لاهور(ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته دال، ٻارن جي کير، دوائن ۽ ضروري شين تي جنرل سيلز ٽيڪس (جي ايس ٽي) واپس ورتو وڃي. حڪومتي اتحادي چوڌري شجاعت حسين جو چوڻ آهي ته حڪومت کي ٽيڪس لڳائڻ وقت غريب جي استعمال جي شين تي به سوچڻ گهرجي. هن چيو ته حڪومت کي گهرجي ته غريبن جي بهتري لاءِ عملي قدم کڻي، پگهاردار طبقو پنهنجو پگهار وڌائي نٿو سگهي، حڪومت کي اهڙي طبقي جو خيال رکڻو پوندو.










