ڪيليفورنيا جي اسمبلي ۾ دعا لاءِ مسلمان عالم مقرر

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن مسلمان عالم کي رياستي اسمبلي جو سرڪاري عهدي تي مقرر ڪيوويو آهي. ڪيليفورنيا قانونساز اسيمبلي ۾ مسلمانن جي امام محمد ياسر خان کي اسپيڪر انٿوني رينڊن سندس تقرري ڪئي آهي. جيڪو سال 22-2021ع واري سيشن لاءِ مقرر هوندو. اسيمبلي ۾ مذهبي اڳواڻ جو مک ڪردار سيشن جي شروع ۾ دعا گهرڻ هوندو آهي. هو مقامي ڪائونٽي جيل، پوليس جي آفيس ۽ اسپتالن ۾ گذريل ڇهن سالن کان مذهبي اڳواڻ جون ذميواريون ادا ڪندو رهيو آهي. هو اين جي او المصباح جو صدر به آهي. ياسر خان جو چوڻ آهي ته مون کي الله هي موقعو ڏنو آهي ان لاءِ خدا جو شڪر ادا ڪريان ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو