انڊونيشيا جي گم جهاز جو ملبو سمنڊ مان هٿ

جڪارتا(ويب ڊيسڪ)انڊونيشين عملدارن چيو آهي ته گم ٿي ويل جهاز جو ملبو ۽ انساني عضوا سمنڊ مان مليا آهن.پرڏيهي خابرو اداري موجب گذريل ڏينهن گم ٿي ويل انڊونيشين مسافر جهاز بوئنگ 797 جو ملبو ۽ انساني عضوا سمنڊ مان مليا آهن جنهن کي ڪڍيو ويو آهي، وري وجائيا ايئر جي جهاز ۾ عملي سميت 62 ماڻهو سوار هئا جن ۾ 10 ٻار به شامل هئا.جڪارتا پوليس جي ترجمان يسري خابرو ايجنسي کي ٻڌايو آهي ته وڏي پيماني تي سرچ آپريشن کانپوءِ اڄ صبح جو اسان کي ٻه بيگز مليا آهن، هڪ ۾ ڪنهن مسافر جو سامان هو جڏهن ته ٻئي ۾ انساني عضوا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو