واشنگٽن جو ريڊ زون فوجي ڇانوڻي بڻجي ويو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) نئين چونڊيل آمريڪي صدر جي حلف برداري تقريب کان اڳ واشنگٽن ڊي سي جو ريڊ زون فوجي ڇانوڻي ۾ تبديل نظر اچي رهيو آهي.جوبائيڊن جي حلف برداري تقريب سڀاڻي ٿيندي جنهن کان اڳ ئي آمريڪي گادي واري شهر جا روڊ رستا سنسان آهن. هر طرف رنڊڪون ۽ ڪنڊيدار تارون لڳايون ويون آهن جڏهن ته وڏي انگ ۾ نيشنل گارڊز مقرر ڪيا ويا آهن.تقريب جي موقعي تي آمريڪا ۾ حملن جو امڪان آهي ۽ اهڙي صورتحال جي  حوالي سان ڪيترين ئي رياستن ۾ نيشنل گارڊز مقرر ڪيا ويا آهن. وقتي آمريڪي بچاءُ واري وزير ڪرسٽوفر ملز جو چوڻ آهي ته حلف برداري تقريب تي سيڪيورٽي اهلڪارن طرفان اندروني حملن بابت ڪابه انٽيليجنس ناهي.ياد رهي ته گذريل ڏينهن آمريڪا جي ڪجهه رياستن ۾ ٽرمپ جا حامي روڊن تي نڪتا پر سيڪيورٽي اهلڪارن  جو انگ مظاهرين کان ڪافي وڌيڪ هو.

پهنجو تبصرو موڪليو