راڻيپور جا جيلاني پير، سنڌ جون درگاهون قسط (4)

تحرير الله بچايو رند

جيلاني پيرن جي درگاهه 1189 هجري بمطابق 1775 ع ۾ قائم ٿي. جڏهن حضرت  پيران پير محبوب سبحاني سيد عبدالقادر جيلاني بغدادي الحسني والحسيني جي هڪ فرزند حضرت سيد عبدالعزيز جيلاني بغدادي رحه عرف سيد ابوبڪر الجيلاني بغدادي جي اولاد منجهان ٻه ڀائر سيد محمد جيلاني بغدادي ۽ سيد احمد جيلاني بغدادي تبليغ جي سلسلي ۾ سنڌ ۾آيا ۽ راڻيپور گمبٽ ۾ سڪونت اختيار ڪيائون.  سندن نسبي شجرو مبارڪ ڪجهه هن طرح آهي حضرت  سيد عبدالقادر جيلاني رحه ، سيد پير عبدالعزيز جيلاني بغدادي رحه سيد پير محمد جيلاني رحه، سيد پير شمس الدين شاه ، سيد پير ولي الدين شاه ، سيد پير شرف الدين شاه ، سيد پير زين الدين شاه ، سيد پير نور الدين شاه ، سيد پير حسام الدين شاه، سيد پير درويش الدين شاه ، سيد پير نور الدين شاه ، سيد پير عبدالرحيم شاه ، سيد پير صالح شاه ، سيد پير محمد شاه البغدادي رحه در ولايت سجاده نشين موضع گنبذ (گمبٽ شريف) وفات 14 ربيع اول 1210 هه ۽  حضرت سيد پير احمد شاه البغدادي رحه در ولايت سجاده نشين موضع راڻي پور شريف وفات 11رجب 1210هه. سنڌ جي ڪلهوڙا خاندان جي حاڪمن ميان سرفراز ڪلهوڙي ۽ ميان غلام نبي ڪلهوڙي جيلاني بغدادي سيد ڀائرن جي خانداني وجاهت ۽ شخصيت کان گهڻو متاثر ٿيا ۽ سندن روحاني ڪمالات ڏسي ساڻن عزت ۽ احترام سان پيش آيا ۽ کين سنڌ ۾ رهي تبليغ ڪرڻ جي اجازت ڏنائون.

Photo By writer

اهڙي طرح ٻئي جيلاني بغدادي ڀائرحيدرآباد ۽ خدا آباد کان تبليغ ڪندا ان وقت جي وڏي قاضي مخدوم احمدي رحه وٽ کهڙن جي شهر ۾ آيا ۽ پورا ٻارنهن مهينا سندس مهمان ٿي رهيا. ان کانپوءِ هو مخدوم صاحب جي ڪوشش سان راڻيپور گمبٽ ۾ ديني مرڪز کولي ويهي رهيا ۽ ونڊير خاندان مان شاديون ڪيائون. سندن فيض کان متاثر ٿي. بي انداز ماڻهو سندن مريد بڻجي ويا ۽ ڪيترن ئي هندن کي مسلمان ڪيائون. چون ٿا ته مٿي ذڪر ڪيل جيلاني بغدادي ڀائرن مان سيد محمد جيلاني بغدادي هڪ دفعو اڳ به سنڌ ۾ آيو هو. سيد محمد جيلاني بغدادي کي ٽي فرزند تولد ٿياهئا. سيد عبدالرزاق شاه جيلاني، سيدعبدالسلام شاه جيلاني ۽ سيدعبدالجليل شاه جيلاني جيڪي سندس زندگيءَ ۾ ئي فوت ٿي ويا هئا. سيد احمد الجيلاني بغدادي راڻيپور واري کي چار فرزند تولد ٿيا سيد صالح شاهه، سيد عبدالرحيم شاه، سيد ابراهيم شاه ۽ سيد عبدالعزيز شاهه عرف عبدالغفار شاهه هئا.

سيد احمد جيلاني بغدادي جي وفات بروز اربع 11رجب 1210هه بمطابق20 جنوري 1796ع ۾ ٿي ۽ پيرسيدصالح شاه جيلاني اول پنهنجي والدبزرگوار جي وفات کانپوءِ پيريءَ جي مسند تي ويٺو. ۽ پيرسيد ابراهيم شاهه جيلاني درگاه غوثيه گمبٽ شريف ۾ پنهنجي چاچي بزرگوار سيد محمد الجيلاني بغدادي جي درگاهه وڃي وسائي. ۽ پيرسيد عبدالرحيم شاهه جيلاني جو فرزند پير سيد شير محمد عرف پير شير پنهنجن نانائڻ ڏانهن لاڙڪاڻي هليو ويو ۽ اتي سيد سراج شاهه جي درگاهه جو متولي ٿيو. ايتري ۾ سنڌ جي حڪومت ڪلهوڙن جي هٿ مان نڪري ٽالپرن جي قبضي ۾ آئي. سنڌ جا ٽالپر حاڪم مير سهراب خان۽ مير رستم خان ٻئي راڻيپور ۽ گمبٽ جي جيلاني پيرن جي ڪلهوڙن کان به وڌيڪ عزت ۽ احترام ڪندا هئا، ايتري قدر جو سياسي ڳالهين ۾ به ساڻن مشورا ڪندا هئا. جڏهن افغانستان جو بادشاهه شجاع الملڪ 1219 هجري به مطابق 1805 ع ۾ سنڌ ڏانهن حملا آور بڻجي آيو هو، تڏهن راڻيپور جو پير سيد صالح شاهه جيلاني اول کهڙا شريف جي مخدوم محمد عاقل ۽ پيرسيد محمد راشد روضي ڌڻي سان گڏجي کيس بکر کان ئي موٽائي آياهئا. پير سيد صالح شاهه جيلاني اول جي وفات بروز اربع 19رجب 1248هه بمطابق 12 ڊسمبر 1832ع ۾ ٿي. ۽ سندن فرزند پير سيد شاه محي الدين شاه جيلاني سندن وفات کان پوءِ مسند تي ويٺو. هو هڪ وڏو پرهيزگار ۽ خدا جو نيڪ ٻانهون ٿي گذريو آهي. مختصرن سرزمين سنڌ ولين اوليائن درويشن صوفين سان ڀري پئي آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو