او آءِ سي ڪشمير مسئلي لاءِ قرارداد منظور

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) اسلامي تعاون تنظيم او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل اجلاس۾  جمون ۽ ڪشمير مسئلي تي هڪ قرارداد منظور ڪئي وئي آهي . پرڏيهي آفيس موجب  قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته جمون ۽ ڪشمير تڪرار  7 ڏهائين کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي آهي.قرارداد ۾ چيو ويو ته ڀارت جي  5آگسٽ 2019 واري قدمن کي رد ڪجي ٿو ان قدمن جو مقصد مقبوضه علائقن ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ ۽ ڪشميرين کي ريفرنڊم سميت ٻين حقن کان محروم ڪرڻ آهي .او آءِ سي هندستان تي زور ڀريو آهي ته هو اقوام متحده جي فوجي مبصرن جي  گروپ جو ڪردار لائن آف ڪنٽرول تائين وڌائي۽  انهي ڳالهه کي يقيني بڻائي ته سمورا تڪرار بشمول جمون  ڪشمير سر ڪريڪ دريائن جو پاڻي سڀ مسئلاعالمي قانون ۽ ماضي جي معاهدن تحت حل ڪيا وڃن.قرارداد ۾ گڏيل قومن سميت عالمي برادري تي زور ڀريو ويو ته ، ڀارت جي قبضي هيٺ جمون ۽ ڪشمير جي صورتحال جي نگراني ڪري گڏيل قومن جو ادارو ۽ عالمي برادري کي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي .ان کانسواءِ سيڪريٽري گڏيل قومن اداري کي چيوته هن کي جمون ڪشمير لاءِ خاص نمائندو مقرر ڪرڻ گهرجي جيڪو مقبوضه ڪشمير ۾ معصوم ڪشميرين جي انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي مسلسل نگراني ڪري ۽ سيڪريٽري جنرل کي رپورٽ ڏي. وڌيڪ چيو ويو ته  او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل ، انساني حقن بابت ڪميشن۽ رابطو گروپ جمون ڪشمير بابت ڀارت سان ان معاملي تي ڳالهائي ۽ رپورٽ پيش ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو