اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آصف زرداري جا سڀئي ڪيس ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيا آهن.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي خلاف جعلي اڪائونٽس بابت سڀئي ڇهه6 ئي ڪيس ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن.جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ آصف زرداري جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي 12 جنوري2021 تي ٿيندي. 8 ارب روپين کان وڌيڪ شڪي ٽرانزيڪشن ڪيس ۾ اڳوڻي صدر جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن
