هندو ميرج ايڪٽ بابت آگهي سيمينار منعقد

هندو ميرج ايڪٽ بابت آگهي سيمينار منعقد

مٺي (ڊ ر)سماجي اداري ڍٽ (DDAT) پاران سنڌ هندو ميئريج ايڪٽ 2016 سيمينار ٿر گيسٽ هائوس مٺي ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ صحافين، سماجي اڳواڻن سميت شهرين شرڪت ڪئي سيمينار ۾ نامياري سماجي اڳواڻ ڪرشن شرما چيو ته سنڌ ۾ اڪثر خاندان قانون جي اڻڄائي جي ڪري موجوده قانون ۾ فائدو نٿا وٺي سگهن نتيجي ۾ گھريلو تشدد،خودڪشيون ۽ سماجي برايون جنم وٺن ٿيون، ننڍي عمر جي شادي ڪرڻ تي قانون لاڳو ٿي سگهي ٿو، هندو مئيريج ايڪٽ تحت شادي جو سرٽيفڪيٽ يونين ڪائونسل ۾ ٺهرائڻ لازمي آهي سرٽيفڪيٽ نه ٺهرائڻ جي صورت ۾ ڪئي مسئلا جنم وٺن ٿا سيمينار ۾ سماجي اڳواڻ ماما وشن ٿري، اشوڪ بختاڻي ،پرديپ ميگھواڙ،واپاري اڳواڻ امن گوماڻي! مورو مل، پرتاب ميگھواڙ، همير سورجاڻي، آڪاش هميراڻي ،قيمت سوراڻي، ثنا اللہ ڪنڀر،اميتاب ٻالاڻي،  ۽ ٻين سماجي، سياسي توڙي شهرين شرڪت ڪئي

پهنجو تبصرو موڪليو