زندگي ۾ ڪاميابي لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي، امر قاسم جسڪاڻي

زندگي ۾ ڪاميابي لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي، امر قاسم جسڪاڻي

دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ اھم شئي ذھانت آھي. ھن دنيا جو ھڪ اصول آھي جيڪو جيترو وڌيڪ ذھين ھوندو اھو اوترو وڌيڪ ڪامياب ٿيندو. ذھانت جي باري ۾ فلاسافرن, سائنسدانن ۽ نفسيات جي ماھرن جا الڳ الڳ رايا آھن. ھتي وڌيڪ بحث ۾ پوڻ بجاءِ سادي ۽ سولي نموني ذھانت کي سمجھون ٿا. ذھانت جي معني آھي ڏاھپ, ھوش, ھوشياري, حاضر دماغي يا فڪري شعور. جيڪڏھن ذھانت جي وضاحت ڪجي تـ اھا ھن ريت ٿيندي تـ: ذھانت ھڪ اھڙي اھليت آھي جيڪا سکي, سوچي ۽ سمجھي ڪنھن نئين صورتحال کي منھن ڏجي ۽ پنھنجو حصول مقصد حاصل ڪجي.ھون تـ ذھانت جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا پر 1983ع ۾ نفسيات جي ماھر امريڪي سائنسدان ھاورڊ گارڊنر ذھانت جا نون قسم ٻڌايا:

1)  فطري ذھانت

2) لاجيڪل رياضياتي ذھانت

3) وجود بابت ذھانت

4) موزيڪل ذھانت

5) داخلي/ شخصي ذھانت

6) خارجي/باھمي ذھانت

 7) لفاظي/زباني ذھانت

8) خصوصي/ سپيشل ذھانت

9) جسماني چرپر جي ذھانت

دراصل عام طور تي ٻن قسمن جي ذھانت جي وضاحت ڪئي ويندي آھي جھڙوڪ: (1) فطري ذھانت: جيڪا قدرتي طور تي ماڻھو ۾ ٿيندي آھي يا وري موروثي طور تي ابن ڏاڏن  کان ورثي ۾ ملندي آھي, ھي ذھانت سکي پڻ حاصل ڪجي ٿي. (2) ھٿرادو ذھانت: ھن ذھانت جو بنياد ٽيڪنالاجي ۽ مشينري تي انحصاري ڪري ٿو. ھاڻ اچون ٿا تـ عادت ڇا آھي؟ اھڙو ورتاءُ يا سلوڪ جيڪو روز مرھ جي زندگي ۾ چاھيندي يا نـ چاھيندي ڪندا ھجون, مثال طور: ڏندڻ ڏئڻ, ماني کائڻ کان پھرين ۽ آخر ۾ ھٿ ڌوئڻ, مھمان سان ملڻ وغيرھ وغيرھ.. عادتون سٺيون بـ ھونديون آھن ۽ اڻوڻندڙ بـ ھونديون آھن اھو وري تربيت ۽ رھڻي ڪھڻي تي ھوندو آھي تـ ماڻھو کي جھڙو ماحول ملندو آھي ان جون عادتون اھڙيون ئي ٿينديون آھن ان لاءِ اسان کي بري ماحول ۽ ماڻھن کان پاسو ڪري سٺي ماحول ۽ ماڻھن سان ويجھڙائي رکڻي پوندي. ڪنھن ڏاھي چيو آھي تـ اوھان پنھنجي تقدير ۽ مستقبل ڪڏھن بـ نٿا بدلائي سگھو پر اوھان پنھنجون عادتون بدلائي سگھو ٿا ۽ اھي عادتون اوھان جو مستقبل۽ تقدير بدلائي سگھن ٿيون. ننڍيون ننڍيون سٺيون عادتون  وڏي کان وڏي منزل تي پھچائينديون آھن, تنھنڪري مستقبل ۽ تقدير بدلائڻ لاءِ عادتون بدلائڻ نھايت لازمي آھن جيڪي اوھان کي وڏي کان وڏو ۽ سٺي کان سٺو ماڻھو بڻائي سگھن ٿيون. دنيا ۾ ھر ماڻھو ڪامياب بڻجڻ چاھي ٿو پر گھڻائي انھن ماڻھن جي آھي جيڪي عادتون نٿا بدلائن. درحقيقت ڪامياب اھي ماڻھو ٿيندا آھن جيڪي پنھنجون پراڻيون يا فضول عادتون ڇڏي وقتائتيون ۽ لاڀائتيون عادتون اپنائن ٿا. زندگي ۾ پنھنجي وقت جو سھي استعمال ايترو تـ لازمي آھي جيترو زندھ رھڻ لاءِ آڪسيجن ضروري آھي. زندگي ۾ ھر شي جو بدل ھوندو آھي پر محنت جو ڪو بـ بدل ناھي ھوندو, مثال طور: اوھان چانهه ناھيو پيئندا تـ ڪافي پي سگھو ٿا, برياني ناھيو کائيندا تـ ماني کائي سگھو ٿا اھڙي طرح دنيا جي انيڪ عملن ۽ شين جو بدل موجود آھي پر ڪاميابي جي راھ ۾ محنت جو ڪو بـ بدل ناھي, محنت اھا واحد شي آھي جيڪا اوھان کي ڪرڻي آھي سو ڪرڻي پوندي. ياد رھي تـ محنت کان بغير منزل ڪڏھن بـ نٿي ماڻي سگھجي. ھن تيز ترين دنيا ۾ نڪمي ۽ سست ماڻھو لاءِ سواءِ ناڪامي ۽ خواري جي ڪا بـ جڳھ ڪونھي. نڪمي, سست ۽ واندي ماڻھو جو ھن جھان ۾ ھجڻ بـ درحقيقت ڌرتي تي ٻوجھ برابر آھي, تنھنڪري ھر ماڻھو کي پنھنجي وت ۽ وسيلن آھر جستجو ۽ جدوجھد ڪرڻ گھرجي. پاڻ کي بدلڻ لاءِ سٺيون عادتون اپنائڻ گھرجن, اھي ڪھڙيون عادتون آھن جن کي اپنائڻ سان ماڻھو ذھني طور مضبوط بڻجي سگھي ٿو؟. ھڪ دوست نعمت اللھ ميراڻي, ذھني طور مضبوط بڻائيندڙ 16 عادتن جو اڙدو ترجمو موڪليو ھيو جيڪو شايد ھن ڊان جي ويب سائيٽ تان کنيو ھو, انھن ذھني طور مضبوط بڻائيندڙ سورنھن عادتن جو سنڌي ۾ ترجمو ۽ وڌاري سان گڏ پيش ڪيان ٿو.

*ذھني طور مضبوط بڻائيندڙ 16 عادتون*

ذھني طور مضبوط ٿئيڻ ايترو آسان بـ نـ آھي جيترو توھان ۽ اسان سمجھندا آھيون پر ان لاءِ ڪافي وقت درڪار ھوندو آھي. روزانو مشق ڪري توھان پاڻ  کي ذھني طور مضبوط ۽ حقيقت پسند بڻائي سگھو ٿا. ياد رکو! تـ ذھني طور مضبوط فرد اھڙو ڪو بـ ڪم ناھن ڪندا جن سان انھن جو قيمتي وقت ضايع ٿئي يا ڪنھن ٻي شخص اڳيان شرمندا ٿئيڻو پوي. اچو تـ! انھن عادتن جي باري ۾ ڄاڻون جن سان پاڻ کي مضبوط شخصيت يا قوت ۽ حقيقت پسند بڻائي سگھجي.

1) جذبات ۽ منطق جي درميان توازن رکڻ.

ذھني طور مضبوط ماڻھو/فرد ان ڳالھ کي سمجھندا آھن تـ انھن جا جذبات انھن جي سوچ تي منفي اثر پيدا ڪري سگھن ٿا. ھو ھر ڪم ۾ مصليحت ۽ بھتر فيصلي ڪرڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪندا آھن جئين منطق ۽ جذبات جي درميان توازن برقرار رھي.

2، عميري رويا اپنائڻ.

فضول جواز پيش ڪرڻ يا بھانا ٺاھڻ ۽ ٻين ماڻھن جي شڪايت تـ ھر عام ماڻھو کي ھوندي آھي پر ذھني طور مضبوط ماڻھو اھڙا ھوندا آھن جو پنھنجو وقت غيرتعميري سرگرمين ۾ ڪڏھن بـ ضايع ڪرڻ ڪڏھن بـ پسند ناھن ڪندا. ھو پنھنجي ھر لمحي کي ڪنھن نـ ڪنھن بھتر سرگرمي ۾ استعمال ڪندا آھن. (ھتي منھنجي ذھن ۾ امداد حسيني جي نظم جو بند اري آيو آھي تـ: 

“وقت وڃائين مفت متان

قيمت لھڻي ھر ڪو پل”

3، تبديلي کي اپنائڻ جي صلاحيت تي اعتماد رکڻ. عام ماڻھو اڪثر ڪري ضدي ٿيندا آھن جيڪي ڪنھن بـ تبديلي کي اپنائڻ کان انڪار ڪندا آھن ۽ ائين ڪندي ھو گھڻو ڪجھ وڃائي ويھندا آھن پر ذھني طور مضبوط ماڻھو  وقت ۽ حالات سان پاڻ کي تبديل ڪري پنھنجي مرڪز يا منزل ڏانھن وڌندا رھندا آھن بجأ جو حالات ۾ ايندڙ تبديلي سان ٽڪرائي مزاحمت ڪري وقت وڃائيجي تنھنڪري ڇو نـ پنھنجي صلاحيت کي استعمال ڪري ان تبديلي سان گڏ گڏ منزل کي ماڻي وٺجي.

4،خوف جو مقابلو ڪرڻ. توڙي جو ذھني طور مضبوط ماڻھو کي خوف تي فتح حاصل ڪرڻ جي ضرورت محسوس نـ ٿيندي آھي تڏھن بـ ھو خوف کي منھن ڏئيڻ جي جرت رکندو آھي ڇاڪاڻ تـ ھو ٻين کي ڪجھ ڪري ڏيکارڻ ۾ يقين نـ رکندو آھي پر ھو تـ بس پنھنجي خاصيتن ۽ عادتن جو سھي استعمال ڪندو آھي تڏھن بـ ھو پنھنجي راھ ۾ ايندڙ ھر خوف جو بنا گھٻرائڻ جي مقابلو ڪندو آھي ۽ خوف کي بـ ڊيڄاري ڇڏيندو آھي. 

5) غلطين مان سبق سکڻ.اھو ماڻھو ڪڏھن بـ سٺو ڪم نٿو ڪري سگھي جيڪو غلطي نٿو ڪري ڇو تـ جيڪو ماڻھو ڪجھ نـ ڪجھ ڪندو اھو غلطي بـ ضرور ڪندو پر ذھني طور مضبوط ماڻھو ھر غلطي مان سکندو آھي تـ جئين مستقبل ۾ ٻيھر ان غلطي کان بچي سگھجي. ڪنھن ڏاھي چيو آھي تـ سکڻ واري لاءِ غلظيون بـ استاد جي مانند ھونديون آھن. ساڳي قسم جون غلطيون وري وري دھرائڻ بيوقوفي جي علامت ھونديون آھن.

6، ٻين جي ڪاميابي تي خوش ٿيڻ. ھن دنيا ۾ ڪيترن ئي قسمن جا ماڻھو رھن ٿا فطرتن ھر ماڻھو الڳ مزاج ۽ سوچ جو ٿئي ٿو. ذھني طور مضبوط ماڻھو پنھنجي اردگرد جي ماڻھن سان ملي جلي رھندا آھن. ھو ٻين جي ڪاميابين تي ساڙ يا حسد نـ ڪندا آھن پر ھو تھ دل سان انھن جي ڪاميابي جي تعريف ڪندا آھن.

7) پنھنجي صلاحيتن کي بھتر بڻائڻ تي توجھ ڏيئڻ. ذھني طور مضبوط ماڻھو پنھنجي پاڻ کي چمڪائڻ ۽ مڃرائڻ لأ ڪڏھن بـ فڪرمند نـ ھوندا آھن بلڪي اھي ان ڪوشش ۾ ھوندا آھن تـ ھر ممڪن حد تائين پاڻ کي بھتر بڻائن ۽ پنھنجون صلاحيتون وڌائن.

8) زندگي ۾ مشڪلاتن کي موقعو سمجھڻ.اڪثر زندگي ۾ مشڪلاتون ڪجھ ماڻھن کي تلخ لڳنديون آھن ۽ مايوس بڻائي ڇڏينديون آھن پر ذھني طور مضبوط ماڻھو اھڙي حالتن کي اڳيان وڌڻ جو موقعو تصور ڪندا آھن جيڪو انھن جي شخصيت ۾ نکار آڻيندو آھي. جيسيتائين ڪو بـ ماڻھو درد يا مشڪلات جي پيڙا مان نٿو گذري ايسيتائين مضبوط بڻجي نٿو سگھي.

9) ھر حال ۾ خوش رھڻ.ذھني طور مضبوط شخص ھر حال ۾ خوش رھندا آھن توڙي انھن کي ڪاميابي ملي يا ڇو نـ ناڪامي کي منھن ڏئڻو پوي پر ھو ھر حال ۾ خوش رھندا آھن ڇو تـ ھو خوش رھڻ کي ئي ڪاميابي سمجھندا آھن.

10) تحمل مزاجي رکڻ.اھڙا ماڻھو پنھنجي مقصد کي ماڻڻ لاءِ بي صبرا نـ ھوندا آھن پر صبر سان محنت جاري رکندا آھن ڇو تـ صبر جو ڦل مٺو ٿيندو آھي ھو پنھنجي ڪاميابي لاءِ ڪجھ عرصو تڪليفون برداشت ڪري داشت ڪري مقصد حاصل ڪري دائمي سڪون حاصل ڪري وٺندا آھن.

11) ھار نـ مڃڻ.ذھني طور مضبوط ماڻھو ناڪامي کي سفر جو اختتام ناھن سمجھندا پر ناڪامي کي سبق سمجھندا آھن ۽ ھر ناڪامي کانپؤ ٻيھر اڀرندا آھن ۽ ڪوشش ڪندا آھن. ائين ئي جئين رات جي انڌيري کي صبح جو روشن سج مات ڏئي ڏينھن کي جنم ڏيندو آھي.

12) حقيقت پسند سوچ رکڻ. اھڙا ماڻھو حق جي تلاش ۾ رھندا. ھو گگھ انڌيري ۾ بـ روشني جا ڪرڻا ڏسي وٺندا آھن ۽ انڌيرن ۾ روشني پيدا ڪرڻ جا ڄاڻو ھوندا آھن. ھو پنھنجي زندگي ۾ ڪڏھن بـ مايوس نـ ٿيندا آھن پر ھر وقت اميد جي شمع ٻاري رکندا آھن.

13) پنھنجي فيصلن جي ذميداري قبولڻ. ذھني طور مضبوط ماڻھو بلاوجھ پاڻ تي ترس ناھن کائيندا ۽ پاڻ کي ڪنھن غلط فيصلي تي بروڀلو ناھن چوندا پر پنھنجي ھر قدم جي مڪمل ذميداري قبول ڪندا آھن ۽ بھتر قد۾ کڻڻ جي ڪوشش ڪندا آھن.

14) ھر حال ۾ شڪرگذار رھڻ. ھر وقت گھڻي جي طلب لالچ جو جز آھي تنھنڪري ذھني طور مضبوط ماڻھو اعتراف ڪندا آھن تـ جيڪو ڪجھ آھي اھو بـ ضرورت کان وڌيڪ آھي ان لاءِ ھو پنھنجي ڌڻي جو شڪريو ادا ڪندا آھن.

15) مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ. ذھني طور مضبوط ماڻھو مسائل ۾ ٻڏڻ بجاءِ مسئلي جي حل ڳولڻ جي تلاش ڪندا آھن ڇو تـ سماجي زندگي ۾ مسئلا تـ ٿيندا رھندا آھن پر انھن تي پريشان ٿئيڻ بجاءِ انھن کي حل ڪرڻ ئي ڏاھپ ھوندي آھي.

16) پنھنجي ڪمزورين کي بھتر بڻائڻ.اڪثر ماڻھو پنھنجي ڪمزورين کي لڪائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا آھن پر ذھني طور مضبوط ماڻھو پنھنجي ڪمزوريون لڪائڻ بجاءِ انھن کي بھتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. ھر ماڻھو ۾ ڪا نـ ڪا ڪمي ضرور ھوندي آھي پر ذھني طور مضبوط ماڻھو پنھنجون ڪميو ۽ ڪوتاھيون تلاش ڪري انھن کي بھتر بڻائيندا آھن جئين ڪڏھن شرمندا نـ ٿئيڻو پوي. وقت سر پنھنجون ڪوتاھيون سڌارڻ بـ ڏاھپ جو ڏانءُ آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو