ثقافت ۽ ٻولي ڪنهن به قوم جي بقا آهي

ليکڪ اعجاز سوڍر

اسان جنهن قوم سان وابسته آهيون اها قوم صدين کان وٺي پنهنجي مهمان نوازيءَ ۾ ملڪن ۾ مشهور رهي آهي. ٻيا ملڪ به اسان جي سنڌ سونهاريءَ جي مهمان نوازيءَ جا گڻ پيا ڳائيندا هئا. اسان جي قوم ياري دوستيءَ ۾ سِر ٻچا قربان ڪرڻ، رحمدلي جا انوکا واقعا پيش ڪرڻ، سامُن تي سِر ڏيڻ، ٻين کي انصاف ڏيارڻ لاءِ جنگ ڪرڻ ۽ پنهنجي ثقافت جي ڪري ٻين قومن ۾ نمايان مقام رکندي هئي. اسان انهيءَ ماضي تي هاڻي صرف ڪفِ افسوس ئي مَلي سگھون ٿا. ڇوته اهي سڀ گڻ تقريبًا اسان جي قوم منجھان ناپيد ٿي چڪا آهن. حالانڪه ٿيڻ ته الٽو کپندو هو، اسان جي سنڌي قوم جڏهن 712ع ۾ اسلام کي قبول ڪيو ته اسلام جي تهذيب ۽ تمدن کي به پنهنجي ريتن رسمن ۾ دل جي گهرائيءَ سان ضِم ڪيو. عرب حضرات به اسان جي قوم جيان مهمان نوازي، پناھ ڏيڻ، سَام مٿان سِر قربان ڪرڻ ۽ حق لاءِ پنهنجا نسل در نسل سوليءَ تي سجائڻ جهڙين خوبين سان سرشار هئا. اسلام ۽ سنڌي ثقافت جڏهن مِڪس ٿي ته منجھس ترقي ٿئي ها، پر ترقي بجاءِ هتي زوال ئي آيو.

اسان مسلمان بڻجي اسلامي ثقافت کي اپنايوسين ۽ پنهنجي ريتن رسمن، ثقافت، لَين دَين، وڻج واپار، ڀائپي برادري ايسيتائين جو زندگيءَ جي ڪاروهنوار ۾ اسلامي طرز جي پيروي ڪري پنهنجي آخرت جو ثمر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي سون. اسان بحيثيت مسلمان پنهنجي زندگي اسلامي احڪامن تحت گذارڻ لڳاسون. اسلام هڪ ضابطئه حيات ڏنو، اسان کي پنهنجي خالق جي سڃاڻپ عطا ڪئي، انسانيت جو سچو درس ڏئي انسانيت سيکاري. اسلام به انسانيت ۽ ڀائپي برادري کي اوليت ڏني آهي. اسان پنهنجي ڀائپي برادريءَ ۾ نمايان رهياسين. پنهنجي برادريءَ جي هر غم ۽ هر خوشيءَ ۾ شريڪ رهياسين ۽ شريڪ ڪيوسين. هر غم هلڪو ٿيو جڏهن پنهنجا گڏ رهيا، هر خوشي ٻيڻي بلڪه ڏهوڻي رهي جڏهن پنهنجا ان خوشيءَ ۾ گڏ رهيا. هر سٺو طعام گڏجي کائڻ ۾ لطف آيو، گڏجي وقت گذارڻ ۾ زندگيءَ جو اصل مزو آيو. اسان جي شادي غمي پنهنجن سان ئي رهي. غمي ۾ هر غم کي پنهنجن ورهائي کنيو، جنهن ڪري ڪنهن هڪ فرد يا هڪ خاندان مٿان ان غم جو اهو بار باقي نه رهيو. خوشي جي هر موقعي تي دل گھرين جو ساٿ رهيو جنهن ڪري ان خوشيءَ ۾ اضافو ئي ٿيندو رهيو ۽ اها خوشي سڀني جي خوشي رهي. اسان کي زندگي گذارڻ جو صحيح طريقو اسلام ڏنو ۽ صاحب شريعت حضرت محمد مصطفى احمد مجتبى ﷺ جن جي هر طريقي کي پنهنجي زندگيءَ جو حصو بڻايو ۽ آخرت سنواريءَ جو ذريعو سمجھيو.

اسان جي ابن ڏاڏن پنهنجي ريتن رسمن ۾ به اهي طريقا لاشعوري طور شامل ڪري اسان لاءِ آساني ڪئي. اسان جي ابن ڏاڏن جا اڪثر طريقا اسلام جي اعلى صفتن ۽ رسول الله ﷺ جن جي سنتن ۾ شامل هئا. سندن دليون ايمان سان پُر، خلوص، نيڪ نيتي، همدردي، پنهنجائپ، اخلاص ۽ ايماني غيرت سان ڀريل رهيون. پڳڙي پائڻ (ايسيتائين جو اگر ڪو خاص ڪپڙو ميسر نه ٿيندو هو ته رومال، انگوشو يا پوتڙي جي به پڳ ٻڌندا هئا)، بوسڪيءَ جي پڳ ٻَڌڻ، ڪهاڙي کڻڻ، گوڏِ پائڻ، اجرڪ، رومال يا شال ڪلهن تي رکڻ، سنڌي ٽوپي پائڻ، سادي ڪپڙي جي سبيل ٽوپي اوڙهڻ، لڪڻ کڻڻ، نِم يا کبڙ جو ڏندڻ ڏيڻ، سرمو پائڻ، تيل لڳائڻ وغيره جهڙيون انيڪ سنتون اسان جي ثقافت ۾ اسان کي نصيب ٿيون، اسان جي وڏڙن طرفان اسان کي وراثت ۾ مليون، مگر وقت جي بي رحم موجن اسان جي ايماني قوت کي ته ڪمزور بڻائي ڇڏيو پر ان سان گڏ اسان جون اهي اباڻيون نشانيون به اسان کان کسجڻ لڳيون. 2009ع ۾ جڏهن ڊاڪٽر شاهد مسعود (اليڪٽرانڪ ميڊيا جو مشهور اينڪر) سابق صدر پاڪستان محترم آصف علي زرداري صاحب جي سنڌي ٽوپي پائي بيروني سفر ڪرڻ تي تنقيد ڪئي ته سنڌي قوم جي غيرت جاڳي پئي. سنڌي قوم جي جذباتن کي للڪاريو ويو هو، سو هو خاموش ڪيئن رهي ها، سو اسان جي ثقافت کي زندھ رکڻ لاءِ ڪاوش، ڪوشش اخبار ۽ ڪي ٽي اين ٽي وي چئنل جي سرواڻ محترم علي قاضي صاحب سنڌي ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جو سڏ ڪيو. سندس هن سڏ تي ٻين سنڌي اخبارن ۽ سنڌي ٽي وي چئنلن به لبيڪ چئي ڀرپور ساٿ ڏنو، عوام جي ستل جذبن کي جاڳايو ۽ ڊسمبر جي سردي واري پياري موسم جو انتخاب ڪري سنڌي ثقافت جنهن ۾ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ کي خاص ڪري فوڪس ڪيو ۽ عوام کي اهو ڏينهن ملهائڻ لاءِ سهڪار جو چيو. سندن هن سڏ تي سنڌ جي عوام ديوانه وار گھرن کان نڪري ثقافتي جلوس، ريليون، جاڳرتا پروگرام، ويهڪون، محفلون ۽ مچ ڪچهريون ڪرڻ شروع ڪيون. آهستي آهستي هر سال ان ميڙاڪن ۾ اضافو ٿيندو رهيو. اهو به هڪ سٺو سَونڻ هيو جنهن ڪري ان جي ڳالھ ڪيم. اها هڪ سٺي ڳالھ آهي مگر اهو به صرف هڪ يا ٻه ڏينهن جو شوشو هجي ٿو، باقي عام ڏينهن ۾ اسان انهن ثقافتن کان بلڪل خالي رهندا آهيون. انهيءَ ثقافت ملهائڻ ۾ وري اسان جي عوام ڪمال ڪري ڏيکاريو. روڊن تي ريلي ڪڍي جوان نياڻين کي نچائڻ شروع ڪيو، اسڪولن ۾ پروگرام منعقد ڪرائي نوجوان نياڻين کي نچائي لطف اندوز ٿيڻ لڳا، انهيءَ ثقافتي ڏهاڙي ملهائڻ جي جوش ۾ غيرت جو جنازو ڪڍيو وڃي ٿو. اهو به هڪ بُرو عمل آهي.

اسان پنهنجي هر خوشيءَ ۾ پنهنجن کي شريڪ ڪرڻ جي تمنا ڪئي، هر غم کي غلط ڪرڻ لاءِ سندن ساٿ گھريو. خوشين جي موقعن تي اسان وٽ مهمانن جي استقبال ڪرڻ لاءِ ڪافي وقت هوندو آهي جنهن ڪري انهن جي ويهارڻ، کارائڻ ۽ رهائڻ جو بهتر کان بهتر بندوبست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڳوٺ وارن، عزيزن ۽ دوستن وٽان کَٽون، بسترا ۽ ٻيو ضرورت جو سامان گڏ ڪري انهن مهمانن جي آجيان ڪئي. ان جي برعڪس جڏهن ڪا فوتگي ٿي ته ان وقت گھروارن ۽ عزيزن کي دلي صدمو رسيو هوندو آهي، جنهن ڪري سندن غم ۽ ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ وارن لاءِ ويهارڻ، کارائڻ ۽ رهائڻ جو بندوبست ڪرڻ جو وقت به وٽن نه هوندو آهي ۽ ان وقت اهو خَفو ڪرڻ گوارا به نه لڳندو آهي، جنهن ڪري انهن دل گھرين جي ويهڻ لاءِ زمين ئي بهتر جڳھ سمجھ ۾ آئي، سو پَٽ تي پَلال وڇائي کين ويهاريو ويو، سندن کارائڻ جو ڪم ڳوٺ وارن ۽ عزيزن پنهنجي ذمي کنيو. اهو پَٽ تي ويهڻ شريعت جي طرفان ڪو فرض يا لازم نه هوندو آهي بس پنهنجائپ ۾ ساڻن ڏک جي وقت ۾ هيٺ ويهڻ ئي مناسب لڳندو آهي. ڇاڪاڻ ته ان وقت ايترن سارن مهمانن جي ويهارڻ جو جوڳو بندوبست ڪرڻ مشڪل لڳندو آهي، سو ان جو مطلب اهو هوندو آهي ته ادا اڄ هن ڏک واري وقت ۾ اسان سان اسان جا ڀائر ٿي هيٺ زمين تي ويهو، اسان وٽ ايترو بندوبست ڪرڻ جو وقت نه آهي. شادي يا خوشيءَ جي وقت ۾ اهو پروگرام طئي ڪرڻ لاءِ ڪافي سارا ڏينهن هوندا آهن، اها تاريخ اچڻ کان پهريان هر شيءِ جو بندوبست ڪرڻ ڪو مشڪل نه هوندو آهي سو عزت ۽ احترام سان سڀ خدمتون سرانجام ڏنيون وينديون آهن. اسان جي انهيءَ ثقافت جا به روزانه جنازا ڪڍيا وڃن ٿا، مختلف قسمن جي نواڻ آڻي غريبن لاءِ به مسئلا پيدا ڪيا وڃن ٿا ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي ريتن رسمن جي جاءِ تي ڌارين جون رسمون شامل ڪري اباڻي ريتن کي ڌڪيليو وڃي ٿو. خوف ٿئي ٿو ته ڪٿي اسان جي اها ثقافت گذريل دور جي ڪهاڻين ۾ ئي نه رهجي وڃي. اڄ ڪوبه سلجھيل ماڻهو پڳڙي پائڻ لاءِ تيار نه آهي، گوڏِ ۽ پوتڙو (مَنجلو) پائي ڪوبه گھر کان ٻاهر نڪرڻ ۾ شرم محسوس ڪندو آهي، سرمو پائڻ وسري ويو، تيل جي جاءِ تي ٻيا مصنوعي ڪيميڪل لڳائڻ جو فيشن آهي، رومال ڪلهن تي رکڻ ڄٽڪي عادت ۾ شمار ٿئي ٿو، اجرڪ به صرف مَيت  مٿان وِجَهڻ ۽ شادي جهڙن پروگرامن ۾ پائڻ جو فيشن ئي رهجي ويو آهي، عام ڏينهن ۾ اجرڪ تقريبًا سڀني کان وسريل رهي ٿو، ڪو پڙهيو لکيو، آفيسر يا صاحب اقتدار ماڻهو سنڌي ٽوپي پائڻ ۾ شرم محسوس ڪندو آهي. ڪجھ ماڻهو سنڌي ٽوپي مجبوري ۾ پائيندا آهن، جيئن سندن وار لَهڻ شروع ٿيندا آهن، سندس گنجِ کي لِڪائڻ لاءِ سنڌي ٽوپي پائي ثقافت کي جيارڻ جي دعوى ڪندا آهن. پڳڙي جي ثقافت کي وري ٻهراڙيءَ جي ڪنهن عمر رسيده ماڻهو سنڀاليو هوندو آهي يا وري مولوي حضرات جيڪي سنت سمجھي ان ثقافت کي زندھ رکيون اچن ٿا.

اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ به ڪافي پرائي ٻولين جا لفظ آيا آهن. اها ٻوليءَ جي وسعت هوندي آهي جو هوءَ پنهنجي اندر ٻين ٻولين جي لفظن کي آسانيءَ سان سمائي ڇڏيندي آهي مگر ان جو اهو مطلب به هرگز ناهي ته ٻين ٻولين ۾ اهڙو غرق ٿي وڃجي جو پنهنجي اصل ٻولي ڳالهائڻ ۽ سمجھڻ به وسري وڃي. اسان وٽ اهو ٽرينڊ ڏاڍو زور شور سان هلي رهيو آهي. اسان جا جوان ٻي ٻوليءَ ۾ آساني سان لکي ۽ پڙهي سگھندا آهن مگر باوجود ٺيٺ سنڌي ڳالهائڻ ۽ سنڌي ماحول ۾ رهڻ جي سنڌي لکڻ ۽ پڙهڻ بلڪل به نه ڄاڻندا آهن. ايئن ڪرڻ سان اسان موت کان پهريان قومي موت مري وينداسين. شايد اهو چوڻ ڪو وڌاءُ نه هوندو ته اسان جي ابن ڏاڏن جي ريتن رسمن کي بي خبريءَ ۾ جاري رکيو وڃي ٿو يا ڪنهن مجبوريءَ ۾. اسان کي اهو سوچڻ گھرجي ته اسان جي ثقافت ۽ ٻولي اسان جي قوم جي زندگي آهي، ثقافت ۽ ٻولي ئي اسان کي زندھ رکندي آهي، جيسيتائين اسان جي ثقافت ۽ ٻولي زندھ رهندي تيسيتائين اسان جي قوم به باقي رهندي. اسان جي ثقافت ۽ ٻوليءَ جي ختم ٿيڻ سان اسان جي قومي زندگيءَ جو به اختتام ٿي ويندو. هن موقعي تي نارائڻ شام جي غزل جو هي جملو دعا بڻجي دل منجھان بي ساخته نڪري ٿو.

الله! ايئن نه ٿِئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي، ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.

aijazsodhar58@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو