ڀارت ۾ روسي ويڪسين جي قيمت15 سئو آهي، ،ٽرانسپرنسي

ڀارت ۾ روسي ويڪسين جي قيمت15 سئو آهي، ،ٽرانسپرنسي

اسلام آباد( بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ ڪورونا ويڪسين نجي ادارن ذريعي گهرائڻ ۽ وڪرو جي معاملي تي ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل پاڪستان جي وائس چيئرپرسن جسٽس(ر) ناصره جاويد اقبال وزيراعظم کي خط لکي ڇڏيو آهي.خط ۾ جسٽس(ر) ناصره جاويد اقبال وزيراعظم کي چيو آهي ته رپورٽن موجب ڪابينه روسي ويڪسين اسپوٽنگ يو جي ٻن خوراڪن جي قيمت 8 هزار 449 مقرر ڪئي آهي ۽ چيني ڪروونا ويڪسين جي في انجيڪشن جي قيمت 4 هزار 225 روپيه مقرر ڪئي وئي آهي. جسٽس(ر) ناصره جاويد اقبال چيو آهي ته دنيا ۾ حڪومتون ڪورونا ويڪسين عوام کي مفت فراهم ڪري رهيون آهن. پاڪستان پهريون ملڪ آهي جنهن ڪورونا ويڪسين نجي ادارن کي گهرائڻ جي اجازت ڏني.ڪابينه جي روسي ويڪسين جي منظور ڪيل قيمت عالمي قيمت کان 160 سيڪڙو وڌيڪ آهي. وائس چيئرپرسن ٽرانسپرنسي انٽرنيشل پاڪستان موجب ڀارت ۾ روسي ڪروونا ويڪسين اسپوٽنگ يو جي قيمت 1500 پاڪساني روپيه بڻجي ٿي. عالمي مارڪيٽ مان 150 سيڪڙو وڌيڪ قيمت تي وڪرو اوورچارجنگ جو سنجيده اشو آهي.ويڪسين جي خريداري جي شفافيت جي لاءِ سمورين حڪومتن کي خط لکيو آهي ته پنج شين کي يقيني بنايو وڃي. ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل پاڪستان چيو آهي ته ڪورونا ويڪسين جي خريداري جا سمورا تفصيل عوامي سطح تي جاري ڪيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو