نوجوان زال ۽ مڙس ڌار ڌار خودڪشي ڪري ڇڏي

ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي)هوسڙي ٿاڻي جي حد يونين ڪونسل ٽنڊي فضل جي ڳوٺ,خدا ڏنو رند ۾  هندو برادرر سان تعلق رکندڙ شادي شده جوڙي 18ورهين جي شريميتي  راڻي  سندس مڙس 22ورهين جي جيتو ڪولهي جا لاش ڌار ڌار هٿ ناري راڻي گهر جي ڇت ۽ سندس مڙس جيتو جا لاش  نم جي وڻ ۾   لٽڪيل ڏٺا ويا اطلاع ملڻ تي ڳوٺاڻن ۽ وارثن فوت ٿيلن لٽڪيل  لاش  لاٿا  جڏهن ته هوسڙي پوليس کي واقعي جو اطلاع ڏنو ويو پر پوليس پنهنجي روايت برقرار رکندي دير سان واقعي واري هنڌ پهتي جڏهن ته فوتين جالاش پنج ڪلاڪ واقعي واري هنڌ پيل  رهيا  اهڙي واقعي  جون خبرون هلڻ کانپو هوسڙي  فوتين جا لاش کڻائي  سول اسپتال روانا ڪيا جڏهن ته واقعي جو ڪارڻ گهرو اڻبڻت ٻڌايو پيو وڃي هوڏانهن  هوسڙي پوليس جي جانچ آفيسر  شوڪت ٻگهيو موجب  موت  جي  اصل حقيقت پوسٽ مارٽم جي رپورٽ بعد پوندي وڌيڪ جانچ ڪيون پيا.

پهنجو تبصرو موڪليو