خدا جو خوف ڪريو، لاپتا ماڻهو پيش ڪريو، عدالت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ سنڌ جي گهرو کاتي ۽ پوليس جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو لاڳاپيل اختيارين کي چيو ته روزاني هڪ جهڙي رپورٽ جي پرنٽ ڪڍي ٿا اچو، ڇا توهان سمجهو ٿا ته هن قسم جي رپورٽ تي اسان مطمئن ٿي وينداسين، 10 شهرين جي لاپتا ڪيس جي ٻڌڻي دوران معزز جج ريمارڪس ڏنا ته اسان کي ڪجهه به ناهي خبر، بس لاپتا ماڻهن کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو، اڳڀرائي رپورٽ پيش نه ڪئي وئي ته اسان روزاني گهرو سيڪريٽري کي گهرائي عدالت ۾ بيهارينداسين، معزز جج چيو ته ذميوارن کي نه خدا جو خوف آهي ۽ نه ئي ڪنهن ٻئي جو، عدالت شهري غلام نبي، شريف ۽ ٻين جي فوري طور بازيابي جو حڪم ڏيندي لاپتا ماڻهن جي مامري تي نئين جي آءِ ٽي جوڙي جاچ لاڳاپيل ايس ايس پي انويسٽي گيشن جي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ 15 اپريل تائين اڳڀرائي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو