واٽس ايپ پاران صارفين جي معلومات محفوظ بابت وضاحت

لندن(ويب ڊيسڪ)واٽس ايپ پنهنجي  صارفين کي سندن جي  ذاتي معلومات محفوظ هئڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي.مسيجنگ، ايپ واٽس ايپ پاران فيس بڪ سان معلومات شيئر ڪرڻ ۽ انهن شرطن کي تسليم نه ڪندڙن جا اڪائونٽ حذف ڪرڻ واري اعلان بعد عالمي سطح تي ان کي شديد تنقيد جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، ان کي نظر ۾ رکندي واٽس ايپ پاران ٻه ڀيرا وضاحتي بيان سامهون اچي چڪو آهي.پنهنجي وضاحتي بيان واٽس ايپ جي سربراهه ول ڪيٿڪارٽ جو موقف سامهون آيو جڏهن ته گذريل ڏينهن وري ٻيو بيان سامهون آيو آهي.پنهنجي وضاحتي بيان ۾ واٽس ايپ جو چوڻ آهي ته ڪيترن افواهن جو جواب ڏيڻ ضروري آهي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته نئين پاليسي سان صارف جي روزاني جي ڳالهه ٻولهه ۽ رابطي جي رازداري تي ڪو اثر نه پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو