پي ڊي ايم جي صفن ۾ مايوسي  ۽ پي ٽي آءِ جو مستقبل

پي ڊي ايم جي صفن ۾ مايوسي ۽ پي ٽي آءِ جو مستقبل

تحرير حسين آزاد ميمڻ

تازو ملڪ جو سياسي  ماحول جيڪو  سينيٽ جي اليڪشن کان پوء جڙي رهيو آھو اهو بظاهر هڪ  طرف يعني اقتدار ۾ ويٺل ڌرين جي حق ۾ ٿي چڪو آھي سنڌ ۾ پاڪستان  پيپلز پارٽي ۽ مرڪز ۾ پي ٽي آء جي حڪومت آھي هن وقت ٻئي جماعتون  هڪ سوچ جي حامل ڏسڻ ۾ اچن  ٿيون جن جي خواهش آھي ته موجوده اقتدار پنهنجي مدو پورو ڪري ته جيئن ٻنهي جماعتن جو اقتدار  برقرار  رهي ۔ سينٽ جي اليڪشن کان اڳ واري صورتحال مختلف هئي جنهن ۾ پي پي پي جو چيئرمين سينٽ ۾ چونڊڻ لاء پي ڊي ايم هڪ پيج تي گڏ هئي  ۽ تمام گهڻي توقع هئي ته مخالف ڌر جنهن ۾ مرڪزي پارٽيون  مسلم ليگ نواز پيپلز پارٽي ۽ جميعت علماء اسلام جي دلي خواهش هئي ته سينٽ ۾ پنهنجي پوزيشن مظبوط ڪري پوء مرڪزي حڪومت خلاف هلندڙ تحريڪ اڳيان وڌائبو ۽ عمران سرڪار کي  ڍاهي نئي سر حڪومت ٺاهبي پر افسوس جو سينٽ جي اليڪشن ۾ پي پي پي جي اميدوار يوسف رضا گيلاني جي هرائڻ ڪري پي ڊي ايم جي اندر ڏار پئجي ويا ۽ پي پي پي پنهنجو رستو ڌار ڪري هڪ طرف وڌي وئي آھي ۔ ڏسجي ٿو ته پي ڊي ايم ۾ اڳ ۾ ئي استيفائن جي معاملي تي اختلاف ۽ هڪ ٻئي سان رجشون هيون جنهن ۾ خصوصن مولانا فضل رحمان جي خواهش ھئي ته استيفائون ڏئي پوء لانگ ماچ ڪجي پر نواز ليگ ۽ پي پي پي جي راء ھئي ته استيفائون بعد جو مسئلو آھي پهرين سينيٽ جي اليڪشڻ ڪجي ۔  پي ڊي ايم جي هن غير فطري اتحاد  ۾ ڏار پوڻ جو سبب اعتماد ڀروسي ۽ سچائي جي کوٽ آھي جنهن جي ڪري اهو اتحاد آخري پساھ کڻي رهيو آھي ۔ پاڪستان پيپلز پارٽي سمجهي ٿي ته پي ٽي آء جي حڪومت يا عمران سرڪار  گذريل جنرل اليڪشن ۾ هڪ سليڪٽيڊ ڪري آندي وئي آھي جنهن کان ڪجھ ڪم ورتا پيا وڃن ۽ اهي ڪم نه پي پي پي ڪري ها نه نواز ليگ تنهنڪري پي ٽي آء جو ڪو مستقبل نه آھي  ۽ هن وقت مهنگائي جو طوفان يا بي روزگاري ايتري وڌي رهي آھي جو ايندڙ جنرل اليڪشن ۾ عمران خان يا پي ٽي آء اڳ جيتريون سيٽون به نه کڻي سگهندي ۽ سليڪٽر به عوام جي بيزاري جو تجزيو ڪري کيس آئده اقتدار ڏيڻ جي حق ۾ نه  هوندا ۔ ان صوتحال ۾ پي پي پي جي اڳيان جيڪڏهن ڪو چيلينج آھي ته اهو مسلم ليگ نواز  جو آھي  جنهن وٽ ھيئر  اقتدار ڪونهي انڪري اها پي پي پي جي ويجهو به ٿي آھي ۽ وقتي طور پنهنجو رويو ماضي جي سخت روين ۾ ٿوري تبديلي به آندي آھي پر جڏهن مسلم ليگ نواز  کي ٿوري به پي پي پي تي اليڪشن ۾ برتري ملي ته اها پي پي پي کان الڳ رستا اختيار ڪري ماضي جيان پي پي پي کي اقتدار کان ڌار ڪري سياسي گرائوڊ تي ٻين ڏکائين سان گڏ  ڪوڙن ڪيسن ۽ ڪرپشن ۾ ڦاسائي سگهي ٿي ۔ يقينن پي پي پي ۽ مسلم ليگ جو ماضي ان ڳالھ جي شاهدي ڏي ٿو ته ٻئي جماعتون هڪ ٻئي جو ضد رهيون آھن جڏهن  شھيد بي نظير ڀٽو وزير اعظم پاڪستان هئي ته پنجاب جو وزير اعلا نواز شريف پنجاب ۾ ڪٿي به بينظير جي جلسي يا پروگرام ۾ بطور وزير اعلا شامل نه ٿيندو هو ۽ هو پنهنجي شان ۾ پنجاب جو وزير اعلا هئڻ ڪري تڪبر  ۾ ورتل هوندو هو , جنهن کان پوء آصف علي زرداري جي صدارتي دور ۾ به نواز شريف جو رويو انتها پسند رهيو آھي اهڙي ماضي رکندڙ کان پي پي پي اڄ به خوفزده آھي ۔ مستقبل لاء سمجهيو پيو وڃي ته ايندڙ جنرل اليڪشن کان پوء به اقتدار جي ڪرسي لاء پي پي پي کي نواز ليگ کان وڌيڪ  اقتداري ڀائيوري ۾ ٻيون ڌريون آسان لڳنديون, جن ۾ پي ٽي آء به شامل هوندي ۔ هن وقت جيڪي ٻنهي ڌرين جي ليڊرن جا بيان سمهون اچن پيا جن ۾ مريم نواز جو پي پي پي جي سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ طور چونڊيل يوسف رضا گيلاني جي باري ۾ سليڪٽيڊ جو لفظ ۽ پي پي پي جي بلاول ڀٽو جو بيان ته سليڪٽيڊ لاھور جو هڪ خاندان ٿيندو رهيو آھي جيڪو مسلم ليگ نواز ڏانهن سڌو سئو اشارو آھي ۽ اهڙي طرح مسلم ليگ جي مريم نواز  ۽ پي پي پي  طرفان  سخت بيان سامهون اچي رهيا آھن ۔جنهن مان ظاهر آھي ته اهي ٻئي پارٽيون اقتداري دنيا جي مفادن جي بنياد تي هڪ ٻئي لاء اندر  ۾ ڇريون رکيون ويٺا آھن ۽ ايترو جلدي اهي ڇريون پنهنجي اتحاد هوندي هڪ ٻئي تي بيانن جي صورت هلائي رهيو آھن جن جي عوام توقع ئي نه ڪري رهيو هو ۔ مريم نواز ۽ بلاول  پي ڊي ايم اتحاد ۾  پنهنجي رويي ۾ ايتري ته پنهنجائپ آندي هئي جو اسان جو سادو ماڻھو انهن کي هڪ ٻئي کان جدا نه ٿيندڙ سمجهي رهيو هو ۔ هوڏانهن ٽي پارٽي جمعيت علماء اسلام آھي جنهن جو سربراھ مولانا فضل رحمان آھي ۽ مولانا جو هن اتحاد کي ٺاهڻ ۽ هلائڻ ۾ وڏو هٿ آھي مولانا فضل رحمان کي عمران نيازي  تي ڪاوڙ سڀ کان وڌيڪ آھي جيڪڏهن هن وقت پي ٽي آء جو سياسي وڏو دشمن آھي ته مولانا فضل رحمان آھي سندس ڪاوڙ ان ڏينهن کان وٺي آھي جڏهن کان سندس پڪي قومي اسيمبلي جي سيٽ پي ٽي آء جي ميمبر جي حصي ۾ آئي هئي انهي اليڪشن جي ڏينهن کان وٺي اڄ تائين مولانا عمران خان جي حڪومت کي ڌانڌلي جي پيداوار حڪومت سمجهي انهي خلاف جدوجهد ۾ لڳي ويو آھي ۽ مولانا کي پي ٽي آء ۽ عمران طرفان ڊيزل جهڙن غلط الفاظن  سان پڪارڻ ڪري مولانا جي ڪاوڙ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو رهيو آھي جنهن گذريل  سال هڪ اسلام آباد ۾ زبردست  ماچ ۽ ڌرڻو هڻي عمران سرڪار خلاف عملي شروعات ڪري ڇڏي هئي ۽ هن وقت پي ڊي ايم ٺاهي عمران سرڪار کي ٽف ٽائيم ڏيئڻ  ۾ سندس وڏو هٿ ۽ ڪوشش رهي آھي ۔ پي پي پي ۽ نواز ليگ جي  پاڻ ۾ بي اعتمادي واري  فضا ۽ اندر جي مخالف رجحان کي به مولانا وچ ۾ پئي هلڪو ڪيو هو ۽ کين گڏي هڪ پي ڊي ايم وارو  اتحاد جوڙي هڪ طاقت ور پليٽ فارم جدوجهد لاء ڏنو ۔ پر گيلاني جو سينٽ چيئرمن نه ٿيڻ ۽ سينٽ ۾ مخالف ڌر جو ليڊر ٿيڻ جيڪو پي ڊي ايم جي اتحاد واي پليٽ فارم تان نواز ليگ جو ميمبر طع ٿيل هو ان سببن ڪري  هن وقت پي ڊي ايم جو اتحاد پڄاڻي تي پهچي رهيوآھي ۔ هن وقت به رسمي طور پي پي پي پنهنجو نمائندو پي ڊي ايم جي اجلاسن ۾ شريڪ ڪرائي رهي آھي ۽ رسمي بيان بازي به ڪئي پئي وڃي ته پي ڊي ايم جو اتحاد قائم رهندو پر لڳي نٿو ته هيڏن اختلافن ۽  ڌچڪن جي باوجود پي ڊي ايم ۾ ساڳيون جماعتون هلي سگهن ۔ انهي سڄي صورتحال جو مرڪز ۾ ويٺل حڪمران ڌر کي يقين  ٿي چڪو آھي  پي ڊي ايم جي تازي اختلافن هاڻي  عام ماڻھو يا تجزينگارن کي پڪ ڏئي ڇڏي آھي ته موجوده مخالف ڌر  يا اتحاد پوري طرح ناڪام ٿي چڪو آھي جنهن اتحاد کي غير فطري اتحاد سمجهيو ٿي ويو ۽ هاڻ عمران سرڪار کي پي ڊي ايم مان ڪو به خطرو ناهي .

پهنجو تبصرو موڪليو