وڏا !وڇڙيو آھين وسريو ناھين!نائين ورسي جي نسبت سان

تحرير امين ڪلهوڙو

ڏھ آگسٽ 1959ع تي ضلعي لاڙڪاڻي جي شهر رتوديرو جي موٽڻپور محلي ۾ غلام مرتضيٰ قريشي جي گهر ۾ بشير خان قريشي نالي ٻالڪ جو جنم ٿئي ٿو، لاڙڪاڻي ضلعي کي ھن ڌرتي جي گولي تي اھو رتبو حاصل آھي ته ھيءُ شهيدن جو ضلعو سڏيو ويندو آھي ھن ضلعي جي مٽيء ۾ اھڙي ته ڪا خوشبوء آھي جو ھن ضلعي جي ڌرتيء تي اک کولڻ سان ئي پنهنجو پاڻ سان اھو عهد ڪيو پيو وڃي ته سموري حياتي ظلم خلاف ۽ مظلوم ماڻهن جي لاء وقف ڪري ڇڏينداسين.

Amin Kalhoro writer of this article

مونکي ائين محسوس ٿيندو آھي ته سموري سنڌ ۾ ٻارن جو جنم ٿيندو آھي پر جن جو ھن ڌرتيء جي گولي تي جنم ٿئي ٿو شايد اُھي ٻار پنهنجي مٺڙي جيجل امڙ جي پيٽ اندر مظلوم ماڻهن جون دانهون، ڪوڪون ٻڌن ٿا پيا ۽ جڏھن سندن جو جنم ٿئي ٿو ته انهن جون اُھي ڏک ڀريون دانهون، ڪوڪون ھنن جي ڪنن تي اچي پون ٿيون. ھن ضلعي اندر ٻن گهراڻن کي شهادتن جو تاريخي ۽ وڏو رتبو حاصل آھي پر شهيد ٻن قسمن جا آھن ھڪ اُھي شهيد جن اقتداري سياست ڪئي ۽ شهادتون ماڻيون ۽ ٻيا وري اُھي شهيد جن فقط ئي فقط سنڌ وطن جي مالڪي، وارثي ۽ سنڌ وطن جي مظلوم ماڻهن جو آواز بڻجي سنڌ جي دشمنن کي للڪاريو آھي. شهيد بشير خان قريشي تي والدين ڇٺيءَ واري رات نالو بشير خان قريشي رکيو ۽ ھن جي والدين کي اھا پڪ ھئي ته جهڙو نالو ھن ٻار تي رکئون ٿا اھڙي ئي طرح ھيءُ سموري حياتي نڀاءُ ڪندو.

بشير خان قريشي جي نالي جي حرفن جو مفهوم مان سندس ڪيل جدوجهد جي پسمنظر ۾ ھن ريت بيان ڪندس. ب ـ بهادر، ش ـ شير سنڌ، ي ـ يار مظلوم، ر ـ رھنما، خ ـ خوشبوء وفا، ا ـ ايماندار، ن ـ نڀائيندڙ، ق ـ قربدار، ر ـ رحمدل، ي ـ يگانو، ش ـ شاندار، ي ـ يارويس.

ھن شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي شهر رتوديرو مان حاصل ڪرڻ کانپوء شڪارپور مان انٽر جو امتحان پاس ڪري ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي ٿوري وقت گذرڻ کانپوء ھن سنڌ جي قومي تحريڪ جي نرسري جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن ۾ شموليت اختيار ڪئي جتان ھيءُ مظلومن، غريبن، مسڪينن، ابوجهه، بي وس، لاچار شاگردن جو آواز بڻجي انهن جي حقن جي حاصلات لاء جدوجهد جو آغاز ڪيو.  يونيورسٽي ۾ چار سال پڙھڻ کانپوء ڪافي شاگرد شاگردي واري دور جي سياست کي الوداع ڪري ڇڏيندا آھن ۽ پنهنجي ڳوٺ واھڻ وستين ۾ وڃي ٻين پارٽين جي پليٽ فارم تان يا وري نوڪري ڪندي پنهنجي وت ۽ وس آھر جدوجهد ڪندا رھندا آھن پر ھيءُ اھو شخص ھو جنهن جواني ۾ سن جي سيد جي محبت ۾ پچي پڪو ٿي چڪو ھو ۽ ساھ جي آخري پساھ تائين سن جي سيد، سنڌ ۽ پنهنجي ماروئڙڻ سان سچائي ۽ ايمانداري سان نڀاھ ڪيو ۽ جڏھن به ڌرتيء تي وار ٿيو آھي ته ھيءُ مڙس مٿيري سڀ کان اڳيان اڳ ڀريو نظر آيو ھئو پوء اھو ڌاري آبادڪاري جي صورت ۾ ھجي يا وري سنڌين جي جياپي سنڌو درياء تي ڊيمن اڏڻ جو ھجي يا وري سنڌ جا شهر ڌارين حوالي ڪيا ويا ھجن يا وري ڌرتيء کي ٻن حصن ۾ ٽڪرا ڪرڻ جا منصوبا جوڙيا ويا ھجن يا وري آدمشماري ۾ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جهڙا منصوبا ھجن انهن سمورن عملن جي مزاحمت ڪرڻ لاء صف اول ۾ سموري حياتي بيهي ڌرتي سان پاڻ ملهائي ويو. ھن جا زندگيء ۾ سمورا ڪم عملي ھئا پر ھڪ اھڙو قيمتي ھئو جنهن جي ڪري اڄ ڏينهن تائين سندس کي صبح ۽ شام دعائن ڏيڻ سان گڏوگڏ ھر ننڍو توڙي وڏو شخص ياد ڪري اڄ به روئي ويهي رھندو آھي. 

سنڌ ۾ قبائلي تڪرار کي ختم ڪرائڻ ۾ ھن جو اھم ۽ تاريخي ڪردار رھيو ھن پنهنجي پارٽي جي پليٽ فارم تان بنالاچ جي سنڌ جي لکين اجڙي ويل ڳوٺن جي خاندانن ڏانهن ميڙمنٿ قافلن جي صورت ۾ کنڻي سنڌ جي ماڻهن کي پاڻ ۾ وڙھڻ بدران صُلح ڪرائي باقي خاندانن جي فردن کي بچائڻ ۾ ھن جو وڏي ۾ وڏو ۽ تاريخي ڪردار رھيو آھي جيڪو سنڌ تاقيامت تائين وساري نه سگهندي.

ھن سنڌ جي حفاظت لاء پهريون دفعو سال 2007ع ۾ سکر کان ڪراچي تائين پيادل لانگ مارچ ڪيو ھو جنهن ۾ ھن جا پير پٿون ٿي پيا ھئا پر ھن پوء به ان عشق جي پنڌ کي نه روڪيو ۽ مسلسل 31 ڏينهن جو پنڌ ڪيو ۽ ڪراچي پريس ڪلب تي تاريخي احتجاج ڪندي دنيا کي سنڌ طرف متوج ڪرڻ لاء ڌيان ڇڪرايو جنهن کانپوء سال 2009ع ۾ ڪراچي تبت سينٽر تي لکين ڌرتيء جا ڌڻي گڏ ڪري سنڌ جي شهرن ۽ سنڌ جي مالڪي ۽ وارثي جي ڳالهه ڪئي ھئي ۽ آخري تاريخي 23 مارچ مارچ 2012ع ۾ آزادي مارچ جي نالي سان ڪراچي ۾ تبت سينٽر تي لکين ڌرتيء جا وارث گڏ ڪري واضع ۽ چٽي نموني سنڌ جو ڪيس رکيو جيڪا ڳالهه سگهارين ڌرين کي نه وڻي ۽ 7 اپريل 2012ع تي ضلعي نواب شاھ جي شهر سڪرنڊ جي ھڪ ڳوٺ دڙي مگسي ۾ جمعي ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات لڳ ڀڳ 1 وڳي 45 منٽن تي سنڌ ۽ ماروئڙن کان ھميشه لاء وڇڙي گهري ننڍ ۾ سمهي رھيو. 

جنهن کانپوء سندس جو ننڍو ڀاءُ مقصود خان قريشي سندس نقش قدم تي ثابتي قدم سان ھلي رھيو ھو پر سگهارين ڌرين کي اھا ڳالهه به پسند ڪونه ھئي ۽ 21 مارچ 2014ع تي ضلعي نوشهروفيروز جي شهر ڀريا ۾ سندس کي زندھ ساڙيو ويو شايد سگهارين ڌرين اھو سوچي ورتو ھئو ته ٻنهي ڀائرن کي رستي تان ھٽائي سنڌ جي وڏي ۾ وڏي قوم پرست جماعت جيئي سنڌ قومي محاذ ۽ سنڌ کي وڏو نقصان ڏينداسين پر ائين سندن اها خواهش پوري نه ٿي سگهي. ڇو ته بشير خان جي پڳدار پٽ صنعان خان قريشي جو ثابت قدم بيهي رھڻ آھي ۽ پنهنجي والد صاحب ۽ چاچا جي نقش قدم تي ھلندي سنڌ ۽ ماروئڙن جي حقن جي ڳالهه ڪري رھيو آھي اڄ شهيد بشير خان قريشي جو نائون يوم شهادت جو ڏھاڙو عقيدي ۽ احترام سان رتوديرو ۾ مزار تي گل نڇاور ڪري سلامي ڀري ملهايو پيو وڃي. ڌڻي در دعا آهي ته سنڌ جي هن ارڏي پٽ جي روح کي ڌڻي تعاليٰ جنت۾ اونچو مقام عطا ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو