معاملا طئي ايندڙ ٻن مهينن ۾ شهباز شريف ۽ حمزا شهباز آزاد ٿيندا

تحرير الله وسايو خان گهوٽو

شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جي آزادي جو فيصلو ٿي چڪو آهي شهباز شريف کان پهريان حمزا شهباز هلندڙ مهيني ضمانت تي رها ٿيندو. حمزا شهباز 19 مهينن کان نيب جي ڪسٽڊي ۾ جيل آهي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ ضَمانت جي درخواست  تي ٻڌڻي ٿي جيڪا ٻن هفتن لاءِ ملتوي ٿي وئي آهي سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ جسٽس مشير عالم جي سربراهي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. حمزا شهباز اها درخواست 24 اپريل 2020 تي داخل ڪئي هئي پر مملو دٻيو رهيو ليڪن ڊسمبر ۾ ان درخواست جي بڌڻي لاءِ درخواست ڏني وئي ته منهنجي درخواست پينڊنگ ۾ آهي اها ٻڌي وڃي هاڻي ان درخواست جي ٻڌڻي شروع ٿي وئي آهي جڏهن نيب کان سپريم ڪورٽ رڪارڊ طلب ڪيو ته لاهور جي جيڪا احتساب عدالت ٻه آهي ان ۾ 46 ڪيس پينڊنگ ۾ آهن جنهن لسٽ ۾ 44 نمبر تي حمزا شهباز جو ڪيس آهي جڏهن عدالت ۾ آرگيو مينٽس ٿيا ته اعلا عدالت چيو ته اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو ته ٽرائل مڪمل ٿيڻ کان پهريان ڪنهن ملزم کي جيل ۾ رکيو وڃي ٿو نيب جو اهو طريقو ٺيڪ نه آهي جيڪڏهن ڪو ماڻهون توهان سان تعاون نٿو ڪري حاضري تي نٿو اچي پيش نه ٿو ٿئي ته ان جي ضمانت جي درخواست خارج ڪري سگهجي ٿي ۽ نيب ان جي خلاف درخواست ڏيئي سگهي ٿي. جسٽس يحيٰ آفريدي ان ۾ وڏا رمارڪس ڏنا ۽ ان اهو معاملو اٿاريو ته هڪ ملزم کي ٽرائل مڪمل ٿيڻ کان پهريان ڪيئن جيل ۾ رکي سگهجي ٿو جڏهن ته سپريم ڪورٽ اهو چئي چڪي آهي ته نيب جي ڪيسن جي زوزانو ٻڌڻي ڪئي وڃي ته جيئن هڪ ٻڌڻي ۾ ڪجهه گواهن جا بيان رڪارڊ ٿي سگهن پر نيب ايئن نه ڪندي آهي سالن جا سال ڪيسن هلڻ ۾ لڳي ويند آ هن. ان حوالي سان سپريم ڪورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ چئني صوبن جون هاءِ ڪورٽون چئي چڪيون آهن ته نيب اڪثر معاملن ۾  سياسي انجنيئرنگ ڪري رهي آهي . حڪومت ان معاملن بابت نيب کان پڇندي به نه آهي جيئن اپوزيشن وارا چوندا آهن  ته نيب  جنرل اسم سليم باجوا جو ڪيس ڇو نه ٿي کولي     پرويز خٽڪ جي خلاف ڇو نه ڪيس کوليندي آهي وزير اعطم جي خلاف ڪيس ڇو نه کوليندي آهي جڏهن ته انهن سڀن جي خلاف ڪيس پيا آهن . اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي پرهن ڪيس ۾ عدالت کي فيصلو ڪرڻو آهي ۽ عدالت جا جيڪي رمارڪس هئا ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته عدالت ان جي ضمانت منظور ڪندي ۽ هلندڙ ئي مهيني هو رها ٿيندو ۽ان جي خلاف ٻيا به کوڙ سارا ڪيس آهن ان ۾ مني لانڊرنگ جو ڪيس اهي آمدن کان وڌيڪ اثاثا ڪيس به آهي پياري پاڪستان ۾ ايئن به ٿيندو آهي جڏهن سياسي معاملات ٺيڪ نه هوندا آهن ته ڪيس ٺهندا آهن ۽ جڏهن سياسي معاملات ٺيڪ ٿيندا آهن ته ڪيسن ۾ به رليف ملندو آهي  ۽ هاڻي ايئن ئي ٿيندو هلندڙ مهيني حمزا شهباز جيل مان آزاد ٿيندو ۽ اڳلي مهيني شهباز شريف به جيل مان ازاد ٿيندو  ٻنهي جون صمانتون ٿينديون. بظاهر ته اهو قانوني طريقي سان ڪيو ويندو آهي عدالتن مان رليف ملندو ليڪن اصل ڳالهه اها آهي ته پاڪستان ۾ جيڪو اسٽيبلشمينٽ چاهيندي آهي اهو ئي ٿيندو آهي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ن ليگ کي رليف ڪهڙي طريقي سان ٿو ملي  عدالتن مان يا عمران خان طرفان اين آر او ۽ اهڙي قسم جا مثال ملڪ جي تاريخ ۾ کوڙ سارا آهن ڪنهن کي جيل موڪلڻو آهيته ڪنهن کي جيل کان ٻاهر ڪڍڻو آهي اها سٺي ڳالهه آهي جيڪڏهن پي ڊي ايم ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ ٺاهه ٿي وڃي ٿو پهريان ته وڏي ٽڪرائو واري صورتحال هئي پر هاڻي ڪجهه ٿڌ ٿي آهي ۽ ٻنهي طر فن کان ايئن لڳي رهيو آهي ته عزت سان معاملات حل ٿيڻ وارا آهن.سياسي طريقي سان هل ڪڍجي ڳالهه ٻولهه ذريعي مسئلا حل ڪجن بجاءِ ان جي ته هڪ ٻئي کي ڌمڪيون ڏجن. شاهد خاقان عباسي آمريڪا  ويو هو پنهنجي بيمار ڀيڻ جي عيادت ڪرڻ اتان هو لندن آيو نواز شريف سان به ان جي ملاقات ٿي ۽ ان کي نواز شريف جيڪي هدايتون ڏنيون هونديون ان جي رو شني ۾ مسلم ليگ ن وارا اڳتي وڌندا . ليڪن جيڪو به ٿيندو اهو آئين ۽ قانون جي حدن ۾ رهي ٿيندو  سياسي انداز  ۾ٿيندو جيڪو سڀن ڌرين کي قابل قبول هوندو  اهو  پلان ڪامياب به ٿيندو. سينيٽ جي چونڊن کان پوءِ پنجاب اسيمبلي ان کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ عدم اعتماد رٿ آڻي ويندي ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته هي سال تبديلي جو سال آهي ۽ اها تبديلي پنجاب سان گڏو گڏ وفاق ۾ به ايندي. پي ڊي ايم وارا هڪ ٻئي سان جيڪي ڳالهيون ڪري رهيا آهن ان ۾ مولانا فضل رحمان کي چيو ويو آهي ته توهان کي صدر پاڪستان بڻائيندا سون هاڻي خبر نه آهي  ته جيڪا تبديلي ايندي ان  ۾ وزيراعظم تبديل ٿيندو يا صدر پاڪستان به تبديل ٿيندو باقي پولٽيڪل چينج جي حوالي سان ڪافي شيون واضع آهن پي ڊي ايم جو متفقه وزيراعظم جو اميدوار اختر مينگل آهي جنهن تي اسٽيبلشمينٽ به راضي آهي پي ڊي ايم جا تمام ميمبر به راضي آهن هاڻي اهو طئي ٿيڻ باقي آهي ته جيڪا چينج ايندي نئون وزير اعظم ايندو ۽ ملڪ جا جيڪي  معاشي حالات آهن ان کي نظر ۾ رکندي فوري اليڪشن ڪرائي وڃي يا ڪجهه عرصو ان سيٽ اپ کي هلائجي ان کانپوءِ اليڪشن ڪرائجي ڇاڪاڻ ته نيون چونڊون ڪرائڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ  100 هڪ سئو ارب گهرجن ته ايتري وڏي رقم نئين چونڊن لاءِ خرچ ڪجي يا ساڳئي سيٽ اپ کي هلائجي اهو فيصلو اڃا ناهي ٿيو ليڪن پي ڊي ايم ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو آهي ته اختر مينگل  پي ڊي ايم جو وزيراعظم جو اميدوار هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو