نئين سال جي شروع کان اسمارٽ فونز تي واٽس ايپ نه هلندو

نئين سال جي شروع کان اسمارٽ فونز تي واٽس ايپ نه هلندو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) مشهور واٽس ايپ پهرين جنوري 2021 کان لکين ڪروڙين فونن تي بند ٿي ويندي يا پوءِ ان جي ازالي جي لاءِ نون اسمارٽ فون جي آپريٽنگ سسٽم جي نئين ورزن جي ضرورت رهندي.خراب خبر اها آهي ته اوهان وٽ پراڻا ايپل ۽ اينڊرائيڊ فون اهڙا آهن جنهن کي ختم ڪري نوان فون خريد ڪرڻ کان علاوه هاڻ ٻيو ڪوبه  حل نه آهي. اهڙا فون هاڻ وڏي  تعداد ۾ سڄي دنيا ۾ استعمال ٿي رهيا آهن پر پهريان پراڻي آپريٽ سسٽم جو ذڪر ٿي وڃي. جيڪڏهن ڪو آءِ فون آءِ او ايس نائن يا ان کان به جديد ورزن تي ناهي هلي رهيو يا اوهان جو اينڊرائيڊ فون گهٽ ۾ گهٽ 4.0.3 ورزن يعني آئسڪريم سينڊوچ کان پوئتي آهي ته شايد واٽس ايپ کلڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏي. ان جو سڌو مطلب اهو آهي ته آءِ فون فور ۽ ان کان هيٺ جي سمورن ماڊلن تي واٽس ايپ بند ٿي ويندو ڇو ته هاڻ ان جو آءِ او ايس اپ گريڊ ٿي به آءِ او ايس 9 تائين نه پهچي سگهندو.ٻئي طرف آءِ فون فور ايس، آءِ فون فائيو، آءِ فون فائيو ايس، آءِ فون سڪس ۽ آءِ فون سڪس ايس جهڙا اسمارٽ فون ماڊل آءِ او ايس نائن جي  اجراءَ کان اڳ وڪرو ڪيا ويا پر ان ۾ سافٽ ويئر اپ ڊيشن جو امڪان موجود آهي ان لاءِ اوهان اڄ ئي  پنهنجي  فون کي اپ ڊيٽ ڪري وٺو. ٻئي طرف اينڊرائڊ فون وڏي انگ ۾ متاثر ٿيندا ڇو ته گهٽ قيمت هجڻ سبب هي فون سڄي دنيا ۾ مشهور آهن. پهرين جنوري 2021 سان گڏ ئي سام سنگ گليڪسي، ايس ٽو، ايڇ ٽي سي ڊيزائر ۽ ايل جي آپٽيمس بليڪ واٽس ايپ هلائڻ کان لاچار رهندا. هن وقت سڄي دنيا ۾ واٽس ايپ صارفين جو انگ 2 ارب کان وڌيڪ آهي ۽ ان جي اڪثريت هن سهوليت کان محروم نه ٿيندي پر هنن فونن تي واٽس ايپ بند ٿي سگهي ٿو.ايپل آءِ فون، ون کان فور تائين جا ماڊل، سام  سنگ گليڪسي ايس آءِ ٽو، ايڇ آءِ سي ڊيزائر، ايل جي آپيٽيمس بليڪ، موٽرولا ڊروئڊ ليزر ۽ 2010 کان اڳ رليز ٿيندڙ ڪوبه اينڊرائيڊ فون ٻيا اهي اسمارٽ فون جن جا نالا اسان اوهان کي ٻڌائڻ وارا آهيون انهن کي اپ ڊيٽ ڪري گهٽ ۾ گهٽ آءِ او ايس 9 يا پوءِ اينڊرائڊ او ايس 4.0.3 ورزن تائين کڻي وڃڻو پوندو. انهن جا نالا هي آهن:ايپل آءِ فون فور ايس، اءِ فون فائيو، آءِ فون فائيو ايس، آءِ فون سڪس، آءِ فون سڪس ايس، سام سنگ گليڪسي ايس تهري يا ان کان جديد فون، سام سنگ گليڪسي نوٽ، ايڇ ٽي سي سنسيشن، ايڇ ٽي سي تنڊر يونٽ موٽرولا ڊرونڊ، سوني ايڪسپيريا پرو. ياد رهي ته واٽس ايپ نئين پرائيوسي جي لاءِ ڪجهه شرطون به رکيون آهن  جنهن کي قبول ڪرڻ ضروري هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو