هاڻي ته سوشل ميڊيا تي به اوڌر جو ڪاروبار پيو هلي

هاڻي ته سوشل ميڊيا تي به اوڌر جو ڪاروبار پيو هلي

سجاول مان نديم ميمڻ لکي ٿو

دنيا جو ھر ڪاروبار اوڌر کان سواءِ ھروڀرو ھلي نه سگھندو آھي.ڪنھن به دڪان تي وڃبو ته اتي اوڌر متعلق دلچسپ جملا لکيل نظر ايندا آھن جيئن اوڌر گھري شرمندو نه ڪريو، ڪشمير جي آزادي تائين اوڌر بند آھي، اوڌر محبت جي قينچي آھي.اوڌر ڪيترن ئي قسمن جي ٿيندي آھي، اوڌر تي پئسا ورتا ويندا آھن ۽ انھن تي وياج وٺي ان کي جائز ڪرڻ لاء نفعو چيو ويندو آھي. اوڌر تي سامان وغيرہ وٺي دڪاندارن کي سندن ئي رقم واپس ڪرڻ مھل جيڪو احسان ڪيو ويندو آھي ان جو مزو ئي پنھنجو ھوندو آھي. پر اڄ ڪلهه جي ڊجيٽل دور ۾ اوڌر جو ھڪڙو نئون قسم مشاھدي ۾ اچي رھيو آھي. سوشل ميڊيا فيس بڪ تي پوسٽ کي لائيڪ ڪر ۽ لائيڪ وٺ، ڪمينٽ ڏيندي تي ڪمينٽ ملندئي، پوسٽ شيئر ڪندي ته شيئر ڪبي. نه رڳو ايترو پر فيس بڪ جي مھرباني سان ھاڻي سالگراھن جون اوڌر واريون پوسٽون ايتريون ته زيادہ ٿي ويون آھن جو خاص ڪري پرائمري استادن ۽ نادرا وارن جي مھربانيءَ سان ھروڀرو پھرين جنوري تي دنيا ۾ اچڻ وارا فيس بڪي دانشور ھڪ ٻئي کي وڏا وڏا لقب ڏئي ڌرتيءَ جا جوڌا جوان، دنيا ۾ اچي ماڻھن تي وڏو احسان ڪندڙ ثابت ڪري سالگراھن جون مبارڪون ڏيڻ جي وٺو وٺ لڳيل ھوندي آھي. انگريزن جي رسم سالگره جي مبارڪ بہ سادي نموني انگريزن وانگر ھيپي برٿ ڊي چئي ڏيڻ بدران ايترو ته وڌاءُ ڪيو ويندو آھي جو ويچارو ھمراھ پاڻ پيو ڦڪو ٿيندو آھي ته مار ايتريون خوبيون مون ۾ آھن ۽ مون کي خبر ئي نه آھي. ٻيو ته ٺھيو پر ھاڻي اجتماعي طور پنج ست ڄڻن جي ھڪ ئي ڏينھن سالگره ھجڻ ڪري سڀني ۾ اھي سموريون خوبيون ڪاپي پيسٽ ڪري مبارڪون ڏيڻ پڻ عجيب لڳندو آھي. ھر سال سالگرھ ملھائڻ اڳ ۾ ڪنھن کي ياد ئي نه ھوندو ھو.سڀ ڪو پنھنجي ڪم ڪار ۾ مصروف ھئڻ ڪري ڄمڻ ڏينھن جو ڪيڪ ڪٽي اجرڪون پائڻ ته پري ھڪ ٻئي کي مبارڪون ڏيڻ به عيب  سمجھندو ھو، پر ھاڻي جيڪڏھن ڪنھن جوڌي جوان کي فيس بڪ تي سالگرہ جي ڏينهن جي مبارڪ نہ ڏجي تہ ان کي سوشل ميڊيا جي دنيا ۾ غير فعال سمجھيو ويندو آھي. اسان جو سنڌي سماج اڃان ترقيءَ جي اوسر واري مرحلي تي مس پھتو آھي. ترقي ڇا ٿيندي آھي ۽ ترقي يافته معاشري ۾ ماڻھو ڪيئن زندگي بسر ڪن ٿا، يا سوشل ميڊيا جي ذريعن کي معاشري جي بھتري لاءِ ڪيئن ڪم ۾ آڻجي ان ڏاڪي تائين پھچڻ لاءِ اسان کي اڃان ڪيترائي سال لڳي سگھن ٿا. ان جو وڏو سبب اسان جو نوجوان آھي جيڪو ھن وقت جيئن سوشل جي ذريعن فيس بڪ، ٽڪ ٽاڪ، واٽس اپ کي غير ضروري طور تي بنا فائدي جي لاءِ استعمال ڪري رھيو آھي. اسان سوشل ميڊيا کي صرف وقت گذارڻ جو سبب بنائي ڇڏيو آھي. سوشل ميڊيا جو استعمال اسان وٽ صرف سالگراھن جون مبارڪون ڏيڻ، ھڪ ٻئي جو پٽڪو ڌوڙ ڪرڻ، وڏيرن جي چاپلوسي ڪرڻ واريون فضوليات ئي رھيو آھي. جنريشن گيپ ھئڻ ڪري پنجاھ کان مٿي عمر وارا ماڻھو انٽرنيٽ مان گھٽ ڄاڻ رکن ٿا پر ان جي برعڪس اڄ جو نوجوان توڙي ٻار به موبائل فون جو استعمال انتھائي آسانيءَ سان ڪري وڃي ٿو. نوجوانن کي ھن وقت سوشل ميڊيا جي ذريعن کي بجاءِ وقت گذاري جو ذريعو بنائڻ جي پنھنجي وقت کي مثبت ۽ تعميري سوچ سان پنھنجي ۽ پنھنجي علائقي جي فائدي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آھي. تيز ترين انٽرنيٽ تائين رسائي رکندڙ ملڪن جا نوجوان پنھنجين تخليقي صلاحيتن کي استعمال ۾ اڻيندي يوٽيوب، فيس بڪ، ٽڪ ٽاڪ وسيلي روزانو لکين روپيہ ڪمائي خوشحال زندگي بسر ڪري رھيا آھن. چند آڱرين تي ڳڻڻ کان سواءِ سوشل ميڊيا تي سنڌي نوجوان ايترو اڳتي نہ وڌي سگھيا جيترو ٻين صوبن جا نوجوان اڳيان اچي رھيا آھن.ان لاءِ نوجوانن کي سوشل ميڊيا تي فضول وقت وڃائڻ بجاءِ پاڻ کي مڃائي سنڌ جو نالو روشن ڪرڻ گھرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو