ڪراچي ٽرانسپورٽ، دنيا جو بدترين نظام قرار!

ليکڪ، ايڊوڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

پراڻي زماني ۾ گهوڙو ۽ اُٺ ٻهراڙي توڙي شهري ماڻهن لاءِ هڪ بهترين ۽ انمول سواري اسان ٻُڌي هئي ۽ اڄ کان لڳ ڀڳ 35-40 سال پهريان ته مون پنهنجي اکين سان چڱن ڀلن سرڪاري عملدارن کي گهوڙي تي سواري ڪندي ڏٺو هو، خاص ڪري آئون جڏهن پرائمري اسڪول ۾ پڙهندو هوس منهنجو شهيد بابا اسان کي انگريزن جي دؤر جو ٺاهيل پرائمري اسڪول گوري بنگله ۾ پڙهائيندو هُيو ۽ انهي اسڪول جي دؤر جو ٺاهيل هڪ شاندار بنگلو هوندو هو، جنهن کي گوري بنگلو جي نالي سان ڪوٺيو ويندو هو، انهي بنگلي جي ڀرپاسي ٻيون به شاندار عمارتون هيون، هڪ باغ به هو، جتي ڪڏهن ڪڏهن ڪي آفيسر گهوڙي تي سوار ٿي ايندا هئا، يا وري اڪثر ڪري (بگي) يعنيٰ گهوڙو گاڏي تي گهمڻ لاءِ ايندا هئا. اڄڪلهه ته انهي گوري بنگلي جا نشان ئي ختم ٿي چڪا آهن پر آئون وقتن بوقتن انهن پراڻين جائين ۽ اسان جي شروعاتي تعليم جي اسڪول وارين نشانين تي وڃي ننڍپڻ جي يادن کي تازو ڪرڻ ويندو آهيان، وقت جي تيز رفتار سان گڏوگڏ اڄ ته گهوڙي ۽ اٺ جي سواري اڻلڀ آهي، جيئن ئي دؤر ترقي ڪندو ٿو وڃي، تيئن ئي جديد ٽيڪنالوجي وارو دؤر عروج تي پهچڻ کانپوءِ جديد قسم جي گاڏين جو اچڻ عام ٿي ويو آهي،

Photo By writer

پوري ملڪ جي چئني صوبن مان جيڪڏهن پنجاب صوبي تي تبصرو ڪجي ته هو اڄڪلهه اهڙين جديد سهولتن جي لحاظ کان چار قدم اڳتي آهي ۽ اُتي عوام لاءِ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سهولتون ميسر آهن. تعليم، صحت، پوليس، قانون يعنيٰ هر قسم جو کاتو پنهنجي چيڪ اينڊ بئلنس ۾ آهي، ٻيو ته سڀ ڪجهه پنهنجي جاءِ تي پر حڪومت طرفان عوام جي سهولتن خاطر پنجاب جي ٽرانسپورٽ توڙي وڏن شهرن کان ويندي ننڍن ننڍن شهرن تائين روڊن جي سهولت جو ته ڪو مثال ئي ڪونه آهي، جنهن ڪري جڏهن به چئني صوبن جي سهولتن جو ذڪر ڪجي ٿو ته پنجاب صوبو اهڙين عوامي سهولتن ۾ ٻين صوبن کان اڳتي آهي.  جڏهن ته سنڌ جتي گذريل 12 سالن کان هڪ ئي سياسي جماعت جي هٿن ۾ آهي پر خبر ناهي ته جنهن به طرف نظر ٿي ڦيرائجي ته هاءِ گهوڙا جون دانهون لڳيون پيون آهن، بيروزگاري، مهانگائي، بدامني يعنيٰ عوامي سهولتن جو فقدان ئي فقدان ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي، هر آئي ڏينهن نوان نوان داستان پڙهي ٻڌي يقينن اُنهي سوچ جي گهرائي ۾ وڃڻ ٿئي ٿو ته آخر ڪڏهن اسان سڌريل معاشري جي صفن ۾ بيهنداسين؟ مجموعي طور ڏسجي ته اسان وٽ ٻيون ته سهولتون پنهنجي جاءِ تي پر ٽرانسپورٽ کان وٺي عوامي سفر لاءِ ٺاهيل روڊ ۽ رستا، جيڪي انسان جي روزمره جو حصو آهن سي سهولتون اڄ اڻلڀ آهن، ڪراچي کان وٺي ٿر جي ڪارونجهر تائين توڙي جو ڪوهستان کان ڪشمور تائين عوامي پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڪابه اهڙي سهولت موجود ڪونه آهي، جنهن سان عوام ڪو سستو سفر ڪري سگهي. گادي واري شهر ڪراچي جو ذڪر ڪجي ته اُتي حڪومت طرفان ڪابه پبلڪ ٽرانسپورٽ قابل تعريف ڪونه آهي، حالانڪه مختلف وقتن تي حڪومت طرفان اهڙا اعلان به ڪيا ويا ڪڏهن ميٽرو بس ته وري ڪڏهن ڪنهن ٽرين جو به اعلان ٻڌو پر عملي طور اڄ سوڌو ڪراچي جا شهري سُٺي ۽ اعتماد جوڳي ۽ سستي ٽرانسپورٽ کان محروم آهن، شهر اندر ذاتي گاڏين کان علاوه اُهي پرائيويٽ مني بسون يا 50 سالا ۽ مُني صدي پراڻيون ڪارون اڄ تائين ڪراچي واسين جو مقدر بڻيل آهن، جن تي هو سفر ڪري پنهنجي منزل ماڻين ٿا، ڪراچي اندر جيڪڏهن رڪشائن جو ذڪر ڪجي ته انهن جي تعداد جو اڄ تائين ڪو ڪاٿو نٿو لڳائي سگهجي، پر اڪثر رڪشا سفر ڪرڻ جي لائق ئي ڪونه آهن شهر اندر روڊن جي حالت ته ڪنهن کان به ڳجهي ڪونهي، سواءِ ڪراچي جي چند روڊن کان باقي گادي واري شهر جا روڊ ۽ رستا خراب صورتحال جو ڏيک ڏئي رهيا آهن، رڳو ڪراچي ئي نه پر سڄي سنڌ سونهاري جي ڪهڙي شهر جو ذڪر ڪجي، جتي ماکي جون نديون وهي رهيون هجن، هر هنڌ عوام بي يارو مددگار بڻيل آهن. سنڌ جي ٻئي وڏي شهر حيدرآباد جي حالت به يقينن ساڳي ئي آهي، هتي به حڪومت طرفان ڪابه پبلڪ ٽرانسپورٽ جي سهولت ڪونه آهي، حالانڪه هي اُهو شهر آهي، جيڪو سڄي سنڌ کي ڳنڍي ٿو، جيڪڏهن ڪنهن کي ٿر وڃڻو ٿو پوي ته ان جو گذر به حيدرآباد مان ئي آهي، جيڪڏهن لاڙ جي علائقن يا وري ڪاڇي ۽ ڪوهستان جا گس وٺجن ته انهن جو لنگهه به حيدرآباد مان ئي ٿئي ٿو، ساڳي ريت اتر جي شهرن سکر، مورو ۽ لاڙڪاڻي جو روٽ به حيدرآباد مان ئي آهي پر خبر ناهي ته اهڙي سينٽرل شهر ۾ به عوامي سستي سواري جو ڪوبه بندوبست اڄ تائين ته نظر ڪونه آيو آهي، ٿي سگهي ٿو ڪو ايندڙ نسل ڪي اهڙيون گهربل سهولتون ڏسي سگهي، پر موجوده حالتن مان اهڙي اميد نظر ڪونه ٿي اچي. حيدرآباد شهر اندر هونئن ته ڪافي پرائيويٽ ٽرانسپورٽ جا اڏا آهن، جن ۾ هالا ناڪا ۽ بدين اسٽاپ سرفهرست آهن، جتان روزانو هزارين پرائيويٽ گاڏيون مختلف روٽن تي هلن ٿيون ۽ روزانو جي بنياد تي پيش ايندڙ قدرتي واقعا معمول بڻيل آهن، جنهن جو اهم سبب پراڻيون گاڏيون ۽ روڊن جي سهولت نه هجڻ آهي، مون کي گذريل 12 سالن کان اڄ تائين صرف ٻه مکيه روڊ ٺهندي نظر آيا آهن، جن ۾ حيدرآباد کان ميرپورخاص تائين روڊ ته ٺاهيو ويو آهي ۽ ٻيو روڊ جيڪو حيدرآباد کان بدين تائين وڃي ٿو، جيڪو به اڄ سوڌو مڪمل ڪونه ڪيو ويو آهي، حالانڪه حيدرآباد کان ٻين مختلف روٽن تي جيڪي مسافر گاڏيون هلن ٿيون، انهن جي ڀيٽ ۾ هن ٻن روٽن تي حيدرآباد کان مسافر گاڏين جو هلڻ جنهن جو تعداد به نه ٿو لڳائي سگهجي، ساڳي وقت حيدرآباد کان ٺٽي ويندڙ گاڏين کي ڏسي افسوس ٿئي ٿو، ان سنگل لنڪ روڊ تي به ڏک ٿئي ٿو جيڪو طويل وقت کان نه ٺهي سگهيو آهي، جنهن روڊ تي حادثا معمول هجڻ کانپوءِ ڪنهن جي به اک ڪونه ٿي کُلي. اهڙي طرح حيدرآباد کان نڪرندڙ ٻاهرين روٽن جي ته نهايت افسوسناڪ صورتحال آهي پر ساڳي وقت شهر اندر هلندڙ لوڪل پرائيويٽ گاڏيون جيڪي مني بسون، رَڪشائون، سوزوڪيون توڙي جو فورسيٽر وغيره جيڪي يقينن سفر ڪرڻ جي لائق ئي ڪونه آهن، لکن جي تعداد ۾ رڪشا موجود آهن پر هزارن ۾ ڪو هڪ رَڪشا نئون هوندو باقي سڀ کٽارا رَڪشا ۽ گاڏيون هن شهر جي عوام لاءِ مقدر بڻيل آهن. حيدرآباد کانپوءِ بدين، ٺٽو، عمرڪوٽ، سانگهڙ، مٺي، ٽنڊو آدم، ٽنڊو باگو، مٽياري، ڇاڇرو، هالا يا ٻين شهرن اندر هلندر پرائيويٽ ٽرانسپورٽ جو ذڪر ڪجي ته ساڳي ئي صورتحال موجود آهي. سکر يا لاڙڪاڻو توڙي گهوٽڪي ڪشمور جي روٽن تي هلندڙ گاڏين ۽ روڊن جو حال ته ڏسي دل رت جا ڳوڙها ٿي ڳاڙي ۽ يقينن انهن علائقن کي ڏسندي اِهو سوچڻ تي به مجبور ٿيون ٿا ته آخر هتي ڪڏهن ۽ ڪهڙي صدي ۾ تبديلي ايندي، مسافر وينون جيڪي اسانجي سامهون روزانو موت جي منهن چڙهن ٿيون، ڪڏهن گئس سلينڊر ڦاٽي ٿو يا وري ڪڏهن ٽائر برسٽ ٿيڻ جا واقعا سامهون اچن ٿا، يا وري اِها خبر به اچي ٿي ته مسافر وين ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽيون کائي حادثي جو شڪار ٿئي ٿي، انهي سڄي مجموعي صورتحال جو ذميوار ڪنهن کي قرار ڏجي، گاڏين جو پراڻو هجڻ، روڊن جو فقدان ته پنهنجي جاءِ تي پر مون جڏهن انهي روٽن تي انهن ناقص روڊن مٿان پراڻين گاڏين ۾ وين اندر چار سيٽن جي جاءِ تي 5 ماڻهن کي ويهاري وري انهي کٽارا وينن جي ڇت تي به اٻوجهه ماڻهن کي چند ٽڪن جي لالچ ۾ ويهاري جڏهن اُهي نالائق وينن جا سيکڙاٽ ڊرائيور تعداد کان وڌيڪ ماڻهو کڻي سفر ڪن ٿا ته يقينن اُهي منظر به افسوس وٽان هوندا آهن ۽ هن حڪومت توڙي انتظاميه لاءِ به سواليه نشان هوندا آهن ته آخر اها ڪهڙي مرض جي دوي آهي!؟ نه ان جو پڇاڻو ٿي ڪري ته جيڪي هيڏو وڏو رسڪ کڻي انساني جانين سان چند پئسن عيوض کيڏي رهيا آهن، سالن کان وٺي سکر لاڙڪاڻي توڙي جو گهوٽڪي ۽ ڪشمور جي روٽن تي اهڙي قسم جو سفر جاري آهي، جتي انسانن کي حيوانن جيان ناقص گاڏين اندر واڙي  مٿان ۽ پاسن کان ماڻهو بيهاري سفر ڪرائين ٿا، حالانڪ ٽرانسپورٽ کاتو ۽ روڊ تي مقرر ٿيل اهلڪار به موجود آهن پر جڏهن ڪو پڇڻ وارو ئي نه هجي ته پوءِ اهڙي نااهل ڊرائيورن کان ڪير پڇاڻو ڪندو. جيڪڏهن اهڙن عملن ۾ ملوث ڊرائيورن خلاف ڪارروائي ڪري اهڙيون کٽارا گاڏيون چالان ڪيون وڃن ته پوءِ مجال آهي ڪنهن ڊرائيور جي، جيڪو ائين مسافرن کي جانورن جيان واڙي گاڏين ۾ ويهارين!تازو بلوم برگ ميگزين پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو هو ته ڪراچي ۾ عوامي ٽرانسپورٽ جو نظام دنيا جو بدترين نظام آهي. جتي اڌ کان وڌيڪ ٽريفڪ سگنل خراب آهن، ريڊ لائيٽ ٽوڙڻ معمول آهي، ميگا پروجيڪٽس جو اعلان ڪيو ويندو آهي پر عمل ناهي ٿيندو. advocateubedullah@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو