مهانگائي ختم ڪرڻ ۾ وقت لڳندو،عبدالحفيظ شيخ

اسلام آباد(الله وسايو گهوٽو)خزاني جي وفاقي وزير عبدالحفيظ شيخ جو چوڻ آهي ته ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ ڪجهه وقت لڳندو.خزاني جي وفاقي وزير سينٽيٽ جي اجلاس ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو، حڪومت ملڪ جي معيشت کي بحال ڪرڻ لاءِ سخت ۽ مشڪل فيصلا ڪيا، فوجي خرچن کي منجمند ڪيو، ملازمن جون پگهارون نه وڌايون، بجيٽ کان سواءِ ڪا سپليمينٽري گرانٽ جاري نه ڪئي، حڪومت اسٽيٽ بينڪ کان هڪ ٽڪو به ناهي ورتو.هن چيو ته قرض وڌڻ جو سبب روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي آهي، ماضيءَ جا 6 ارب روپيا وياج ڏنوسين، ماضي جو قرض ۽ وياج ادا نه ڪجن ها ته اسان کي وڌيڪ قرض نه وٺڻو پوي ها.   

پهنجو تبصرو موڪليو