ڪورونا ڪيسن جو تعداد 4 لک کان مٿي وڌيڪ 67 فوت

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهو ٽو) پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ 4 لک کان مٿي ٿي چڪو آهي جڏهن ته ساڍن 4  مهينن  کانپوءِ  هڪ ڏينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ 67 ڪورونا مريض فوت رڪارڊ ٿيا.ڪورونا جي شماريات جي ويب سائيٽ مطابق پاڪستان ۾  گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 46هزار969 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن ۾ 2هزار458 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي جڏهن ته 67 مريض ڪورونا وائرس سبب مري ويا.گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪستان ۾   ساڍن چئن مهينن کانپوءِ هڪ ڏينهن ۾ فوتين جو انگ  سڀ کان وڌيڪ  رڪارڊ ڪيو ويو آهي ان کان اڳ 15 جولاءِ تي ڪورونا سبب  هڪ ئي ڏينهن ۾  67 ڪورونا مريض فوت رڪارد ٿيا هيا.سرڪاري پورٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا مثبت شرح 6 سيڪڙو رهي آهي.پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسن جي ڪل تعداد 4لک کان وڌي چڪي آهي ۽ ڪيسن جو ڪل تعداد 4هزار482 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته ڪورونا ڪيسن سبب فوتين جو تعداد 8هزار091 تائين پهچي چڪو آهي. ان کانسواءِ سڄي ملڪ ۾ 1هزار863 مريض 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا کان صحتياب ٿي چڪا آهن.سرڪاري پورٽل مطابق سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک 74هزار350 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته 2هزار935 ماڻهو هينئر تائين فوت ٿي چڪا آهن.پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک19هزار578 آهي ۽ 3هزار036 ماڻهو وائرس سبب فوت ٿي  ويا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 17هزار187 آهي ۽ فوتين جو  تعداد 167 ٿي ويو آهي.خيبر پختون خواهه ۾ڪيسن جو ڪل تعداد 47هزار 370 ٿي چڪو آهي  ۽ 1هزار369 مريض ڪورونا سبب  فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ڪيسن جو تعداد 6هزار933 ٿي چڪو آهي ۽ 169ڪورونا جا مريض  فوت ٿي ويا آهن.گلگت بلتستان ۾ هن وقت تائين ڪيسن جو تعداد 4هزار 658 آهي ۽ 97 ڪورونا مريض فوت ٿي چڪا وفاقي اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 30هزار406 آهي ۽ هن وقت تائين 318 ڪورونا مريض فوت ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو