ٽنڊوباگو (رپورٽ سھيل سمون) مير غلام محمد خان ٽالپر اسٽيڊيم تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران لڳايل انٽر ڪلب چيمپين ليگ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جو ٻيو رائونڊ ميچ ۾ ايم جي ايم ڪرڪيٽ ڪلب ٽنڊوباگو ۽ ڪشميري اليون ماتلي جي ٽيمن وچ ۾ ٿيل ميچ ۾ ايم جي ايم ڪرڪيٽ ڪلب ٽنڊوباگو جي ڪيپٽن ڪشميري اليون جي ٽيم کان ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ايم جي ايم ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم 40 اوورن ۾ 8 رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ تي 235 رنسون اسڪور ڪيون. ايم جي ايم ڪرڪيٽ ڪلب جي بيٽسمين رجب زئونر 50 رنسون، زيد قاضي 35 رنسون اسڪور ڪري نمايان رهيا. جڏهن ته ڪشميري اليون جي بالر اقبال بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪندي ايم جي ايم جي 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪري ڇڏيو. موٽ ۾ ڪشميري اليون جي ٽيم سمورن رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ تي 170 رنسون اسڪور ڪري ميچ ھارائي وئي. ماتلي جي بيٽسمين شهريار بهترين راند جو مظاهرو ڪندي 40 رنسون اسڪور ڪيون. عدنان گل بهترين بالنگ ڪري ماتلي جي 4 رانديگرن کي آئوٽ ڪري بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪيو. مين آف دي ميچ جو ايوارڊ عدنان گل کي ڏنو ويو.










