سنڌو درياهه ۾ لاٿ، ٻڏل ڳوٺن جو رابطو بحال نه ٿي سگهيو

سکر (جئيرام داس )سنڌو درياهه  ۾ پاڻي جي وھڪرن ۾ لاڳيتو لاٿ رڪارڊ ٿي رهي آهي پر اڳ ۾ ٻڏل ڪچي جا علائقا اڃا پاڻي هيٺ آهن ۽ ڪيترن ڳوٺن جو رابطو اڃا بحال نه ٿي سگهيو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران گڊو بيراج تي پاڻيء وھڪرن ۾ 9340 ڪيوسڪس، سکر بيراج تي 63340 ڪيوسڪس ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ 3ھزار  ڪيوسڪس پاڻي جي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. سکر جي ڪچي وارا علائقا بدستور پاڻي ۾ ٻڏل آهن. روھڙي جي ڪچي جي مختلف ڳوٺن راضي خان جاگيراڻي لکڻ خان جاگيراڻي نائب ڌاريو چوهڙ جتوئي ۽ ٻياڪيترائي ڳوٺن  پاڻي ۾ ڦاٿل زميني رابطوڪٽيل آهي. روھڙي تعلقي جي انتظاميا توڙي سکر ضلعي انتظاميا ڪي به امدادي اپاءَ ناهن ورتا ڳوٺاڻا سخت پريشان آهن. ڳوٺاڻن راضي خان جاگيراڻي وڏيرو نوردين جاگيراڻي منظور ۽ ٻين ٻڌايو ته گهرن ۾ پاڻي داخل ٿيڻ سبب  جهوپڙا جهري پيا آهن. ٻارڙن ۾ مختلف بيماريون پکڙجي ويون آهن ۽ ڪيترائي ٻارڙا پيٽ ۽ چمڙي جي بيماري ۾ وٺجي ويا آهن ڪجهه ڏينهن اڳ ڊي ايڇ او سکر جي حڪم تي زيرو پوائنٽ تي هڪ ڏينهن لاء نالي ماتر ڪئمپ لڳائي روھڙي تعلقي اسپتال جوايم ايس پرويز اختر ڪورائي فوٽو سيشن ڪرائي عملي سميت غائب ٿي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو