بد امنيءَ جي جن تي ڪنٽرول ڪير ڪندو؟ محمد فاروق ٻرڙو

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ بدامنيءَ جي ور چڙهيل آهي، خبر ناهي ته ڪو ڦودني ۾ ڦيرڦار ٿيو يا ڪي وٽ کوٽا آهن جو اسان جو معاشرو ھڪ ٻرندڙ جبل وانگر ڦاٽڻ جي ويجهو اچي پهتو آهي، جيڏانهن به نظر ڪجي ٿي ھر طرف کان ھانء ڏاريندڙ واقعا ٿيندا نظر اچن ٿا، جڏهن ته شريف ماڻهو ڏينهون ڏينهن پاڻ کي پاڻ مرادو آئسوليشن ۾ رکڻ لاءِ پوئتي پير ڪندو نظر اچي ٿو، يعني شر تيزي شرافت کي ٽياس تي ٽنگي رهيو آهي ساڃاھ وند ماڻهو ان سڄي صورتحال کي ڏسندي ھٿ مھٽڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪرڻ کان لاچار نظر اچن ٿا، سڄي ملڪ خاص طرح سنڌ ۾ ھڪ ٻئي پويان ٿيندڙ ڏکوئيندڙ واقعن بابت عوام ھڪ ٻئي کان سوال ڪرڻ شروع ڪيا آهن ته ھي سڀ ڪجھ ڇو ٿي رهيو آهي، آخر اسان جي معاشري کي تيزي سان لڳندڙ زخم ۽ اھي ناسور بڻيل ڦٽ ڪيئن چئي سگھندا ڇا ڪٿي ائين ته نه ٿيندو جو اسان جو سڄو معاشرو تيزيءَ سان وڌندڙ براين ۽ ناانصافين آڏو اوچتو ھٿيار ڦٽا ڪري بيھي رھندو ۽ اسان پاڻ کي دلوراءِ واري نگري ۾ بيٺل ڏسنداسين، اسان پنهنجي ڳالهه جي شروعات پنجاب ۾ ٿيل ان تازي واقعي کان شروع ڪريون ٿا جنهن ۾ چيو ويو آهي ته لاھور جي ڊفينس جي رهواسڻ ھڪ عورت موٽروي تي گجرانولا  ڏانهن وڃي رھي ھئي ته رستي ۾ ڪجهه جوابدارن سندس ڪار تي حملو ڪري سندس ئي ٻارن جي سامھون ھن جي لڄالٽ ڪئي ۽ فرار ٿي ويا، ان واقعي سڄي عمران سرڪار کي ٿرٿلي ۾ وجھي ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته اھا عورت ڪنھن غريب ڪٽنب سان واسطو رکندڙ نه ھئي، عورت سان ڏاڍائي ڪندڙ سگھارا ھئا يا ڪمزور تن جي پوليس ڳولا ڪري انھن مان ڪجهه جوابدارن جا ڊي اين اي مئچ ٿيڻ کان پوءِ کين گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته پوليس جون 14 ڌار ڌار ٽيمون نه رڳو وڌيڪ جوابدارن جي ڳولا ڪري رھيون آھن پر پوليس اھو به چيو آهي ته جنھن ھنڌ اھا واردات ٿي آهي ان جي آسپاس جي ٽن ڳوٺن جي سڀني مردن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪئي ويندي، اسان جي خيال ۾ ملڪي تاريخ ۾ ائين ڪڏهن به نه ٿيو آهي ته لڄالٽ جي ڪنهن واقعي جي جاچ لاءِ ھڪ ئي وقت 14 ٽيمن کي ميدان تي لاٿو ويو ھجي. (خبر ناهي ته هي معاملي کي اينگهائڻ لاءِ آهي يا ترت اڪلاءَ لاءِ، ڇو ته هفتو گذرڻ تي آهي پر اڃا تائين جوابدار گرفتار نه ٿيڻ سيڪورٽي ادارن جي ڪارڪردگي تي سوال ضرور اٿارين ٿا. سوشل ميڊيا تي غير تصديق ٿيل خبرن موجب ته هي واقعو عاصم سليم باجوا جي ملڪيتن واري ڪيس تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي).جنهن ھنڌ اھا واردات ٿي ھجي تنھن جي آسپاس جي ڳوٺن جي سڀني مردن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي وئي ھجي، شايد انھيءَ لاءِ ئي چوندا آهن ته ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿان، بھرحال جوابدار ھٿ ايندا يا اھو واقعو به ٻين واقعن وانگر عوام کان وسري ويندو.

file photo poster

ان ھوندي به مستقبل ۾ جيڪي ڪاروايون ٿينديون اھي ڏوھن جي دنيا ۾ رڪارڊ تي ضرور رھنديون ۽ جڏهن به اھڙي نوعيت جو ڪو ٻيو واقعو ٿيندو تڏهن ھر طرف کان اھا ئي گھر ڪئي ويندي ته ان نئين واقعي جي به ائين ئي جاچ ٿيڻ گهرجي جيئن موٽروي تي ٿيل واقعي جي جاچ ڪرائي وئي ھئي، اسانجي ملڪي معاشري ۾ تيزيءَ سان وڌندڙ وحشي پڻي ۽ لڄالٽ جي وڌندڙ واقعن تي جڏهن نظر ڦيرايون ٿا، تڏهن اسان کي اھا ڳالھ نظر اچي ٿي ته معصوم نياڻين ۽ نينگرن سان لڄالٽ ۽ بدفعلي وارن واقعن ۾ تيزيءَ سان واڌارو ٿيو آهي جنهن جا ڪھڙا سبب آھن تن سببن بابت شايد اڄ تائين ڪنھن سوچيو ئي ناهي، اسان جي ملڪ خاص طرح سنڌ ۾ ڪيئي يونيورسٽيون آهن جن ۾ سوشيالاجي، سائيڪالاجي ۽ ڪرمنالاجي جا سوين استاد مقرر آهن جن کي سرڪار ھر مھيني ڪروڙين رپين جون پگهارون ڏيئي ٿي، ھجڻ ته ائين گھرجي ھا ته اھي استاد پنهنجي فرصت وارن ڊگھن لمحن مان ڪجھ گھڙيون ڪڍي اسان جي ماڻهن کي اھا ڳالهه ٻڌائين ھا ته معاشري ۾ پيدا ٿيل ان خرابي جا اصل ڪارڻ ڪھڙا آھن ۽ انھن ڪارڻن جو خاتمو ڪھڙي ريت ڪري سگھجي ٿو، اسان کي ھيل تائين رڳو اھو ئي نظر آيو آهي ته جتي به اھڙو ڪو واقعو ٿيندو آهي ته وارثن کان وٺي عوام جي حلقن تائين سڀئي پوليس طرف ڏسڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، ۽ ھر ڪنھن جو اھو ئي زور ھوندو آھي ته جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ملڻ گهرجي يا جوابدارن کي سرعام ڦاهي تي ٽنگيو وڃي، عوام جو اھو رد عمل وقتي ھوندو آھي، جيئن جيئن وقت گذرندو آهي تيئن تيئن اھا ڳالهه عوام جي ذھنن تان لھي ويندي آھي، اسان جو عوام به ويسارو آهي، اھڙن واقعن جو مطالبو ڪرڻ وقت کين اھو ياد نه رھندو آھي ته ملڪي قانون ڇا ٿو چئي يا جيڪڏهن ڪو ڪيس ثابت به ٿي وڃي تڏهن به ان جوابدار کي وڌ ۾ وڌ ڪيتري سزا ملي سگهي ٿي، جڏهن ته پاڪستان ۾ سرعام ڦاهي ته پري جي ڳالھ آهي ھاڻ قتل جي مجرمن کي به ڦاهيون ڏيڻ کي تقريبن ختم ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته اسان جو ملڪ ڦاهي جي سزا عالمي ڪنوينشن تي صحيح ڪري چڪو آهي، ان سلسلي ۾ تازو مثال اھو به آهي ته ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ عمران فاروق جنهن کي لنڊن ۾ قتل ڪيو ويو ھو تنھن کي برطانيا سرڪار حڪومت جي اپيل تي پاڪستان حوالي ڪيو ويو آهي، انھن جي سزا کاڌل مجرمن کي ان بنياد تي پاڪستان حوالي ڪيو ويو آهي ته کين پاڪستان ۾ موت جي سزا نه ڏني ويندي، اھڙي صورتحال ۾ اھو ڪيئن ممڪن آهي ته ھاڻي ڪنھن به ڏوھاري کي عدالت پاران سنگين ڏوھ ۾ موت جي سزا ملڻ کان پوءِ به کيس ڦاهي تي چاڙهيو وڃي، بھرحال اسان وٽ ميڊيا جي ڪوڊ آف اِٿڪس موجب لڄالٽ جو شڪار ڪنھن عورت، ٻارڙي سان لڄالٽ يا نينگر سان بدفعلي ٿيڻ جي صورت ۾ ان ٻار، ٻارڙي يا عورت جي نالو ۽ تصوير ناھي شايع ڪرڻي جيڪو نينگر زيادتي جو شڪار ٿيو آهي اھو وڏو ٿيڻ کان پوءِ ڪنهن ڪاليج يا يونيورسٽي جو استاد، ڊاڪٽر يا انجنيئر ٿي سگهي ٿو جڏهن ته پرنٽ ميڊيا ۾ شايع ٿيل خبر يا رليز ٿيل وڊيو سڄي زندگي ان نينگر جو پيڇو ڪندي رهندي، اھڙي ريت جنهن ٻارڙي سان ظلم ٿيو آهي اھا به اڳتي هلي اسان جي معاشري جو ڪارائتو فرد ثابت ٿي سگهي، ان ڪري اھڙن واقعن جي تصوير يا نالا لکڻ وارو اسان جي نظر اوترو ئي ڏوھاري آھي جيترو ان ڏوھ جو مک جوابدار ڏوھاري آھي، بھرحال اسان جي ھر ماڻھو کي اھڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، تڏهن ئي اھڙن واقعن کي ٻنجو اچي سگهي ٿو، اھڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ پوليس يا ٻيو ڪو به ادارو ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهي، جيئن ته ھر مرض جو علاج ڪرڻ کان اڳ ان جا سبب معلوم ڪيا ويندا آهن، جيستائين اسان ڪنھن مرض جا سبب معلوم نه ڪنداسين تيستائين ان مرض جو علاج ڪرڻ ممڪن نه ٿيندو. اسان جي خيال ۾ اسان جي معاشري ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سان ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتين جا به ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، مثال طور اسان پنھنجن گھرن ۾ ھر ڪنھن جي ھٿ ۾ موبائل فون سيٽ ته ڏيئي ڇڏيو آهي پر ڇا اسان ڪڏهن اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اسان جا ٻار ان موبائل فون سيٽ ذريعي ڪھڙي دنيا جو سير ڪري رهيا آهن ۽ اھا دنيا انھن جي جذبن کي ڪيترو متاثر ڪري رھي آھي، ساڳئي طرح معاشي اڻ برابري گھرن ۾ ننڍن ٻارڙن کي پيار نه ملڻ جي ڪري انھن ٻارڙن جو گھر کان ٻاهر ڪنھن به شخص جا پيار مان ڳالھايل ٻه لفظ انھن کي فورن ان ماڻهو ڏانھن ڇڪڻ ۾ دير نه ٿا ڪن ساڳئي طرح اسان جا ٻار وقت کان اڳ جوان ٿي رھيا آھن، جنهن بابت شايد اسان غافل آھيون بھرحال اسان ملڪ خاص طرح سنڌ ۾ ٿيندڙ جنسي ڏوھن بابت اسان جي سماج جي مختلف حلقن کي سرجوڙي نه رڳو ويھڻ گھرجي پر حڪومت کي به ان سلسلي ۾ مختلف طبي، نفسياتي ڪرمنالاجي جي ماھرن تي ٻڌل گروپ جوڙي اھا ڄاڻ حاصل ڪرڻ گهرجي ته انھن واقعن جي روڪٿام لاءِ ڪھڙا اپاءَ اختيار ڪرڻ اشد ضروري آھن ۽ عوام جي رھنمائي لاءِ ڪھڙا طريقا اختيار ڪيا وڃن ته جيئن جيترو ممڪن ٿي سگهي اھڙن ڏوھن جو وقت سر خاتمو ٿي سگهي،

پهنجو تبصرو موڪليو