ لهر عوام کي ذهني شديد پريشاني ۾ مبتلا ڪري موت جي منهن ۾ آڻي ڇڏيو آهي انهي لاءِ سمورين سياسي ڌرين کي گڏ هڪ جاءِ تي ويهي انهي جي حل لاء سوچڻو پوندو نه ته هيءُ ملڪ اڃان وڌيڪ مشڪلاتن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پوندو ۽ غير جمهوري سوچ وارا ۽ غير سنجيده سيکڙاٽ ماڻهو انهيءَ ملڪي حالتن جي تقاضا کي سمجهي ڪري حل ڪڍيو وڃي. ملڪ جو غريب عوام انتهائي قرب واري صورتحال مان گذري رهيو آهي، ملڪ کي بهتر رستي تي هلائڻ لاءِ فوري طور تي نيون چونڊون ڪرايون وڃن. عدم اعتماد جي تحريڪ ۾ چوڌري برادران جي انٽري يعني ڪو مٿان کان اشارو ملي چڪو آهي نه ته هيءُ هروڀرو ڪيڏانهن تڪڙ ۾ وڃڻ وارا ناهن، شهباز شريف، آصف زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان جو خوشي خوشي ۾ اپوزيشن کي هڪ هنڌ ويهارڻ ۽ پر اعتماد وڏي معنيٰ خيز خبر آهي، انهي مان ظاهر آهي ته تبديلي جون دعويٰ ڪندڙ پي ٽي آءِ جي پڄاڻي ٿيڻ واري آهي ۽ نئين سيٽ اپ ۾ ماڻهو چونڊجڻ شروع ٿي ويا آهن، جنهن ڪري سليڪٽيڊ حڪومت جا وزير پڻ بوکهلائٽ جو شديد شڪار ۽ مايوسي جي عالم ۾ اجايو ٻٽاڪون ۽ سياسي جادوگيري جون ڳالهيون ڪري پنهنجي عزت بچائڻ لاءِ آخر ۾ هٿ پير هڻي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو