ٻيٽن بابت وفاقي حڪومت جو اڻ چٽو موقف، عبدالفتاح عباسي

سنڌ جي ٻيٽن تي اقتداري جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف ( پي ٽي آءِ ) جو واضع ۽ چٽو موقف نه اچڻ ڪري اڄ پوري سنڌ جو عوام شديد غم ۽ غصي جو اظهار ڪري رهيو آهي، اها سنڌ جي سياسي، سماجي، ادبي، مذهبي جماعت پارٽي ناهي جيڪا سنڌ جي ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن جي مٿان ناجائز وفاقي قبضي تي ڪاوڙ جو اظهار نه ڪري پئي، هرهڪ سياسي، مذهبي جماعت کليل نموني سان اعلي اعلان ڪندي وفاق کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽ سنڌ صوبي جي ملڪيت آهن، سنڌ جو سرمايو ۽ اثاثو آهن، سنڌ جي انچ انچ جا وارث ۽ مالڪ سنڌي آهن، جيڪڏهن وفاقي حڪومت پنهنجي روايتي ڏاڍمڙسي تي لهي هروڀرو صوبن جي ملڪيتن تي ناجائز قبضا ڪندي رهندي ته پوءِ سنڌ جي اندر نه صرف سنڌ جي اندر قومپرست ڌريون جسقم سربراهه صنعان قريشي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه ، ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي، قومي عوامي تحريڪ سربراهه ايڊووڪيٽ اياز لطيف پليجو بلڪ سنڌ جو مذهبي جماعتون ۽ انهن جا لکين پيروڪار ۽ خود پاڪستان پيپلز پارٽي نه صرف حڪومت سنڌ بلڪ سطح تي پر هر ليول تي سنڌ جي عوام جي زبان ۽ آواز بڻجي قومي اسيمبلي کان سينيٽ جي ايوانن تائين گونجندي رهندي ڇاڪاڻ ته ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽ رڳو قومپرست ۽ مذهبي جماعتن جو اثاثو ناهن پر اهي انمول ۽ قيمتي اثاثا سنڌ جي ٻچي ٻچي لاءِ هڪ بي مثال سرمايو آهن، وفاق پنهنجي روايتي هٺ ڌرمي کان ڪم وٺڻ ڇڏي ڏي ۽ سنڌ جي عوام جي احساسات محرومين جو ازالو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته بهتر رهندو، موجودهه دور ۾ پي ٽي آءِ کي اهو ڪيئن سونهي ٿو ته هو پنهنجي ناڪام حڪومتي ڪارڪردگي ڏيکارڻ بجاءِ ويتر سنڌ جي ملڪيت تي قبضي جو سوچي رهي آهي، سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ جي معاملي ۾ نهايت حساس ترين آهن ۽ هو بحريا ٽائون جي بلڊرس ملڪ رياض جي مٿان پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ پاران زمين نڇاور ڪرڻ تي ڏکارا آهن، سنڌي ماڻهن جي سالن صدين کان اها وڏي ۾ وڏي خوبي ڪوالٽي رهي آهي ته هو ڪيڏا به ويڇا وڇوٽيون ڪاوڙ ڪروڌ هجن پر جڏهن ڪنهن به وقت ڌرتي جي مٿان يلغار جو وقت ايندو آهي ته پوءِ ڌرتي ڌڻي پنهنجا سمورا ويڇا وڇوٽيون وساري هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيندا رهيا آهن، جنهن جا مثال سنڌ دشمن منصوبي ڪالا باغ ڊيم، آدمشماري واري معاملي ۾ سنڌ جي وجود کي گهاوءُ ڏيندڙ ڪراچيءَ جي مانگر مڇ متحده جي پاليسين کي رد ڪرڻ سميت سنڌ جي مڙني معاملن تي سنڌ جو واضع ۽ چٽو موقف سنڌ جي عوام جي سگهاري آواز جو پڙاڏو وفاق کي سمجهڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته  اڳ ۾ به ڪيترائي جابر آمر غاضب آيا سنڌ جي وجود سان هٿ چراند ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا پر اهي پنهنجي موت پاڻ مري کپي ويا، انهن جو نالو نشان باقي نه رهيو آهي سنڌ پنهنجي محسنن عظيم ليڊرن کي هميشه ياد ڪندي رهندي آهي، هن وقت پوري سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي سنڌ ڌرتي سنڌي ماڻهن جو پنج هزار سالن کان تاريخي وطن آهي، سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جو قبضو سنڌ جي وجود تي وار آهي، سنڌ جو ٻچو ٻچو پرامن جمهوري جدوجهد ذريعي سنڌ دشمن قوتن خلاف اٿي کڙو ٿيو آهي، پهريان سنڌ حڪومت جو ڪهڙو به انداز بيان هيو پر گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ جهڙي طرح واضع ڪري ڇڏيو ته سنڌ جي حدن ۾ قائم قدرتي ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي اسان سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبر سنڌ جي عوام جي سراپا احتجاج ۾ سنڌي عوام سان گڏ آهيون، سنڌ جي سمورن قدرتي وسيلن جا سنڌي مالڪ ۽ وارث آهن، وفاقي حڪومت سنڌ کي پنهنجا جائز وسيلا ڏيڻ لاءِ سنڌ جي عوام جي احساسات محرومين جو خيال ڪندي سنڌ ۾ سوئي گيس، پئٽرول، ڪوئلو ۽ ٻين قدرتي معدني وسيلن جي لٽمار ڪندڙ ۽ سنڌ جي مقامي سنڌي ماڻهن بجاءِ ٻاهران آيل لوڌن کي انهن اسان جي ادارن ۾ اوليت جي بنياد تي روزگار ڏيڻ بجاءِ مقامي عوام کي نوڪريون اڳ ۾ ڏنيون وڃن جيئن سنڌ مان بيروزگاري جي پاڙ پٽجي سگهجي، سنڌ جي اندر شديد بک بيروزگاري، غربت، مفلسي، تنگدستي ۽ مهانگائيءَ غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، انهي لاءِ وفاقي سرڪار انڌي گهوڙي تي سوار ٿيڻ بجاءِ عوام جي احساسات جو خيال ڪندي محروميون ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري نه ته ويتر عوام مسئلن جو شڪار رهندو، جيڪڏهن ڪو به پراجيڪٽ ڪامياب ڪرڻو آهي ڪا به پلاننگ پائي تڪميل تائين منصوبه بندي تحت ڪرڻي آهي ته پوءِ انهي لاءِ ٻين کي آباد ڪري انهن کي روزگار مهيا ڪرڻ بجاءِ سنڌ جي سنڌي مقامي ماڻهن کي روزگار سميت سهولتون ڏنيون وڃن نه ته سنڌ جو عوام ڪراچي کان ڪشمور تائين سراپا احتجاج آهي ۽ رهندو.ڇاڪاڻ ته ڪڏهن به سنڌي ماڻهو پنهنجي ڌرتي جا مکيه ٻيٽ توڙي ٻين معدني وسيلن کي نيلام ڪرڻ جو ڪڏهن سوچي به نٿا سگهن بلڪ هر وک تي نه صرف مذمت پر مزاحمت جو اعلان ڪن ٿا، جنهن لاءِ ناليواري مشهور شاعر استاد علي گل چانڊيو پنهنجي شاعريءَ ۾ چئي ٿو ته ؛ھڪڙو ماڻھو سهڻو آھي
هڪڙو ماڻھو سهڻو ناهي
هڪڙو ماڻھو کلڻو آھي هڪڙو ماڻھو کلڻو ناهي
ڪوڪو ماڻھو مهل ملهائي
ڪوڪو ماڻھو شان وڃائي
سچو ماڻھو رهڻو آھي
ڪوڙو ماڻھو رهڻو ناهي
هڪڙو ماڻھو ديس بچائي
هڪڙو ماڻھو ديس کپائي
لوگهو ماڻھو جهڪڻو آھي
سوڀو ماڻھو جهڪڻو ناهي
هڪڙو ماڻھو دودو آھي هڪڙو ماڻھو شودو آهي
هڪڙو ماڻھو ڦرڻو آھي
هڪڙو ماڻھو ڦرڻو ناهي
ڪنهنجو ويو احساس مري آ
ڪنهن جي ويئي آس مري آ
ڪوئي سٿ ۾ هلڻو آھي
ڪوئي سٿ ۾ ھلڻو ناهي
هڪڙو حق تي قيدي آھي
هڪڙو ڊڄڻو گيدي آھي
هڪڙو حق تي مرڻو آھي، هڪڙو حق تي مرڻو ناهي

پهنجو تبصرو موڪليو