عاليه بٽ به ڪورونا وائرس جو شڪار

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي وود جي مشهور اداڪاره عاليه بهٽ ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. عاليه انسٽاگرام تي اسٽوري شيئر ڪندي مداحن کي پنهنجي ڪورونا ۾ مبتلا هجڻ جي اطلاع ڏني.اداڪاره پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو آهي ته منهنجو ڪورونا ٽيست هاڪاري آيو آهي مان فوري طور تي پاڻ کي ڌار ڪري ڇڏيو آهي ۽ گهر ۾ ئي قرنطينه ۾ رهندس. عاليه پنهنجي اسٽوري ۾ وڌيڪ لکيو ته مان ڊاڪٽرن جي مشوري موجب سموريون حفاظتي تدبيرون اختيار ڪري رهي آهيان. اوهان جي محبت ۽ تعاون جي ٿورائتي آهيان. مهرباني ڪري محفوظ رهو ۽ پنهنجو خيال رکو.ٻئي طرف ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب فيڊريشن آف ويسٽرن انڊين سٽي امپلائز(ايف ڊبليو آءِ سي سي) جي جنرل سيڪريٽري اشوڪ چيو آهي ته فلم گنگو ٻائي جي مرڪزي اداڪاره عاليه بهٽ ۾ ڪورونا جي تصديق کان پوءِ فلم جي شوٽنگ به روڪي وئي آهي.ياد رهي ته ان کان اڳ اداڪاره جو بواءِ فرينڊ رنبير ڪپور به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي چڪو آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ بالي ووڊ اداڪاره عامر خان، منوج باجپائي، سهانت چترويدي،  هدايتڪار سنجي ليلا بهنسالي، بپي لهري به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو