خطرناڪ بيانن بعد شهيدن جا لاش دفن ڌرڻا ختم

تحرير زوار حسين شاهه

سانحه مچ جي شهيدن انهن جي اڳواڻن رشتيدارن وڏي دانشمندي سان مرڪزي قيادت سان ڳالهيون ڪري بهترين مثال قائم ڪيو ، جنهن تي سڄي پاڪستان جي عوام کي هڪ خوشي ٿي ته شهيدن جا لاش 6 ڇهن ڏينهن کان سرد کان سرد ترين سردي هئڻ بعد به روڊن تي رکي احتجاج ڪيو ڪنهن هڪ کي به هوش مان ڪم وٺڻو پيو برحال احتجاجي ڌرڻا به ختم ، مطالبات به تسليم ڪيا ويا ، وزيراعظم پاڪستان به ڪوئيٽه پهتو جيڪا به هڪ تاريخ رقم ٿي چڪي آهي رهي ڳالهه ته پاڪستان جي وزيراعظم جناب عمران خان جو نه اچڻ  به ڪا ته صداقت رکي رهيو هو ڪئي ڳالهيون هونديون جيڪي اسان لکي به نه ٿا سگهون  دير سان ئي سهي مسئلو ته حل ٿيو ، پر اسلامي جمهوريه پاڪستان جي وزيراعظم  رياست مدينه جي پرچار ڪندڙ خان صاحب جي عظمت کي سلام آهي جنهن بنا دير جي مظلومن جي حمايت انهن جي ڏکن ۾ شامل ٿيڻ جو ٽي وي تي ته اچي بيان ڏنو ۽ اهو به چيو ويو ته  شهداء سانحه مچ بلوچستان جا تمام مطالبات تسليم ڪري ورتا آهن پر ان تي هن وقتائين ڪو به عمل ناهي ٿي سگهيو ويتر عجيب غريب ڳالهه ته مان تڏهن ايندس جڏهن اهي شهيد دفنائيندا ، پر انهن مظلومن جي وارثن اهومطالبو ڪيو ته ڪجهه به ٿئي جيستائين خان ڪپتان عمران صاحب نه انيدو اسان به هي ڌرڻو ختم نه ڪنداسين ، ان سان گڏ سائين ڪپتان عمران خان جيڪو بار بار انساني حقن جي ڳالهه ڪندڙ عوام جي تقدير بدلائيندڙ هي قوم منهنجو سرمايو آهي هو هن وقت 11 ميتون روڊ تي رکي صرف هڪ مطالبو ڪن ٿا ته وزيراعظم جناب عمران خان اچي پرالائي سائين کي ڪنهن صلاح ڏني آهي ته توهان نه ويندا ، ان سان گڏ خطرناڪ بيان ته جيڪڏهن هو لاس نه دفائيندا ته مان نه ايندس هو ملڪ جي وزيراعظم کي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن مان بليڪ ميل نه ٿيندس ، واه واه سائين توهان جي عقل فهم جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي ، واه جو انسانيت سان پيار جو ثبوت پيش ڪيو ٿا ، هزاره ڪميونٽي مٿان ڪيئي حمله ٿيا ٻن هزارن کان مٿي انهن جا عزادار بي گناهه شهيد ٿيا پر ڊهشتگردن انهن جي تذليل ڪئي الله سائين انهن ظالمن کي پاڻ سزا ڏيندو توهان ڏسندا ، هزاره ڪميونٽي جي هر هڪ فرد ڪيترن ئي ادارن مٿان  تنقيد ڪئي  آهي هو چاهين ٿا ته وزيراعظم  روايئتي نه اچي هو ڪجهه ايڪشن وٺي پاڻ کي اهو ثابت ڪري ته مان دهشتگردن کي نيست نابود ڪندس  برحال هي سلسلو اڃان به سخت احتجاج طرف وڃي رهيو اهي هر انسان پرست هن وقت پريشان آهي ملڪ جنهن مٿان پهريون ئي اربين ڊالرس جو بوجهه آهي ويتر جيڪڏهن  پاڪستان بلاڪ آهي ته اڃان به معيشت تباهه ٿيندي ،  جيڪڏهن مان هزاره قوم جي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جي تاريخ بيان ڪيان ته هو پاڪستان آزاد ٿيڻ کان اڳ هڪ سو سال اڳ آيا جن بهترين زندگي بسر پيئي ڪئي پر جڏهن کان پاڪستان ۾ جمهوريت جو راڳ ڳائيندي جيڪو اليڪشن ۾ ڪامياب ٿئي ان کي وڏي دانشمندي سان ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان  هٿ شفقت رکي ڪامياب قرار ڏين جنهن کان پوء جن جو انهن پاڪستان جي سياستدانن مٿان هٿ قائم رهيو آهي اڄ به عوام جي جانن سان کيڏي رهيا آهن سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته هي هزاره قوم سان ڪو پهريون واقعو ناهي ، هي شهيد ٿيندا رهيا ذڪر آل محمد لبيڪ يا حسين عليه سلام جا نعره بلند ٿيندا رهيا هي شهيد ٿيندا رهيا يزيديت کي پهريان جيان بي نقاب ڪندارهيا پر نه صرف بي نقاب پر انهن جا ساٿاري به ذڪر اهلبيت انهن کي خوار به ڪندو رهيو ، برحال هن وقت جيڪا خاص طور هزارا مغربي بائي پاس تي مرڪزي ڌرڻو 11 شهيدن جا لاش رکي احتجاجي ڌرڻو قائم ڪيو ويو آهي ان ڌرڻي ۾ معصوم ٻارڙا ،بزرگوار عورتون نوجوان نياڻيون بزرگ عزادار امام حسين عليه سلام سان گڏ اهل سنت ڀائرن جو به تمام وڏو انگ انهن جي ڏک ۾ شامل آهي ، جيڪڏهن هنن جي ڏک ۾ شامل ناهي ته رياست پاڪستان ، رياست مدينه جو تصور پيش ڪندڙ پاڪستان جو وزيراعظم جناب عمران خان ناهي ، ها ائين ته نه صرف پاڪستان مان پر پوري دنيا ۾ مذمت مذمت جا نعره گونجي رهيا آهن لکين  ماڻهون هر فقعي سان تعلق رکندڙ انسان پرست انهن شهيد مظلوم جي وارثن سان اظهار يڪجهتي ڪري رهيا آهن پر جيڪڏهن هن وقت تائين انهن مظلومن وٽ نه پهتو ته ملڪ جو وزيراعظم جناب عمران خان نه پهتو ، هن وقت سڄي ملڪ کي لاڪ ڪيو ويو آهي هر  ماڻهون مظلومن جي حمايت ڪرڻ لاء گهر ڇڏي روڊ رستن پريس ڪلبن تي اهتجاج ڪن پيا ۽ قومي شاهراهون مڪمل بند آهن ، جڏهن ته سياسي پارٽيون مذهبي ڪجهه تنظيمون پارٽيون  پڻ هنن مظلومن جي طاهرن مدد ڪري رهيا آهن خواه پوء انهن جا مقصد ڪهڙا به هجن  وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ مڇ سانحي تي اهم مشاورتي اجلاس ٿيو آهي، جنهن ۾ وزيراعظم جي امڪاني طور ڪوئيٽا روانگي تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جي وفاقي وزيرن ۽ سينيئر اڳواڻن شرڪت ڪئي، جتي وزيراعظم کي مڇ سانحي سميت ملڪي سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي ۽ وزيراعظم جي ڪوئيٽا دوري تي به مشاورت ڪئي وئي. ذريعن موجب اجلاس کي م سانحي جي هيل تائين جاچ جي حوالي سان به بريفنگ ڏني وئي ۽ متاثرن کي معاوضي جي ادائيگي تي به غور ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اڃا تائين وزيراعظم جي ڪوئيٽا روانگي جي حوالي سان ڪو حتمي فيصلو ناهي ٿيو، ممڪن آهي ته سيڪيورٽي خدشن سبب سندس روانگي جو وقت ڳجهو رکيو وڃي. ٻئي پاسي وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته مڇ واقعي تي سياسي بيان نه ڏيڻ گهرجن، وزيراعظم عمران خان ڪوئيٽا ضرور ويندو. شبلي فراز چيو ته  سانحي جَي ذميوارن کي ڪيفرِ ڪردار تائين پهچائڻ گهرجَي، ڪجهه ماڻهو سياست ڪري ڇڪتاڻ وارِي صورتحال پيدا ڪندا آهن، چاهيون ٿا ته مقتول پورهيتن جِي تدفين ڪئي وڃي، وزيراعظم عمران خان جِي صدارت ۾ اجلاس دوران مچ واقعي جِي جاچ ۾اڳڀرائي سميت ملڪ جِي مجموعي سڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي.وزيراعظم جَي ڪوئيٽا دورَي بابت فيصلو نه ٿي سگهيو  هزاره برادري جي بي گناهه ماڻهن قتل واقعي ۽ ڪوئيٽه ۾ لڳل ڌرڻي تي سنڌ سموري سوڳوار، مختلف شهرن ۾ شيعه توڙي ٻين تنظيمن جون احتجاجي ريليون، مظاهرا، ڌرڻا، روڊ بلاڪ، مزدورن جي خون سانانصاف ڪرڻ جو مطالبو ان سلسلي ۾ وڌيڪ تفصيلن موجب    نوشهروفيروز ۾پريس ڪانفرنس ڪندي شيعه رابطه ڪائونسل جي اڳواڻن غلام حيدر حيدري، سيدامتياز علي شاهه، سيد شفقت علي شاھ ۽ ٻين چيو ته  ھڪ سازش تحت شيعه برادري سان لاڳاپيل ھزارہ برادري کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو پيو وڃي، ھنن چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته دھشتگرد سيڪيورٽي ٽوڙي ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن کي انتھائي بي رحمي سان ماريو ويو پر حڪومت اڃا تائين خاموش تماشائي بڻيل آهي ۽ھڪ به دھشتگرد کي گرفتار ناھي ڪري سگھي نه ئي متاثرن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ ڪا موثر حڪمت جوڙي وئي آهي.راڻي پور سٽي پريس ڪلب م پڻ مولانا صفدرحسين ملاح ، ضمير حسين سومرو ، علي امداد لاڙڪ ساجد حسين ڪربلائي احسان علي سهتو منظور انصاري اسد علي وساڻ مهيوال مغيري پڻ سانحه مچ جي شهيدن جي وارثن سان اظهار يڪجهتي طور ڳالهائي بهترين ملڪي صورت حال ۽ هزاره ڪميونٽي تي مفصل روشني وڌي ۽ حڪومت وقت جي وزيراعظم ڪپتان کي مخاطب ٿيندي چيو ته هي مظلوم بي گناهه ماريا ويا آهن ڪنهن ماريا اها سڀنن کي معلوم آهي اهي قاتل دهشتگرد فوري گرفتار ڪيا وڃن ، جڏهن ته العمران ريسٽورنٽ تي راڻيپورسوڀوديرو خاڪي ، ڀيلار مجلس وحدت مسلم مين ، شيعه رابطا ڪائونسل خيرپورسيد جعفر شاه ، سنڌ جي ناليواري شيعه  رهنما مولانا سيد محسن علي نقوي  سنڌشيعا علماء ڪائونسل ، تحفط امام بارگاه جي اڳواڻ سماجي رهنما  حاجي زوار غلام حسين ملاح ، مولانا علي ڏنو سولنگي ، مولانا هادي بخش چنه مولانا لياقت حسين قمي ،مولانا دربان علي ، سماجي رهنا شيعه رهنما زوار برڪت بهشتي سوڀوديرو کان سيد جمن شاه ، پروفيسر روشن علي خاصخيلي ، اسلم شيخ ، علي جان  ، ارشد ملاح ، امداد سولنگي مريد سولنگي ظهور حسين ملاح پڻ هزارين عزادار امام حسين عليه سلام سان ڪري شهيدن جي وارثن  علماء پاڪستان جي حڪم تي لبيڪ چئي قومي شاهراه راڻيپور بندڪري ڇڏيو جتي هن وقت به سردي جي هوندي سوين عزادار اچي رهيا آهن جتي سٽي پريس ڪلب جا قلم ڪار براه راست سميت هر خبر کي بريڪ ڪري پنهنجو فرض اداڪري رهيا آهن   ھنڱورجا م مختلف شيعہ تنظيمن جي پاران  مسجد ابو طالب کان پريس ڪلب تاۂين  شيعہ اڳواڻ سيد محسن شاھ نقوي. مجاھد حسين سھتو. نثار لنڊجي اڳواڻي م احتجاجي ريلي ڪڍي قومي شاھراھ تي ڌرڻو ھنيو، وحدت المسلمين شهيدبينظير آباد جي ضلعي جنرل سيڪريٽري مولانا سجاد حسين محسني ، سيد ظفرعلي شاه ۽ غلام نبي شاه جي اڳواڻيءَ ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪيو ويو   ڌرڻي سبب سنڌ ،بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل رهي، برحال مان عرض ڪندس ته جيڪڏهن مان راڻيپور ڌرڻي جي ڳالهه ڪيان جيڪو سدائين تاريخي ڪردار ادا ڪندورهندو آهي  جڏهن قومي شاهراه بند ٿي ته ان وقت ڌنڌ جو به راج هو  موٽروي پوليس ڊي ايس پي ڀٽي ، ۽ انسپيڪٽر اصغر فوري ڪجهه موٽروي پوليس اهلڪار ساڻ ڪري ڪنهن نقصان کان بچڻ لاء سڄي رات جاڳندي گزاري ۽ ڌنڌ هئڻ ڪري رفليڪشن لائيٽ ، ۽ بورڊس هڻي هن ڌرڻي کي مڪمل سيڪيوئر ڪيو جيئن ڪا به گاڏي اڳتي ڌرڻي ۾ شامل شرڪائن ڏانهن وڌي نه سگهي ، مان عرض ڪندس ته سڄي پاڪستان جي صورت هال انتها؟ي خراب ٿي چڪي آهي ملڪ جي وزيراعظم جناب عمران خان کي اهرن بيان ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ، جيڪڏهن هن وقت ٿوري به چڻنگ ٻري پئي ته  اها هڪ وڏي باهه جي ڀڀڙ شعلو اختيار ڪري  ڪو ملڪ کي وڏو نقصان به ڏيئي سگهي ٿو ۽ بار بار ته هي باهرينم ملڪن جي سازس به آهي ڪجهه ملڪ جي اندر به نظر رکون ته آخر سيڪيورٽي هوندي به هزاره ڪميونٽي کي ئي ڇو ٿو شهيد ڪيو وڃي ، اهي ڪجهه اهم سوال آهن جن تي پاڪستان جي وزيراعظم سميت بين کي به سوچڻو پوندو  ان ڪري بليڪ ميل جو لفظ واپس وٺڻ گهرجي جن پاڪستان ٺاهيو اهي پاڪستان کي نقصان نه ٿا ڏيئي سگهن جن پاڪستان جي رياست جمهوريت کي دل سان ڪڏهين به تسليم ناهي ڪيو اهو گهڻو نقصان ڏيئي سگهي ٿو ان تي ڪڙي نظررکڻ به هن رياست جي تمام ادارن جي زميواري آهي                            

پهنجو تبصرو موڪليو