ڀڳت ڪنور کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء ڪنور ڪانفرنس

جروار (رپورٽ محمد بخش گبول) جروار شهر ۾ ڀڳت ڪنور رام کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء ڪنور ڪانفرس جي نالي سان ڀڳت يادگار ڪاميٽي طرفان ڪانفرنس ڪوٺائي ويئي ڪانفرنس ۾ سنڌ جي اديبن تاج جويو ۽ ادل سومرو سميت سوين ماڻهن جي شرڪت اديبن پاران ڀڳت ڪنور رام جا گيت ڳائي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي جروار شهر ۾ پهرين ڀيري امر راڳي ڀڳت ڪنور رام کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء ڀڳت ڪنور رام يادگار ڪاميٽي طرفان ” ڪنور ڪانفرس” جي نالي سان ڪانفرنس ڪوٺائي وئي .ڀڳت ڪنور رام سان محبت ڪندڙ ٻين  اهڙو پروگرام ڪوٺايو جنهن ۾ امر راڳي ڀڳت ڪنور رام کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ڪانفرنس ۾ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي سيڪريٽري تاج جويو ۽ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي جي خيرپور جي سنڌي شعبي جي اڳوڻي چيئرمين  شاعر اديب ادل سومري سميت شاعرن اديبن دانشورن سميت هر مڪتبه فڪر جي ماڻهن شرڪت ڪئي جنهن ۾ ڀڳت ڪنور رام جي ياد تازي ڪري ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي ڪنور ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ادل سومري چيو ته ڀڳت ڪنور رام نه هندو هو نه مسلم هو ڪنور هندو مسلم مت ڀيد کان آزاد هو ۽ هو انسان پرست  ۽ سچو  ۽ صوفي ماڻهو هو جنهن “نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو” ڳائي انسانيت جو درس ڏنو هن چيو ته ڀڳت ڪنور رام کي هڪ سازش تحت شهيد ڪيو ويو هن وڌيڪ چيو ته جنهن ڀڳت ڪنور رام کي شهيد ڪيو ان جي به حالت ڪنهن کان لڪل ناهي هن چيو ته جروار جي دوستن کي جس هجي جو اهڙو پروگرام جروار ۾ ڪوٺايو هن وڌيڪ چيو ته ڀڳت ڪنور رام جتي به ڀڳتي ڳائيندو هو ته لکين ماڻهو پري پري کان ڪهي اچي ڀڳتي ٻڌندا هئا ۽ لطف اندوز ٿيندا هئا جروار واسين جا ڪروڙين احسان جو اهڙي پروگرام ۾ اسان کي به شريڪ ڪيو ڪانفرنس کي خطاب ڪندي تاج جويو چيو ته ڀڳت ڪنور رام تي تحقيق جي ضرورت آهي ڀڳت ڪنور رام هڪ صوفي انسان  هو پنهنجي مدر آواز ذريعي مقبوليت ماڻي ڀڳت ڪنور رام جي سڃاڻپ “نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو”ڪلام آهي ڀڳت ڪنور رام جتي به ڀڳتي ڳائيندو هو ته جيڪي به پئسا ملندا هئا اهي غريب ۽ مسڪينن ۾ ورهائي ڇڏيندا هئا ۽ اهڙي طرح غريبن جي خدمت ۾ مصروف عمل هئا ڀڳت ڪنور رام جي مٺڙي آواز کي رڪ اسٽيشن تي بند ڪيو ويو هن چيو ته ڀڳت ڪنور اڄ به اسان جي دلين ۾ زنده آهي هن وڌيڪ چيو ته ڀڳت ڪنور رام جروار جهڙي ننڍڙي ڳوٺ رهي عوامي خدمت ڪئي هن چيو ته اسان کي به ان جي ڏسيل واٽ تي عمل ڪرڻ گهرجي .آخر ۾ راڳ رنگ جي محفل پڻ ڪوٺائي وئي جنهن ۾ فنڪارن ڀڳتي ڳائي محفل مهڪائي ڇڏي

پهنجو تبصرو موڪليو