قدرت جي ڏات سان سرشار شخصيت غلام محمد بلو

تحرير: شھاب الدين المعروف ظفر علي محمدي رٽائرڊ جج

سنڌ ڌرتيء جو صاف سٿرو انسان مرحوم غلام محمد بلو سال 1927 تي مرحوم ارباب علي خان جي گھر ڳوٺ ڪوٽ بلو تعلقي پنوعاقل ۾ جنم ورتو ـ پرائمري فائنل جو امتحان ڀيلار پرائمري اسڪول مان امتيازي نمبرن ۾ پاس ڪيو ـ جڏهن ته ميٽرڪ بمبئي يونيورسٽي مان  حاصل ڪئي ۽ تمام سبجيڪٽس ۾ ڊسٽنڪشن مارڪس کڻي  رڪارڊ قائم ڪيو ـ پاڻ پنوعاقل جي سماجي شخصيت ڊاڪٽر عبدالفتاح بلو جا ننڍا ڀاءُ آھن ۽ وڏي ڀاءُ جو تمام گهڻو احترام ڪندا ھئا ۽ پنهنجي ٽنھي فرزندن جي شادي به وڏي ڀاءُ وٽان ڪرائي. مرحوم محترم غلام محمد جن کي مالڪ ڪريم خزاني جو رکوالو مقرر ڪيو ۽ سندس عزت ۽ شھرت ۾ اضافي جي ذميواري به باري تعالىٰ جي طرف کان مقرر ٿيل ھئي جو نامصائب حالات ۾ به سندس مصمم ارادي سبب مليل ذميواري کي خوب نڀايو. سندس سادگي ۽ ايمانداري سنڌ جي تڏهوڪي بيورو ڪريسي ۾ هڪ مثالي حيثيت طور مشهور هئي ۽ ماڻهو سندس جا مثال ڏيندا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو