گستاخ خاڪا جھڙو حساس موضوع ھر سال يا ٻئي سال دنيا جي ڪنهن نه ڪنهن ملڪ ۾ اوچتو ڪر کڻندو آهي، جنهن کان پوءِ اسان وٽ احتجاجن جو ھڪ اڻ کٽندڙ سلسلو شروع ٿي ويندو آهي، خاص طور تي پاڪستان ۾ ھر موقعي تي سخت ردعمل سامهون ايندو رهيو آهي، مظاهرا جلسا ۽ جلوس نڪرندا آهن، پتلن کي باھيون ڏنيون وينديون آهن ۽ جنهن ملڪ ۾ اھا حرڪت ٿي ھوندي آھي، ان ملڪ سان ناتا ٽوڙڻ جا مطالبا ٿيندا آهن ۽ پوءِ خاموشي ڇانئجي ويندي آهي، اسان کي سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته گستاخ خاڪا گھڻو ڪري انھن ملڪن ۾ شايع ٿيندا نظر آيا آهن جتي جا رھاڪو اھل ڪتاب آهن، جيڪڏهن اھو عمل ڪنھن اھڙي ملڪ مان ٿيندو نظر اچي جن کي دھريو ڪوٺيو وڃي ٿو ته پوءِ ڪا ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي، پر جيڪڏهن اھل ڪتاب واري ۽ ڪنھن مذهب سان واسطو رکندڙ ملڪ جي ماڻهن پاران ڪا اھڙي گستاخي سامھون اچي ته پوءِ ان کي ڪنهن به صورت ۾ لا علمي قرار ڏيئي معاف ڪري نه ٿو سگهجي، اسان سمجهون ٿا ته اسان جا پڙھندڙ ان ڳالهه کان واقف ھوندا ته آمريڪا جي سپريم ڪورٽ ۾ حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جو نالو دنيا کي قانون ڏيندڙ شخصيت طور لکيل آهي، ھاڻي جڏھن دنيا کي قانون ڏيندڙ عظيم شخصيت آهي ته پوءِ جيڪڏھن ڪو ملڪ يا ان ملڪ جو شھري اھڙي حرڪت ڪري ته اھڙي شخص يا ملڪ کي ڪنهن به صورت ۾ معاف ڪري نه ٿو سگهجي، جيئن ته اسان جو مسئلو اھو آھي ته اسان ھر موقعي تي احتجاج ته ڪندا آھيون پر اھو احتجاج مظاھرن جلسن ۽ جلوسن کان پوءِ بنا ڪنهن نتيجي تي ختم ٿي وڃي ٿو، يعني انھن جلسن ۽ جلوسن جو ڪو کڙ تيل نه ٿو نڪري جيڪڏهن ماضي ۾ ٿيندڙ اھڙن واقعن خلاف اسان جي حڪومت پاران ڪنھن ملڪ خلاف تاديبي ڪاروائي ٿي وڃي ھا ته پوءِ شايد دنيا ۾ ڪنهن کي به اھڙي ھمت ڪرڻ جو خيال ئي نه اچي ھا، جيئن ته ھن وقت اھو واقعو فرانس ۾ پيش آيو آهي، جنهن ۾ فرانس جي صدر ميڪرون اسلام دشمن بيان ڏيئي سڄي دنيا جي مسلمانن کي ڪاوڙائي وڌو آهي، ھجڻ ته ائين گھرجي ھا ته جھڙي ريت پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان فرانس جي صدر جي بيان جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪئي آهي، اھڙي ريت سڄي دنيا جا مسلمان ملڪ ھڪ ئي وقت فرانس جي صدر جي مذمت ڪن ھا ۽ او آءِ سي پنھنجو سخت احتجاج رڪارڊ ڪرائي ھا، پر لڳي ٿو ته دنيا جي مسلمان ملڪن کي يورپ جي ملڪن ڪا اھڙي ننڊ جي گوري کارائي ڇڏي آهي، جو انھن جي اک ئي نه ٿي پٽجي، ھن ڀيري به پاڪستان ۾ احتجاجن وارو سلسلو شروع ته ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته لڳي نه ٿو ٻين مسلمان ملڪن ۾ اھڙي قسم جا احتجاج ٿيندا ۽ فرانس جي صدر کي معافي وٺڻ تي مجبور ٿيڻو پوندو، جيئن ته سينٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ گڏيل ٺھراءُ پاس ڪري مذمت ڪئي وئي آهي، ۽ فرانس جي سفير کي اھو مذمتي ٺهراءُ حوالي ڪرڻ جو به چيو ويو آهي پر جيئن ته چوندا آهن ته شينھن کي ڪير چئي ته تنھنجي وات ۾ ڌپ آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اھو واقعو ڪنھن ننڍي ملڪ ۾ پيش اچي ھا ته حڪومت ھڪ منٽ ۾ ان ملڪ جي سفير کي ملڪ مان نيڪالي ڏيئي ڇڏي ھا پر جيئن ته اسان ماضي ۾ فرانس کان ڪيترائي فائدا وٺندا رهيا آھيون جيڪو سلسلو اڄ تائين جاري آهي، مثال طور فرانس ھر سال 100 کان 150 ملين يوروز خيرات طور پاڪستان کي ڏيندو آھي، جڏهن ته پاڪستان ۾ غريبن جو ڏينھون ڏينهن وڌندڙ انگ ڏسي فرانسيسي سرڪار ان کي اڌ ملين يوروز تائين کڻي وڃڻ جو سوچي رھي آھي، ھاڻي جڏھن اسان جا غريب ماڻهو ۽ غريبن جي نالي تي ملندڙ خيرات تي جاوا ڪندڙ حڪمران ھجن اتي اھا ڪيئن اميد رکي سگهجي ٿي ته اسان جو ملڪ فرانس خلاف ڪا وڏي ڪارروائي ڪندو، اسان سمجهون ٿا ته ڪيڏو نه چڱو ٿيئي جو فرانس ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني احتجاجن فرانس کي ڇڏي پاڪستان واپس اچي وڃن جيڪا ڳالهه سوچي ته سگهجي ٿي پر مفادن جي ڪري ناممڪن آهي، ان ڪري اسان وٽ رڳو احتجاج ئي واحد رستو آهي، جيڪو اسان ھر ڀيري ڪري پنھنجو فرض پورو ڪريون ٿا، جيئن ته ربيع الاول جو ڀلارو مهينو ھلندڙ آھي ۽ ٻن ڏينهن کان سڄي ملڪ ۾ جشن عيد ميلادالنبي ملھايو ويندو، اھڙي موقعي تي اسان کي پاڪستان سرڪار تي دٻاءُ وجھڻ گھرجي ته اھا پاڻ کي بيانن تائين محدود نه رکي پر سڄي دنيا جي ملڪن کي ھڪ احتجاجي مراسلي سان گڏوگڏ ھڪ ياداشت نامو به ڏياري موڪلي، جنهن ۾ انھن ملڪن جي حڪومتن کي خبردار ڪيو وڃي ته اھي گستاخ خاڪن جي سلسلي ۾ سندن ملڪ ۾ الرٽ رھن ۽ اھڙي ڪا به ڪوشش ٿيڻ نه ڏين جنهن سان مسلمانن جي دل آزاري ٿيئي، ان ياداشت نامي ۾ اھا ڳالھ به واضح ٿيڻ گھرجڳ ته جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ اھڙي ڪا حرڪت ڪئي وئي ته پوءِ ان ملڪ جي حڪومت کي ذميوار قرار ڏيئي ان ملڪ سان سفارتي ناتا ختم ڪيا ويندا. اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن پاڪستان سرڪار اھڙو ياداشت نامو موڪلڻ جي ھمت ڪري ٿي ته ان جو مسلم امه تي وڏو احسان ٿيندو، اسان پاڪستان جي عالمن کي به اپيل ڪنداسين ته اھي دنيا جي ملڪن ۾ جيڪي مدرسا آهن انهن جي عالمن کي ڌار ڌار خط لکي انھن کي به ان مسئلي کان آگاھ ڪن ته آئينده اھڙي ڪنھن به ڪوشش جي صورت ۾ اھي به پاڪستاني عوام سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي احتجاج ۾ شرڪت ڪن، باقي ٽي وي چئنلز ۽ اخبارن ۾ احتجاجن جون تصويرون آڻڻ لاءِ احتجاج ڪرڻ ۽ پتلا ساڙڻ سان مسئلو ڪڏهن به حل نه ٿيندو ۽ گستاخ خاڪن وارو سلسلو رکي رکي سامھون ايندو ئي رھندو. جيئن ته فرانس هڪ امير ملڪ آهي سندس ساليانا ايڪسپورٽ ساڍا پنج سو ارب ڊالر آهي، جنهن مان اڌ ڪاروبار يورپ جي چند ملڪن سان آهي، مسلمان ملڪن سان سندس ڪاروبار چند ارب ڊالر جو آهي ۽ سندن مصنوعات جي بائيڪاٽ سان به ڪو خاص فرق نه پوندو. دنيا جي مسلمان ملڪن کي اقوام متحده جي فورم تي قانونسازي لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي. farooqburiro9@gmail.com










